هڪ دفعي عيسيٰ ڪنهن شهر ۾ ويو جتي هڪ ماڻهو ڪوڙهہ جهڙي مرض سان ورتل هو. هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منهن ڀر ڪري منٿون ڪندي چيائينس تہ ”اي سائين! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ ڪري سگھو ٿا.“ سو عيسيٰ پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو. تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم سندس ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو.