لوقا 23
23
1تڏهن سڄي جماعت اُٿي کڙي ٿي، ۽ پيلاطس وٽ وٺي آيس. 2۽ اُهي مٿس تهمت رکي چوڻ لڳا، تہ اسان ڏٺو آهي تہ هي ماڻهو قوم کي بگاڙي ٿو، ۽ قيصر کي ڍل ڏيڻ کان منع ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو تہ آئون پاڻ مسيح بادشاهہ آهيان. 3تڏهن پيلاطس پڇيس تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ هن جواب ڏيئي چيس تہ تون پاڻ ٿو چوين. 4پوءِ پيلاطس سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي کي چيو تہ مون کي تہ هن ماڻهوءَ جو ڪوبہ قصور ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿو اچي. 5پر اهي هيڪاري زور شور سان چوڻ لڳا تہ هو سڄي يهوديہ ۾، يعني گليل کان وٺي ويندي هن هنڌ تائين تعليم ڏيئي ماڻهن ۾ وڳوڙ پيو وجهي.
6پر جڏهن پيلاطس اهو ٻڌو، تڏهن پڇيائين تہ هي گليلي آهي ڇا؟ 7۽ جڏهن هن کي خبر پيئي تہ هو هيروديس جي حد جو آهي، تڏهن هن کي هيروديس ڏانهن موڪليائين جو هو بہ تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ هو. 8هاڻي جڏهن هيروديس يسوع کي ڏٺو، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو، ڇالاءِ جو ڳچ وقت کان مرضي هيس تہ هن کي ڏسان، جو هن بابت گهڻيون ڳالهيون ٻُڌيون هئائين، ۽ اها اُميد هيس تہ هن کي ڪو معجزو ڪندو ڏسان. 9۽ هن گهڻيئي سوال پڇيس، پر هن ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنس. 10۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ بہ بيهي هن تي ڏاڍيون تهمتون رکڻ لڳا. 11۽ هيروديس پنهنجن سپاهين سان گڏجي کيس بي آبرو ڪيو، ۽ ساڻس ٺٺوليون ڪري، شاندار ويس پهرائي موٽائي پيلاطس ڏانهن موڪليائينس. 12۽ انهي ئي ڏينهن هيروديس ۽ پيلاطس پاڻ ۾ ٺهي ويا، جو اڳي هو پاڻ ۾ وڙهيل هئا.
13۽ پيلاطس سردار ڪاهنن، ۽ سردارن، ۽ عام خلق کي ڪوٺي گڏ ڪيو، 14۽ چيائين، تہ اوهين هن شخص تي هيءَ تهمت رکي مون وٽ وٺي آيا آهيو، تہ هو اُمت کي بگاڙي ٿو، ڏسو مون اوهان جي اڳيان هن کي تپاسي ڏٺو آهي تہ جن ڳالهين جي اوهين مٿس تهمت ٿا رکو، تن جي نسبت ۾ مون کي هن منجهہ ڪوبہ قصور ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو آهي؛ 15بلڪ هيروديس کي بہ نہ، ڇوتہ هن کيس اسان وٽ موٽائي ڏياري موڪليو آهي. ۽ ڏسو، هن کان ڪوبہ موت جوڳو ڪم ڪونہ ٿيو آهي؛ 16تنهنڪري آئون سيکت ڏيئي ڇڏي ٿو ڏيانس. 17(هاڻي هن کي عيد جي ڏينهن هڪڙو قيدي ضرور ڇڏڻو هو.) 18پر اُنهن سڀني گڏجي هُل مچايو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ کي ڪڍ، ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏي. 19جنهن کي شهر ۾ ڪنهن فساد ۽ خون ڪرڻ سبب قيد ۾ وڌو هئائون. 20پر پيلاطس جي مرضي هئي تہ يسوع کي ڇڏي ڏيان، تنهنڪري وري ساڻن ڳالهيون ڪرڻ لڳو؛ 21پر انهن وٺي رڙ مچائي ڏني ۽ چوڻ لڳا تہ صليب تي چاڙهينس صليب تي! 22هن ٽيون دفعو چين تہ ڇو؟ هن ماڻهوءَ ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ موت جوڳو سبب ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو آهي، تنهنڪري سزا ڏيئي ڇڏي ٿو ڏيانس. 23پر هنن واڪو واڪاڻ لائي زور رکيو، تہ صليب تي چاڙهينس؛ ۽ گوڙ ڪري پنهنجي ڳالهہ کڻي ويا. 24تنهن تي پيلاطس فتويٰ ڏني تہ سندن عرض قبول پوي. 25۽ جيڪو ماڻهو فساد ۽ خون ڪري قيد ۾ پيو هو، تنهن لاءِ جو عرض ڪيو هئائونس، تنهن کي کڻي ڇڏيائين، پر يسوع کي سندن حوالي ڪيائين، تہ جيئن وڻينِ، تيئن ساڻس ڪن.
26۽ جيئن هن کي وٺي پئي ويا، تہ هڪڙو ماڻهو شمعون ڪريني ٻهراڙيءَ مان پئي آيو، تنهن کي جهلي صليب کڻي مٿان رکيائونس، تہ يسوع جي پٺيان کڻي هلي. 27۽ ماڻهن جو وڏو انبوهہ، ۽ ڪيتريون ئي زالون جن کيس ڏسي پئي رُنو، ۽ پار پئي ڪڍيائون، سي پٺيان پئي آيس. 28پر يسوع انهن ڏانهن منهن ڪري چيو، تہ اي يروشلم جون ڌيئرون، مون لاءِ نہ روئو، پر پاڻ لاءِ ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ روئو. 29ڇالاءِ جو ڏسو تہ اهي ڏينهن اچڻا آهن، جڏهن اُهي چوندا تہ مبارڪ اُهي جي سنڍ آهن، ۽ مبارڪ اُهي پيٽ جن نہ ڄڻيو، ۽ اُهي ٿڻ جن نہ ڌارايو! 30تڏهن اهي جبلن کي چوڻ لڳندا تہ اسان تي اچي پئو: ۽ ٽڪرين کي تہ اسان کي لڪائي ڇڏيو. 31ڇوتہ جي سائي وڻ سان هيئن ٿا ڪن، تہ سُڪي سان ڇا نہ ڪندا.
32۽ هن سان گڏ ٻيا ٻہ، جي ڏوهاري هئا، تن کي بہ مارڻ لاءِ وٺي ويا. 33۽ جڏهن هو انهيءَ جاءِ وٽ آيا، جنهن کي کوپڙي ڪري ٿا چون، تڏهن هن کي صليب تي چاڙهيائون، ۽ پڻ اُنهن ڏوهارين کي بہ. هڪڙي کي ساڄي پاسي ۽ ٻئي کي ڏائي پاسي. 34پوءِ يسوع چيو، تہ اي بابا، هنن کي معاف ڪر، ڇالاءِ جو خبر ئي ڪانہ ٿي پوينِ تہ ڇا ٿا ڪريون. ۽ هو سندس ڪپڙا ورهائي پُکا وجهڻ لڳا. 35۽ خلق بيٺي ڏٺو: ۽ سردارن پڻ مٿس چٿرون ڪري پئي چيو تہ ٻين کي تہ بچايائين، هاڻ جي هيءُ خدا جو مسيح ۽ سندس چونڊيل آهي، تہ پاڻ کي بچائي. 36۽ سپاهي پڻ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ وٽس اچي سرڪو آڇيائونس. 37۽ پئي چيائون تہ جي تون يهودين جو بادشاهہ آهين، تہ پاڻ کي بچاءِ. 38۽ هن جي مٿان هڪڙو نوشتو لڳايل هو، تہ هيءُ يهودين جو بادشاهہ آهي.
39۽ جن ڏوهارين کي ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيو هئائون، تن مان هڪڙو مٿس ٽوڪبازي ڪري چوڻ لڳو، تہ تون اُهو مسيح آهين نہ؟ تڏهن پاڻ کي بہ بچاءِ ۽ اسان کي بہ بچاءِ. 40پر ٻئي جواب ڏيئي هن کي ڇڙٻي چيو تہ تون خدا کان بہ نٿو ڊڄين، جو ڏس، توکي بہ تہ ساڳي ئي سزا ملي آهي؟ 41۽ اسان جي سزا تہ حقي واجبي آهي، جو اسين پنهنجو ڪيتو ٿا لوڙيون، پر هن ماڻهوءَ تہ ڪوبہ قصور ڪونہ ڪيو آهي. 42پوءِ هن چيو، تہ اي يسوع، جڏهن تون پنهنجي بادشاهت ۾ اچين، تڏهن مون کي ياد ڪج. 43۽ هن چيس، تہ تو کي سچ ٿو چوان، تہ تون اڄ ئي مون سان گڏ بهشت ۾ هوندين.
44اها ٻنپهرن جي مهل هئي، ۽ ٽپهريءَ تائين سڄيءَ زمين تي اونداهي ٿي ويئي، 45جو سج ڪاراٽجي ويو؛ ۽ پاڪ جاءِ جو پردو وچان ڏري پيو. 46۽ يسوع وڏي آواز سان پڪاري چيو، تہ اي بابا، آئون پنهنجو روح تنهنجن هٿن ۾ ٿو سونپيان: ۽ ائين چئي دم ڏنائين. 47۽ هي جيڪي ٿيو، سو صوبيدار ڏسي خدا جي تعريف ڪري چوڻ لڳو تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو راستباز هو. 48۽ ماڻهن جا ميڙاڪا جي هن حادثي تي اچي مڙيا هئا، تن جڏهن هي سڀ ڳالهيون ٿينديون ڏٺيون، تڏهن ڇاتيون ڪُٽيندا موٽيا. 49۽ سندس سڀ ڄاڻ پڇاڻ وارا، ۽ اُهي زالون جي گليل مان ساڻس گڏجي آيون هيون، تن پريان بيٺي هي حال ڏٺو.
50۽ ڏسو، يوسف نالي هڪڙو شخص جو مشير هو، ۽ نيڪ ۽ راستباز ماڻهو هو، 51۽ سندن صلاح ۽ ڪم ۾ شامل راءِ نہ هو، اُهو يهودين جي هڪڙي شهر ارمتيہ جو ويٺل هو، ۽ خدا جي بادشاهت جو منتظر هو؛ 52انهيءَ پيلاطس وٽ وڃي يسوع جو لاش گهُريو. 53پوءِ اُهو لاهي، اُچيءَ چادر ۾ ويڙهي هڪڙيءَ قبر ۾ وڃي رکيائين، جا ٽڪر ۾ کوٽيل هئي، ۽ جنهن ۾ اڳي ڪوبہ ماڻهو دفن ڪونہ ڪيو هئائون. 54اُهو تياريءَ جو ڏينهن هو، ۽ سبت بہ شروع ٿي ٿيو. 55۽ جيڪي زالون گليل مان ساڻس گڏ آيون هيون، سي بہ پٺيان ويون، ۽ وڃي قبر ڏٺائون ۽ اهو بہ تہ لاش ڪيئن رکيو اٿن؛ 56۽ اُنهن موٽي اچي سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيا. ۽ سبت جي ڏينهن حڪم موجب آرام ڪيائون.
Pašlaik izvēlēts:
لوقا 23: SB62
Izceltais
Dalīties
Kopēt
Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.