YouVersion logotips
Meklēt ikonu

يوحنا 11

11
لعزر جو موت
1‏-2 # لو 10‏:38‏-39، يو 12‏:3 يهوديہ صوبي جي ڳوٺ بيت‌عنياہ ۾ لعزر نالي هڪ ماڻهو بيمار ٿي پيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ مريم ۽ مارٿا نالي سندس ٻہ ڀينرون بہ رهنديون هيون. هيءَ مريم اها هئي جنهن پرڀو يسوع جي پيرن کي عطر مکي پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيا هئا. 3ٻنهي ڀينرن يسوع کي چوائي موڪليو تہ ”اي پرڀو! اوهان جو پيارو دوست بيمار آهي.“ 4يسوع اهو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اها بيماري موت واري نہ آهي، بلڪ ايشور جي مهانتا ظاهر ٿيڻ لاءِ آهي، تہ جيئن انهيءَ سان سندس پٽ جي بہ مهانتا ٿئي.“
5يسوع جو لعزر ۽ سندس ڀينرن سان پيار هو. 6تنهن هوندي بہ لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود هو جتي هو اتي ٻہ ڏينهن وڌيڪ ترسي پيو. 7پوءِ هن چيلن کي چيو تہ ”هلو تہ وري يهوديہ ڏانهن هلون.“ 8تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي گرو! اڃا تازو ئي ماڻهو اوهان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ اوهين وري اوڏانهن ٿا هلو.“ 9يسوع وراڻيو تہ ”ڇا ڏينهن جي روشني ٻارهن ڪلاڪ نہ هوندي آهي؟ سو جيڪڏهن ڪو ڏينهن جي وقت گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سنسار جي روشنيءَ ۾ هلي رهيو آهي. 10پر جيڪڏهن ڪو رات جي اونداهيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هن کي روشني نہ آهي.“ 11پوءِ يسوع وڌيڪ چين تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آهي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“ 12تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن لعزر ننڊ ۾ آهي تہ بچي پوندو.“ 13يسوع تہ لعزر جي موت بابت ٿي ڳالهہ ڪئي، پر هنن سمجھيو تہ يسوع ننڊ ۾ سمهي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي. 14تنهنڪري يسوع صاف چين تہ ”لعزر مري ويو آهي. 15آءٌ اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هئس تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو. هاڻي هلو تہ وٽس هلون.“ 16تنهن تي توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، تنهن پنهنجي ساٿي چيلن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ هلون تہ جيئن هن سان گڏ هلي مرون.“
يسوع مسيح قيامت ۽ جيون آهي
17جڏهن يسوع بيت‌عنياہ ڳوٺ جي ويجھو پهتو تہ کيس خبر پيئي تہ لعزر کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري چڪا آهن. 18جيئن تہ يروشلم بيت‌عنياہ کان اٽڪل ٽي ڪلوميٽر پري هو، 19سو اتان ڪيترائي ماڻهو مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جي پرچاڻي ڪرڻ لاءِ آيا هئا.
20جيئن ئي مارٿا ٻڌو تہ يسوع اچي رهيو آهي تہ هوءَ کيس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويئي، جڏهن تہ مريم گھر ۾ ئي ويٺي رهي. 21مارٿا يسوع کي چيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ نہ مري ها. 22پر آءٌ ڄاڻان ٿي تہ جيڪڏهن هاڻي بہ اوهين ايشور کان جيڪو ڪجھہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.“ 23تنهن تي يسوع چيس تہ ”تنهنجو ڀاءُ وري جيوت ٿيندو.“ 24مارٿا وراڻيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿي تہ هو انتم ڏينهن يعني قيامت تي سڀني مئلن سان گڏ وري جيوت ٿي اٿندو.“ 25يسوع کيس چيو تہ ”قيامت ۽ جيون تہ آءٌ آهيان. جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ جيوت رهندو 26۽ جيڪو بہ جيوت آهي ۽ مون تي وشواس ٿو رکي سو ڪڏهن بہ نہ مرندو. ڇا تنهنجو هن ڳالهہ تي وشواس آهي؟“ 27مارٿا وراڻيو تہ ”هائو، پرڀو! مون کي وشواس آهي تہ مسيح ايشور جو پٽ، جيڪو سنسار ۾ اچڻو هو سو اوهين ئي آهيو.“
يسوع مسيح جو روئڻ
28هن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنهنجي ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين تہ ”ادي! گرو آيو آهي ۽ تو کي سڏي ٿو.“ 29اها ڳالهہ ٻڌڻ شرط مريم هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ يسوع وٽ ويئي. 30يسوع اڃا تائين ڳوٺ ۾ ڪين پهتو هو، پر اتي ئي هو جتي مارٿا وڃي ساڻس ملي هئي. 31جيڪي ماڻهو مريم سان گھر ۾ ويٺا هئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏهن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاهر ويندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ هوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ ٿي وڃي، سو اهي بہ هن جي پٺيان اٿي هليا.
32جڏهن مريم يسوع وٽ پهتي ۽ هن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.“ 33يسوع جڏهن مريم ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهن کي روئندي ڏٺو، تڏهن انهيءَ واقعي سبب کيس ڏاڍو رنج پهتو ۽ بيحد ڏک ٿيس. 34هن کانئن پڇيو تہ ”اوهان کيس ڪٿي دفن ڪيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اي پرڀو! هلي ڏسو.“ 35يسوع روئي ڏنو. 36تنهن تي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيڏو نہ پيار هو.“ 37پر انهن مان ڪن چيو تہ ”ڇا هي، جنهن انڌي ماڻهوءَ کي ديد ڏني هئي سو ائين ڪري نہ ٿي سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ها؟“
لعزر جو وري جيوت ٿيڻ
38پوءِ يسوع کي وري بہ رنج پهتو ۽ هو قبر تي آيو. اها قبر هڪ غار هئي جنهن جي منهن تي پٿر ڏنل هو. 39يسوع چيو تہ ”هن پٿر کي پري هٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي پرڀو! اندر تہ بانس هوندي، ڇاڪاڻ تہ هن کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري ويا آهن.“ 40يسوع هن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو هو تہ جيڪڏهن تون وشواس رکندينءَ تہ ايشور جي مهانتا ڏسندينءَ؟“ 41تڏهن هنن پٿر پري هٽايو. پوءِ يسوع مٿي نهاري چيو تہ ”اي پتا! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان جو تو منهنجي ٻڌي آهي. 42آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون هميشہ منهنجي ٻڌندو آهين. پر هي ماڻهو جيڪي هتي بيٺا آهن، تن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ پرارٿنا ٿو ڪريان تہ جيئن اهي يقين ڪن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.“ 43ائين چوڻ کان پوءِ يسوع وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“ 44تنهن تي مئل ماڻهو جيوت ٿي ٻاهر نڪري آيو. هن جا هٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل هئا ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”هن کي کوليو تہ گھمي ڦري.“
يسوع مسيح خلاف سازش سِٽڻ
(متي 26‏:1‏-5، مرقس 14‏:1‏-2، لوقا 22‏:1‏-2)
45جيڪي ماڻهو مريم وٽ آيا هئا، تن مان ڪيترن ئي جڏهن يسوع جو هي ڪم ڏٺو تڏهن مٿس وشواس آندائون. 46پر انهن مان ڪي فريسين وٽ ويا ۽ يسوع جيڪي ڪجھہ ڪيو هو سو وڃي کين ٻڌايائون. 47تنهن تي فريسي ۽ سردار ڪاهن پئنچائت گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين هاڻي ڇا ڪريون؟ هي ماڻهو تہ گھڻا ئي چمتڪار پيو ڪري. 48جيڪڏهن اسين هن کي ائين ڪندي ڇڏي ڏينداسون تہ پوءِ هر ڪو مٿس وشواس آڻيندو ۽ رومي حڪمران اسان تي قدم کڻندا. پوءِ هو اسان جي هيڪل ۽ سڄي قوم کي تباهہ ڪري ڇڏيندا.“ 49انهن مان هڪڙي شخص جو نالو ڪائفا هو جيڪو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهن چيو تہ ”اوهان کي سڌ ئي ڪانہ ٿي پوي. 50اوهين اهو سمجھو ئي نہ ٿا تہ اوهان جي لاءِ هي بهتر ٿيندو جو هڪڙو ماڻهو قوم لاءِ مري ۽ نہ سڄي قوم تباهہ ٿئي.“ 51حقيقت ۾ هن اها ڳالهہ پنهنجي طرفان نہ چئي، پر جيئن تہ هو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري ايشور ئي هن جي واتان اهو چوايو تہ يسوع يهودي قوم لاءِ مرندو 52۽ نہ رڳو ان قوم لاءِ مرندو، بلڪ انهيءَ لاءِ بہ تہ ايشور جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن تن کي گڏي هڪ ڪري. 53انهيءَ ڏينهن کان وٺي يهودي اڳواڻ يسوع کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا. 54تنهنڪري يسوع انهيءَ ڏينهن کان پوءِ يهوديہ ۾ کُليو کُلايو گھمڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ هو اتان رڻ‌پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانهن هليو ويو ۽ افرائيم نالي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي چيلن سان گڏ رهڻ لڳو.
55يهودي قوم جو فصح وارو تهوار ويجھو هو، سو ڪيترائي ماڻهو فصح جي تهوار کان اڳ ٻهراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا هئا تہ جيئن هو پاڻ کي پوِتر ڪن. 56اهي يسوع کي ڳولي رهيا هئا ۽ هيڪل ۾ بيٺي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ٿا ڀانئيو تہ هو تهوار جي موقعي تي ايندو يا نہ؟“ 57سردار ڪاهنن ۽ فريسين هي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ ”ڪنهن کي بہ سڌ پوي تہ يسوع ڪٿي آهي تہ اهو ضرور اطلاع ڏئي تہ جيئن کيس پڪڙيو وڃي.“

Pašlaik izvēlēts:

يوحنا 11: HSB

Izceltais

Dalīties

Kopēt

None

Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties