1
متي 11:2
Common Language New Testament
ھو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻارڙي کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ ان کي گوڏا کوڙي سجدو ڪيائون. پوءِ انھن پنھنجون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ ھيون.
Mampitaha
Mikaroka متي 2:11
2
متي 1:2-2
يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس جي ڏينھن ۾ عيسيٰ يھوديہ جي بيتلحم شھر ۾ پيدا ٿيو. ان کان پوءِ ستت ئي ڪي نجومي اڀرندي کان يروشلم ۾ آيا، ۽ اچي پڇيائون تہ ”اھو ٻار ڪٿي آھي جيڪو يھودين جو بادشاھہ ٿيڻ لاءِ ڄائو آھي؟ اسان ھن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آھي ۽ اسين ھن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آھيون.“
Mikaroka متي 2:1-2
3
متي 9:2-10
بادشاھہ جي حڪم موجب اھي روانا ٿيا ۽ رستي ۾ جڏھن اھو تارو ڏٺائون جيڪو اوڀر ۾ ڏٺو ھئائون، تڏھن اھي خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نہ پيا ماپن. اھو تارو سندن اڳيان ھلندو رھيو، تان جو اچي ان جاءِ جي مٿان بيٺو جتي ٻارڙو ھو.
Mikaroka متي 2:9-10
4
متي 12:2-13
خدا انھن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري ھيروديس وٽ ويا آھيو.“ تنھنڪري اُھي ٻيو رستو وٺي پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽي ويا. جڏھن اُھي ھليا ويا تہ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنھن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانھن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رھجانءِ، ڇوتہ ھيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“
Mikaroka متي 2:12-13
Fidirana
Baiboly
Planina
Horonan-tsary