YouVersion logotips
Meklēt ikonu

يوحنا 7

7
يسوع مسيح ۽ سندس ڀائر
1ان کان پوءِ يسوع گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا. 2#لاو 23‏:34، نيم 16‏:13 پوءِ جڏهن يهودين جو تنبن وارو تهوار ويجھو آيو، 3تڏهن سندس ڀائرن کيس چيو تہ ”هتان نڪري يهوديہ ڏانهن وڃ، تہ جيئن تنهنجا پوئلڳ بہ هي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رهيو آهين. 4ڏس، اهڙو ڪوبہ نہ آهي جيڪو مشهور ٿيڻ چاهي پر لڪي ڪم ڪري. سو جيڪڏهن تو کي اهي ڪم ڪرڻا ئي آهن تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي سنسار تي کُليءَ طرح ظاهر ڪر.“ 5سندس ڀائرن اهو انهيءَ ڪري چيس جو هنن جو بہ مٿس وشواس نہ هو. 6تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ سدائين آهي. 7سنسار اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿو سگھي پر اهو مون کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن. 8اوهين ڀلي تهوار تي وڃو. آءٌ هن تهوار تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي.“ 9اهي ڳالهيون چوڻ کان پوءِ هو اتي گليل ۾ ئي رهي پيو.
يسوع مسيح جو تنبن واري تهوار تي وڃڻ
10 ان کان پوءِ يسوع جا ڀائر تهوار تي يروشلم ويا. هو پاڻ بہ تهوار تي ويو پر کُليو کُلايو نہ، بلڪ لڪي ڇپي. 11جڏهن تہ يهودي اڳواڻ تهوار تي کيس ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”يسوع ڪٿي آهي؟“ 12ماڻهن ۾ يسوع بابت ڏاڍي سُس پُس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”هو نيڪ ماڻهو آهي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، هو ماڻهن کي ڀَٽڪائي رهيو آهي.“ 13پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.
14جڏهن تهوار جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا تہ يسوع هيڪل ۾ اچي سکيا ڏيڻ لڳو. 15تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن سکيا ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“ 16يسوع وراڻيو تہ ”جيڪا سکيا آءٌ ڏيئي رهيو آهيان سا منهنجي نہ، بلڪ انهيءَ جي آهي، جنهن مون کي موڪليو آهي. 17جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ سکيا بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها ايشور وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان. 18جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي مان ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جو مان ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي. 19ڇا موسيٰ اوهان کي نيم نہ ڏنو هو؟ تڏهن بہ اوهان مان ڪو انهيءَ نيم تي عمل نہ ٿو ڪري. اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“ 20تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”تو ۾ تہ ڀوت آهي. ڪير تو کي مارڻ جي ڪوشش ۾ آهي؟“ 21#يو 5‏:1‏-18 يسوع چين تہ ”مون سبت جي ڏينهن تي هڪڙو ڪم ڪيو هو تہ اوهين سڀ انهيءَ تي حيران ٿي ويا هئا. 22#پيد 17‏:10، لاو 12‏:3 ڏسو، موسيٰ اوهان کي ختنو ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن تہ اهو حڪم موسيٰ جي دور کان نہ، بلڪ اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي آهي ۽ انهيءَ حڪم جي ڪري اوهين سبت جي ڏينهن تي بہ پنهنجن پٽن جو ختنو ڪرائيندا آهيو. 23#يو 5‏:9 هاڻ جيڪڏهن سبت جي ڏينهن تي ڪنهن ڇوڪري جي ختني ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي نيم جي ڀڃڪڙي نہ ٿي ٿئي، تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو ڪاوڙيا آهيو جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن تي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؟ 24ظاهري ڳالهيون ڏسي فيصلو نہ ڪريو، پر انصاف سان فيصلو ڪريو.“
ڇا يسوع سچ پچ مسيح آهي؟
25انهيءَ مهل يروشلم جا ڪي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي اهو ماڻهو تہ نہ آهي جنهن کي اڳواڻ مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن؟ 26ڏسو، هو تہ کُلي‌عام ڳالهائي رهيو آهي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا هاڻي اهي سچ پچ اهو سمجھن ٿا تہ اهو ئي مسيح آهي؟ 27پر اسين ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ايندو تہ ڪنهن کي بہ سڌ نہ پوندي تہ هو ڪٿان آيو آهي، جڏهن تہ اسان سڀني کي سڌ آهي تہ هي شخص ڪٿان آيو آهي.“
28تڏهن يسوع هيڪل ۾ سکيا ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، اوهين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اها بہ سڌ اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان جو آهيان. پر هتي آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان نہ آيو آهيان، بلڪ انهيءَ وٽان موڪليو ويو آهيان جيڪو سچو آهي. اوهين انهيءَ کي نہ ٿا سڃاڻو، 29جڏهن تہ آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ وٽانئس آيو آهيان ۽ هن ئي مون کي موڪليو آهي.“ 30تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو. 31اتي موجود ماڻهن مان ڪيترا ئي مٿس وشواس آڻيندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ئي مسيح آهي، ڇاڪاڻ تہ هن کان وڌيڪ چمتڪار ٻيو ڪو ڪري سگھندو ڇا؟“
يسوع مسيح کي پڪڙڻ لاءِ پهريدار موڪلڻ
32يسوع بابت ماڻهن جي اها سُس پُس جڏهن فريسين ٻڌي تڏهن انهن ۽ سردار ڪاهنن گڏجي هيڪل جي ڪن پهريدارن کي موڪليو تہ جيئن هو کيس پڪڙين. 33تنهن تي يسوع چيو تہ ”آءٌ اوهان سان اڃا ٿورو وقت رهندس ۽ پوءِ انهيءَ ڏانهن موٽي ويندس جنهن مون کي موڪليو آهي. 34اوهين مون کي ڳوليندا پر لهي ڪين سگھندا، ڇاڪاڻ تہ جتي آءٌ هوندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا.“ 35تڏهن يهودي اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هو ڪيڏانهن ويندو جو اسين کيس لهي نہ سگھنداسين؟ ڇا هو غير يهودين جي ڪنهن ملڪ ڏانهن ويندو، جتي اسان جا يهودي ٽڙيل پکڙيل آهن ۽ اتي هو غير يهودين کي سکيا ڏيندو؟ 36ڀلا انهن ڳالهين جو مطلب ڇا آهي جو هو چوي ٿو تہ ’اوهين مون کي ڳوليندا، پر لهي نہ سگھندا‘ يا وري ’اوهين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ هوندس‘؟“
جيون ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون
37 # لاو 23‏:36 پوءِ تنبن واري تهوار جو انتم ڏينهن، جيڪو خاص ڏينهن آهي، تنهن ڏينهن تي يسوع اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آهي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي. 38#حز 47‏:1، زڪ 14‏:8 هائو، جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو، تنهن بابت پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’انهيءَ جي اندر مان جيون ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون وهنديون رهنديون.‘“ 39هن اها ڳالهہ پوِتر آتما بابت ٿي ڪئي، جيڪا انهن ماڻهن کي ملڻي هئي جن مٿس وشواس آندو هو. پر انهن کي پوِتر آتما اڃا نہ ملي هئي، ڇاڪاڻ تہ #7‏:39 يسوع کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو هن مان مراد ٻہ ڳالهيون آهن، يعني مسيح جو سوليءَ تي چاڙهيو وڃڻ ۽ آڪاش تي پتا وٽ کيس سربلند ڪيو وڃڻ.يسوع کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو.
ماڻهن ۾ ڦوٽ
40ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻهن سندس اهي ڳالهيون ٻڌي چيو تہ ”سچ پچ هي ماڻهو ئي #7‏:40 ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت ڏسو 1‏:21 ۾ ڏنل سمجھاڻي.ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهي، جيڪو اچڻو آهي.“ 41ڪن وري چيو تہ ”هو مسيح آهي.“ پر ڪي چوڻ لڳا تہ ”مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟ 42#2.سم 7‏:12، ميڪ 5‏:2 ڇا پوِتر شاستر نہ ٿو چوي تہ مسيح راجا دائود جي پيڙهي مان هوندو ۽ بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جتي دائود پيدا ٿيو هو؟“ 43سو ماڻهن ۾ يسوع جي ڪري ڦوٽ پئجي ويئي. 44انهن مان ڪي ماڻهو کيس پڪڙڻ پيا چاهين، پر ڪنهن بہ هن ۾ هٿ نہ وڌو.
يهودي اڳواڻن جو يسوع کي نہ قبولڻ
45جڏهن پهريدار موٽي آيا تہ سردار ڪاهنن ۽ فريسين کانئن پڇيو تہ ”اوهين يسوع کي ڇو نہ وٺي آيا؟“ 46پهريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو آهي، جهڙيءَ طرح هي شخص ٿو ڳالهائي.“ 47تنهن تي فريسين کين چيو تہ ”اوهين بہ ڀَٽڪي ويا آهيو ڇا؟ 48ڇا يهودي اڳواڻن ۽ اسان فريسين مان ڪنهن بہ مٿس وشواس آندو آهي؟ 49پر هي عوام جنهن کي موسيٰ جي نيم جي سڌ ئي نہ آهي، سو تہ ايشور جو پٽيل آهي.“
50 # يو 3‏:1‏-2 تڏهن نيڪديمس، جيڪو يهودي اڳواڻن مان هڪڙو هو ۽ اڳي يسوع سان ملڻ آيو هو، تنهن چين تہ 51”نيم موجب اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڏوهاري قرار ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين پاڻ سندس ڳالهيون ٻڌون ۽ سڌ پوي تہ هو ڇا ٿو ڪري.“ 52انهن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آهين ڇا؟ پوِتر شاستر پڙهي ڏس تہ تو کي سڌ پوي تہ ڪٿي بہ اهو لکيل ناهي تہ گليل مان ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪوبہ سنت پيدا ٿيندو.“
53پوءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.

Pašlaik izvēlēts:

يوحنا 7: HSB

Izceltais

Dalīties

Kopēt

None

Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties