Logótipo YouVersion
Ícone de pesquisa

يوحنا 3

3
يسوع مسيح ۽ نيڪديمس
1نيڪديمس نالي هڪڙو فريسي هو، جيڪو يهودين جي ڌرمي اڳواڻن مان هڪ هو. 2هڪ رات هو يسوع وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سوامي! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين ايشور جي طرفان گرو ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين ايشور ساڻس نہ هجي.“ 3تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين ايشور جو راڄ ڏسي نہ سگھندو.“ 4نيڪديمس چيس تہ ”ڪو ماڻهو وري ٻيهر ڪيئن پيدا ٿي سگھندو؟ اهو بلڪل ناممڪن آهي جو هو ٻيهر ماتا جي پيٽ ۾ وڃي ۽ وري پيدا ٿئي.“ 5تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۽ پوِتر آتما مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اهو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. 6انسان شرير جي لحاظ کان پنهنجي ماتا پتا مان پيدا ٿيندو آهي، پر آتمڪ لحاظ کان پوِتر آتما مان پيدا ٿئي ٿو. 7تون انهيءَ ڪري عجب نہ کاءُ جو مون تو کي چيو تہ اوهان سڀني کي نئين سر پيدا ٿيڻ گھرجي. 8جهڙيءَ طرح #3‏:8 هوا... آتما هنن ٻنهي لفظن لاءِ يوناني ٻوليءَ جي اصلي متن ۾ هڪڙو ئي لفظ استعمال ٿئي ٿو جنهن مان هي ٻئي مطلب نڪرن ٿا.هوا کي جيڏانهن وڻي ٿو تيڏانهن گھُلي ٿي ۽ سندس آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر سڌ نہ ٿي پوي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح جيڪو پوِتر آتما مان پيدا ٿيو آهي سو بہ ائين ئي آهي.“ 9تنهن تي نيڪديمس پڇيس تہ ”اهو ڪيئن ٿي سگھندو؟“ 10يسوع وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو گرو آهين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آهي؟ 11آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالهايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آهي، تنهن جي شاهدي ڏيون ٿا. پر اوهان مان ڪوبہ اهڙو نہ آهي جيڪو اسان جي شاهدي قبول ڪري. 12آءٌ اوهان کي هن سنسار جون ڳالهيون ٿو ٻڌايان، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. پوءِ اوهين ڪيئن يقين ڪندا جڏهن آءٌ اوهان کي آڪاش جون ڳالهيون ٻڌائيندس؟ 13ڪوبہ آڪاش ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آڪاش مان آيو آهي، يعني منش‌پتر.
14 # ڳا 21‏:9 جيئن موسيٰ رڻ‌پٽ ۾ پتل جي نانگ کي مٿي چاڙهيو، تيئن منش‌پتر بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو، 15انهيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي تنهن کي امر جيون ملي.“
16ڏسو، ايشور سنسار سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس امر جيون ملي. 17ايشور پنهنجو پٽ سنسار ۾ انهيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ هو سنسار کي پاپي قرار ڏئي، پر انهيءَ لاءِ موڪليائين تہ هن جي ئي وسيلي سنسار کي مڪتي ملي.
18جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، پر جيڪو وشواس نہ ٿو آڻي تنهن لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو اڳي ئي جاري ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جي اڪيلي پٽ تي وشواس نہ آندو. 19انهيءَ فيصلي جو سبب هي آهي تہ روشني سنسار ۾ آئي پر ماڻهن روشنيءَ کان وڌيڪ اونداهيءَ کي پسند ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندن ڪم بڇڙا هئا. 20جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون. 21پر جيڪو سچ تي هلي ٿو سو روشنيءَ ڏانهن اچي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ سندس ڪم ظاهر ٿين، جيڪي هن ايشور جي مرضيءَ موجب ڪيا آهن.
يسوع مسيح ۽ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو
22ان کان پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سميت يهوديہ جي ٻئي علائقي ۾ آيو، جتي هو ساڻن گڏ رهيو ۽ ماڻهن کي بپتسما ڏيڻ لڳو. 23هوڏانهن يوحنا بہ شاليم جي ويجھو عينون ۾ بپتسما ڏيئي رهيو هو، ڇاڪاڻ تہ اتي پاڻي گھڻو هو. ماڻهو وٽس آيا پئي ۽ هن کين بپتسما پئي ڏني. 24#مت 14‏:3، مر 6‏:17، لو 3‏:19‏-20 ان وقت تائين يوحنا کي جيل ۾ نہ وڌو ويو هو.
25يوحنا جي ڪن چيلن جو هڪ يهودي اڳواڻ سان پوِترتائيءَ جي رسمن بابت بحث ٿيو. 26سو اهي يوحنا وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي گرو! جيڪو ماڻهو اردن درياءَ جي هُن ڀر اوهان سان گڏ هو ۽ جنهن بابت اوهان شاهدي ڏني هئي، سو هاڻي ماڻهن کي بپتسما ڏيئي رهيو آهي ۽ هر ڪو انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.“ 27تنهن تي يوحنا جواب ڏنو تہ ”ڪوبہ ماڻهو تيستائين ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي، جيستائين کيس ايشور وٽان نہ ڏنو وڃي. 28#يو 1‏:20 اوهين خود شاهدي ڏيئي سگھو ٿا تہ مون چيو هو تہ ’آءٌ مسيح نہ آهيان، پر آءٌ انهيءَ کان اڳ موڪليل آهيان.‘ 29گھوٽ اهو آهي جنهن جي ڪنوار آهي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي ٿو، سو انهيءَ تي ئي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انهيءَ گھوٽ جو دوست آهيان ۽ هاڻي منهنجي خوشي پوري ٿي آهي. 30اهو ضروري آهي تہ هو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“
ايشور جو پٽ آڪاش کان آيل آهي
31جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي. جيڪو سنسار سان واسطو رکي ٿو سو سنسار جو آهي ۽ سنسار جون ئي ڳالهيون ڪري ٿو. بيشڪ جيڪو ايشور وٽان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي. 32هن پاڻ جيڪي ڪجھہ اتي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، تنهن جي ئي شاهدي ڏئي ٿو، پر سندس شاهدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري. 33جڏهن تہ جنهن بہ ماڻهوءَ اها شاهدي قبول ڪئي، تنهن اها تصديق ڪئي تہ ايشور سچو آهي. 34بيشڪ جنهن کي ايشور موڪليو آهي سو ايشور جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ايشور کيس پنهنجي آتما بي‌حساب بخشي ٿو.
35 # مت 11‏:27، لو 10‏:22 پتا پٽ سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس. 36جيڪو بہ پٽ تي وشواس آڻي ٿو، تنهن کي امر جيون مليل آهي. پر جيڪو پٽ کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اهو جيون ڪڏهن بہ نہ ملندو، اٽلندو ايشور جو ڏمر مٿس رهي ٿو.

Atualmente selecionado:

يوحنا 3: HSB

Destaque

Partilhar

Copiar

None

Quer salvar os seus destaques em todos os seus dispositivos? Faça o seu registo ou inicie sessão