متي 4
4
عيسيٰ جي آزمائش
(مرقس ۱۲:۱–۱۳، لوقا ۱:۴–۱۳)
1 # عبر ۱۸:۲، ۱۵:۴ پوءِ پاڪ روح عيسيٰ کي بيابان ۾ وٺي آيو تہ جيئن شيطان کيس آزمائي. 2جيئن تہ عيسيٰ چاليھہ ڏينھن ۽ چاليھہ راتيون روزي ۾ گذاريو ھو، تنھنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي ھئي. 3سو شيطان ھن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“ 4#شر ۳:۸ تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي، پر ھر انھيءَ لفظ تي جيڪو خدا چوي ٿو.‘“
5پوءِ شيطان عيسيٰ کي پاڪ شھر يروشلم ۾ وٺي ويو. ھن کي ھيڪل جي تمام مٿاھين ڪنگريءَ تي بيھاري 6#زب ۱۱:۹۱–۱۲ چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھتان پاڻ کي ھيٺ اڇلاءِ ڇاڪاڻتہ لکيل آھي تہ
’خدا پنھنجن ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو،
اھي تو کي پنھنجن ھٿن تي جھليندا،
تہ جيئن تنھنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“
7 # شر ۱۶:۶ تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو بہ لکيل آھي تہ ’تون خداوند پنھنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“
8وري شيطان عيسيٰ کي ھڪڙي اتانھين جبل تي وٺي ويو ۽ دنيا جون سڀيئي بادشاھتون ۽ سندن شان وَ شوڪت ڏيکاريائينس، 9۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي ھي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏھن تون ھيٺ نِوڙي مون کي سجدو ڪندين.“ 10#شر ۱۳:۶ تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇالاءِجو لکيل آھي تہ ’خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“
11پوءِ شيطان ھن کي ڇڏي ھليو ويو ۽ ملائڪ آيا ۽ اچي عيسيٰ جي خدمت ڪيائون.
عيسيٰ جو گليل ۾ پنھنجو ڪم شروع ڪرڻ
(مرقس ۱۴:۱–۱۵، لوقا ۱۴:۴–۱۵)
12 # مت ۳:۱۴، مر ۱۷:۶، لو ۱۹:۳–۲۰ جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آھي تڏھن ھو گليل ڏانھن روانو ٿي ويو. 13#يو ۱۲:۲ ھو ناصرت ۾ نہ رھيو پر وڃي ڪفرناحوم ۾ رھيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آھي. 14اھو انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن يسعياہ نبيءَ جو چوڻ سچو ثابت ٿئي تہ
15 # يس ۱:۹–۲ ”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو
جيڪو اردن جي پريان ڍنڍ واري پاسي،
غير قومن وارو گليل آھي،
16اتي جا ماڻھو جيڪي اونداھيءَ ۾ ويٺل ھئا،
تن ھڪڙي وڏي روشني ڏٺي.
ھائو، اھي جيڪي موت جي اونداھي ملڪ ۾ ويٺا ھئا،
تن تي روشني ظاھر ٿي.“
17 # مت ۲:۳ سو انھيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنھنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو، ڇاڪاڻتہ آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“
چئن مھاڻن کي سڏڻ
(مرقس ۱۶:۱–۲۰، لوقا ۱:۵–۱۱)
18جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ ھن ٻہ ڀائر ڏٺا، ھڪڙو شمعون جنھن کي پطرس سڏين ٿا ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. ھنن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌو ڇالاءِجو ھو مھاڻا ھئا. 19عيسيٰ انھن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منھنجي پٺيان ھلو تہ آءٌ اوھان کي ماڻھو ڦاسائڻ سيکاريان.“ 20ھنن ھڪدم پنھنجا ڄار ڦٽا ڪيا ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳا.
21ھو اتان اڳڀرو ٿيو تہ ھن ٻہ ٻيا ڀائر يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جيڪي زبديءَ جا پٽ ھئا. اھي پنھنجي پتا زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪري رھيا ھئا. عيسيٰ انھن کي سڏيو، 22تہ اھي بہ ھڪدم ٻيڙي ۽ پنھنجي پيءُ کي ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا.
عوام جي خدمت ڪرڻ
(لوقا ۱۷:۶–۱۹)
23 # مت ۳۵:۹، مر ۳۹:۱ عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو. 24سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو. 25سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي ھليا جيڪي گليل، دڪاپلس، يروشلم، يھوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر کان آيل ھئا.
Pašlaik izvēlēts:
متي 4: SCLNT
Izceltais
Dalīties
Kopēt
Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties
© 2009 Pakistan Bible Society