1
يوحنا 24:5
Common Language New Testament
آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منھنجو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ مٿس سزا لاڳو نہ ٿيندي، ڇاڪاڻتہ ھو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آھي.
तुलना
अन्वेषण गर्नुहोस् يوحنا 5:24
2
يوحنا 6:5
جڏھن عيسيٰ کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ ھو گھڻي وقت کان وٺي اھڙي حال ۾ آھي، تڏھن چيائينس تہ ”ڇا تنھنجي مرضي آھي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“
अन्वेषण गर्नुहोस् يوحنا 5:6
3
يوحنا 39:5-40
اوھين پاڪ لکتون انھيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙھو، جو اوھان جو خيال آھي تہ انھن ۾ اوھان کي دائمي زندگي ملندي ۽ اھي پاڪ لکتون ئي منھنجي شاھدي ڏين ٿيون. تڏھن بہ اوھين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ.
अन्वेषण गर्नुहोस् يوحنا 5:39-40
4
يوحنا 8:5-9
عيسيٰ چيس تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.“ تڏھن ھڪدم اھو ماڻھو ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو ۽ پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. اھو سبت جي ڏينھن تي ٿيو.
अन्वेषण गर्नुहोस् يوحنا 5:8-9
5
يوحنا 19:5
پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِجو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.
अन्वेषण गर्नुहोस् يوحنا 5:19
होम
बाइबल
योजनाहरू
भिडियोहरू