Logótipo YouVersion
Ícone de pesquisa

پيدائش 6

6
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن زمين تي ماڻهو وڌڻ لڳا، ۽ انهن مان ڌيون پيدا ٿيون، 2تڏهن خدا جي پٽن ماڻهن جي ڌيئرن کي ڏٺو تہ اهي سهڻيون آهن، ۽ انهن مان جنهن کي جيڪا وڻي، سا هن پنهنجي زال ڪئي. 3تڏهن خداوند چيو تہ منهنجو روح انسان ۾ هميشہ ڪين رهندو، ڇو تہ هو بشر آهي؛ تڏهن بہ هن جي عمر هڪ سؤ ويهہ ورهيہ ٿيندي. 4تن ڏينهن ۾ زمين تي راڪاس هئا، پوءِ جڏهن خدا جا پٽ ماڻهن جي ڌيئرن وٽ ويا، تڏهن انهن مان اولاد پيدا ٿيو، اهي ئي قديم زماني جا ناليرا پهلوان آهن.
5پوءِ خداوند ڏٺو تہ انسان جي بڇڙائي زمين تي وڌي ويئي آهي، ۽ هن جي دل جو هرڪو خيال ۽ تصور بہ سدائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. 6تڏهن خداوند زمين تي انسان کي پيدا ڪرڻ کان پشيمان ٿيو ۽ دل ۾ رنج ٿيس. 7۽ خداوند چيو تہ جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي، تنهن کي آءٌ زمين تان مٽائي ڇڏيندس، انسان توڙي حيوان کي، سرندڙ جيتن توڙي هوا جي پکين کي، ڇو تہ آءٌ کين پيدا ڪرڻ کان پشيمان ٿيو آهيان. 8پر نوح تي خدا مهربانيءَ جي نظر ڪئي.
9نوح جو نسب نامو هن ريت آهي. نوح پنهنجي زماني ۾ راستباز ۽ بي ڏوهي هو. ۽ نوح خدا سان گڏ هلندو هو: 10نوح کي سم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. 11پر زمين خدا جي نظر ۾ بگڙيل ۽ ظلم سان ڀريل هئي. 12۽ خدا زمين تي نظر ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هوءَ بگڙجي پيئي آهي؛ ڇالاءِ جو زمين تي هر ڪنهن شخص پنهنجي هلت چلت خراب ڪري ڇڏي هئي.
13پوءِ خدا نوح کي چيو تہ منهنجي نظر ۾ سڀني ساهوارن جي پڄاڻي اچي پهتي آهي؛ ڇالاءِ جو انهن جي ڪري زمين ظلم سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ ڏس آءٌ انهن کي زمين سان گڏ تباهہ ڪندس. 14تون ديال جي ڪاٺ مان پنهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي ٺاهہ، ۽ انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڌار ڌار ڪوٺيون ٺاهہ، ۽ ٻيڙيءَ کي اندران ۽ ٻاهران رال لڳاءِ. 15اِها ٻيڙي اهڙيءَ طرح ٺاهج جو انهيءَ جي ڊيگهہ ٽي سؤ هٿ، ۽ ويڪر پنجاهہ هٿ ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ ٿئي. 16۽ ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي دري بہ ٺاهج، ۽ مٿان کان وٺي هڪ هٿ تي آڻي پوري ڪج، ۽ انهيءَ جي پاسي ۾ ٻيڙيءَ جو در رکج، ۽ انهي ۾ ٽي طبقا ٺاهج؛ پهريون سڀ کان هيٺ، تنهن جي مٿان ٻيو ۽ ٽيون. 17۽ ڏس آءٌ خود زمين تي پاڻيءَ جو طوفان ٿو آڻيان، تہ آسمان جي هيٺان جيڪي ساهوارا آهن، تن سڀني کي برباد ڪريان، ۽ جيڪي بہ زمين تي آهن، سي سڀ مري وڃن. 18پر آءٌ تو سان پنهنجو عهد قائم ڪندس؛ تون، تنهنجا پٽ، تنهنجي زال ۽ تنهنجن پٽن جون زالون اچي ٻيڙيءَ ۾ رهو. 19۽ سڀني جانورن مان ٻہ ٻہ تون پاڻ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ آڻج تہ اهي تو سان گڏ جيئرا رهن، اُهي نر ۽ مادي هجن. 20پکين مان هر ڪنهن قسم جا ٻہ، جانورن مان هر ڪنهن قسم جا ٻہ، ۽ سرندڙ جيتن مان هر ڪنهن قسم جا ٻہ تو وٽ اچن، تہ اهي جيئرا رهن. 21۽ سڀ ڪنهن قسم جو کاڌو، جو کائبو آهي، سو کڻي پاڻ وٽ گڏ ڪر، تہ اهو تنهنجي ۽ هنن جي لاءِ خوراڪ ٿئي. 22سو نوح ائين ئي ڪيو، ۽ جيڪو بہ حڪم خدا ڏنو هوس، سو بجاءِ آندائين.

Atualmente selecionado:

پيدائش 6: SB62

Destaque

Partilhar

Copiar

None

Quer salvar os seus destaques em todos os seus dispositivos? Faça o seu registo ou inicie sessão