لوقا 3

3
يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي تبليغ
(متي ۱‏:۳‎–۱۲، مرقس ۱‏:۱‎–۸، يوحنا ۱۹‏:۱‎–۲۸)
1تبريس قيصر جي حڪومت جو پندرھون سال ھو. انھن ڏينھن ۾ يھوديہ جو گورنر پنطيس پلاطس ھو ۽ گليل جو حاڪم ھيروديس ھو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جو حاڪم ھيروديس جو ڀاءُ فلپس ھو. ابلينيءَ جو حاڪم لسانياس ھو، 2۽ حنا ۽ قائفا سردار ڪاھن ھئا. انھن ڏينھن ۾ خدا جو ڪلام ذڪريا جي پٽ يحيٰ تي رڻ⁠پٽ ۾ نازل ٿيو. 3ھو اردن درياءَ جي چوطرف ساري علائقي ۾ ويو ۽ ماڻھن ۾ تبليغ ڪيائين تہ ”توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوھان کي پنھنجن گناھن جي معافي ملي.“ 4#يس ۳‏:۴۰‎–۵ جيئن يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ
”رڻ⁠پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ
’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو.
ھن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.
5سڀڪا ماٿري ڀرجي پوندي،
۽ ھر ڪو جبل ۽ ٽڪري سنئين ڪئي ويندي.
ڏنگا رستا سڌا ٿيندا
۽ کڏن کوٻن واريون واٽون سنيون ٿينديون.
6ساري انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“
7 # مت ۳۴‏:۱۲، ۳۳‏:۲۳ تڏھن ماڻھن جا جيڪي ميڙ کانئس بپتسما وٺڻ آيا پئي، تن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟ 8#يو ۳۳‏:۸ اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچ⁠پچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي. پاڻ ۾ ائين نہ چئو تہ ’اسين ابراھيم جو اولاد آھيون.‘ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھنن پٿرن مان بہ خدا ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو. 9#مت ۱۹‏:۷ بلڪ ھاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪھاڙو تيار رکيو ويو آھي ۽ جيڪڏھن ڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي تہ کيس وڍي باھہ ۾ اڇلائبو.“
10تنھن تي ماڻھن کانئس پڇيو تہ ”پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ 11ھن ورندي ڏنن تہ ”جنھن وٽ ٻہ پھراڻ ھجن تہ اھو ھڪ انھيءَ کي ڏئي جنھن کي ھڪ بہ ڪونھي ۽ جنھن وٽ کاڌو آھي، سو بہ اھو ورھائي.“ 12#لو ۲۹‏:۷ محصول اڳاڙيندڙ پڻ بپتسما وٺڻ آيا ۽ انھن پڇيس تہ ”اي استاد! اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ 13تنھن تي انھن کي چيائين تہ ”مقرر اگھہ کان وڌيڪ نہ اڳاڙيو.“ 14سپاھين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنھن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پيسا نہ وٺو، پر پنھنجي پگھار مان پورت ڪريو.“
15ماڻھو انھيءَ ويچار ۾ ھئا تہ ”ڇا ھي مسيح تہ نہ آھي!“ 16تنھن تي يحيٰ انھن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اھو اچڻ وارو آھي جيڪو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آھيان. اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو. 17ھن کي پنھنجو ڇڄ ھٿ ۾ آھي تہ جيئن پنھنجي ڳاھہ جي پِڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪري ۽ ڪڻڪ کي ميڙي پنھنجي ڀانڊي ۾ رکي. پر بُھہ کي اھڙيءَ باھہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جا وسامڻ جي نہ آھي.“
18يحيٰ ماڻھن کي ٻيون بہ ڪيتريون ئي ھدايتون ڏيئي خوشخبري ٻڌائيندو رھيو. 19#مت ۳‏:۱۴‎–۴، مر ۱۷‏:۶‎–۱۸ پر ھيروديس کي جھڻڪيائين، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجي ڀاءُ فلپس جي زال ھيرودياس سان پرڻيو ھو ۽ ٻيا بہ برا ڪم ڪيا ھئائين. 20پوءِ ھيروديس ھڪ وڌيڪ خرابي ڪئي جو يحيٰ کي کڻي جيل ۾ وڌائين.
عيسيٰ جو بپتسما وٺڻ
(متي ۱۳‏:۳‎–۱۷، مرقس ۹‏:۱‎–۱۱)
21جڏھن سڀ ماڻھو بپتسما وٺي چڪا تہ عيسيٰ بہ بپتسما ورتي. انھيءَ مھل ھن جي دعا گھرندي آسمان کلي پيو، 22#پيد ۲‏:۲۲، زب ۷‏:۲، يس ۱‏:۴۲، مت ۱۷‏:۳، مر ۱۱‏:۱، لو ۳۵‏:۹ ۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آھيان.“
عيسيٰ جو شجرو
(متي ۱‏:۱‎–۱۷)
23جڏھن عيسيٰ پاڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، تڏھن سندس عمر اٽڪل ٽيھہ ورھيہ ھئي. عيسيٰ کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو ھو، يوسف پٽ عيليءَ جو ھو، 24۽ عيلي پٽ متات جو، متات پٽ لاويءَ جو، لاوي پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ ينا جو ۽ ينا پٽ يوسف جو، 25يوسف پٽ متٿياہ جو، متٿياہ پٽ عاموس جو، عاموس پٽ ناحوم جو، ناحوم پٽ اِسليءَ جو ۽ اِسلي پٽ نوگيءَ جو، 26نوگي پٽ ماعت جو، ماعت پٽ متٿياہ جو، متٿياہ پٽ شمعيءَ جو، شمعي پٽ يوسيح جو ۽ يوسيح پٽ يودا جو، 27يودا پٽ يوحنا جو، يوحنا پٽ رسيا جو، رسيا پٽ زربابل جو، زربابل پٽ شئلتي⁠ايل جو ۽ شئلتي⁠ايل پٽ نيريءَ جو، 28نيري پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ اديءَ جو، ادي پٽ قوسام جو، قوسام پٽ المودام جو ۽ المودام پٽ عير جو، 29عير پٽ يشوع جو، يشوع پٽ اليعزر جو، اليعزر پٽ يوريم جو، يوريم پٽ متات جو ۽ متات پٽ لاويءَ جو، 30لاوي پٽ شمعون جو، شمعون پٽ يھوداہ جو، يھوداہ پٽ يوسف جو، يوسف پٽ يونان جو ۽ يونان پٽ الياقيم جو، 31الياقيم پٽ ملي⁠آہ جو، ملي⁠آہ پٽ مناہ جو، مناہ پٽ متٿاہ جو، متٿاہ پٽ ناتن جو ۽ ناتن پٽ دائود جو، 32دائود پٽ يشيءَ جو، يشي پٽ عوبيد جو، عوبيد پٽ بوعز جو، بوعز پٽ سلمون جو ۽ سلمون پٽ نحشون جو، 33نحشون پٽ عميناداب جو، عميناداب پٽ ارنيءَ جو، ارني پٽ حصرون جو، حصرون پٽ فارص جو ۽ فارص پٽ يھوداہ جو، 34يھوداہ پٽ يعقوب جو، يعقوب پٽ اسحاق جو، اسحاق پٽ ابراھيم جو، ابراھيم پٽ تاراہ جو ۽ تاراہ پٽ نحور جو، 35نحور پٽ سروگ جو، سروگ پٽ رعو جو، رعو پٽ فلگ جو، فلگ پٽ عبر جو ۽ عبر پٽ شلح جو، 36شلح پٽ قينان جو، قينان پٽ ارفڪشد جو، ارفڪشد پٽ سام جو، سام پٽ نوح جو ۽ نوح پٽ لمڪ جو، 37لمڪ پٽ متوشاايل جو، متوشاايل پٽ حنوڪ جو، حنوڪ پٽ يارد جو، يارد پٽ مھال⁠ايل جو ۽ مھال⁠ايل پٽ قينان جو، 38قينان پٽ انوش جو، انوش پٽ سيت جو، سيت پٽ آدم جو ۽ آدم خدا جو فرزند ھو.

Terpilih Sekarang Ini:

لوقا 3: SCLNT

Highlight

Kongsi

Salin

None

Ingin menyimpan sorotan merentas semua peranti anda? Mendaftar atau log masuk