نڪي مون پاڻ کي انهيءَ لائق سمجھيو جو اوهان وٽ اچان. پر اوهين اُتان ئي رڳو حڪم ڪندا تہ منهنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو. ڏسو، آءٌ پڻ ٻين جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان بہ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر‘ تہ هو ڪندو.“ عيسيٰ اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو ايمان بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو آهي.“