يوحنا 3
3
1هاڻي فريسين مان هڪڙو شخص نيڪديمس نالي يهودين جو هڪ سردار هو: 2سو رات جو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون خدا جي طرفان اُستاد ٿي آيو آهين: ڇالاءِ تہ جيڪي معجزا تون ڏيکارين ٿو، سي جيڪر ڪوبہ ڏيکاري نہ سگهي، جيڪڏهن خدا ساڻس نہ هجي. 3يسوع جواب ڏيئي چيس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو تہ خدا جي بادشاهت ڏسي ڪين سگهندو. 4نيڪديمس چيس تہ ماڻهو پيرسن ٿيو تہ پوءِ ڪيئن پيدا ٿي سگهندو؟ ٿيڻي آهي جو هو ٻيهر ماءُ جي پيٽ ۾ وڃي ۽ پيدا ٿئي؟ 5يسوع جواب ڏنس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو پاڻيءَ ۽ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تہ خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿي ڪين سگهندو. 6جيڪي جسم مان پيدا ٿيو آهي، سو جسم آهي؛ ۽ جيڪي روح مان پيدا ٿيو آهي، سو روح آهي. 7عجب نہ کاءُ جو مون توکي چيو تہ اوهان کي نئين سر پيدا ٿيڻ گهرجي. 8هوا کي جيڏانهن ٿو وڻي، تيڏانهن پيئي لڳي ۽ سندس آواز توکي ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نٿي پويئي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي؛ تهڙي ئي طرح جيڪو روح مان پيدا ٿيو آهي، سو بہ ائين آهي. 9نيڪديمس جواب ڏنو ۽ چيائينس تہ اهي ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهنديون؟ 10يسوع جواب ڏيئي چيس تہ تون اسرائيل جو اُستاد آهين ۽ پوءِ بہ اهي ڳالهيون نٿو سمجهين؟ 11آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ اسين جيڪي ڄاڻون ٿا، تنهن جي ڳالهہ ٿا ڪريون، ۽ جيڪي ڏٺو اٿئون، تنهن جي شاهدي ٿا ڀريون؛ ۽ اوهين اسان جي شاهدي قبول نٿا ڪريو. 12جيڪڏهن مون اوهان کي زمين جون ڳالهيون ٻُڌايون آهن ۽ اوهين ايمان نٿا آڻيو، تہ جي آسمان جون ڳالهيون ٻُڌائيندوسانوَ تہ ڪيئن ايمان آڻيندا؟ 13ڪوبہ ماڻهو آسمان ۾ چڙهي ڪونہ ويو آهي، سواءِ انهي جي جو آسمان مان لهي آيو آهي، يعني ابن آدم، جو آسمان ۾ آهي. 14۽ جيئن موسيٰ نانگ کي رڻ پٽ ۾ مٿي چاڙهيو، تيئن ابن آدم بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو: 15تہ جيڪو بہ ايمان آڻي، تنهن کي منجهس هميشہ جي زندگي ملي.
16ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي. 17ڇالاءِ تہ خدا فرزند کي جهان ۾ انهي لاءِ ڪين موڪليو تہ جهان جي عدالت ڪري؛ پر انهي لاءِ تہ ان جي وسيلي نجات ملي. 18جيڪو مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن جي عدالت نٿي ٿئي: پر جيڪو ايمان نٿو آڻي، تنهن جي عدالت تہ اڳيئي ٿي چڪي آهي، هن ڪري جو هن خدا جي هڪڙي ئي فرزند جي نالي تي ايمان نہ آندو آهي. 19۽ عدالت جو سبب هيءُ آهي، جو نُور جهان ۾ آيو، ۽ ماڻهن اوندهہ کي نُور کان وڌيڪ پسند ڪيو، جو سندن ڪم بڇڙا هئا. 20ڇوتہ هرڪو جو بڇڙائي ٿو ڪري، سو روشنائيءَ سان دشمني ٿو رکي ۽ روشنائيءَ ۾ نٿو اچي، جو متان سندس ڪمن جي ڪري ڏوراپو مليس. 21پر جيڪو سچ تي ٿو هلي، سو روشنائيءَ ۾ ٿو اچي تہ سندس ڪم ظاهر ٿين، جو اُهي خدا جي مرضيءَ موجب ڪيل آهن.
22هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع ۽ سندس شاگرد يهوديہ ملڪ ۾ آيا؛ ۽ هو اُتي هنن سان گڏ رهي پيو، ۽ بپتسما ڏيڻ لڳو. 23۽ يوحنا بہ شاليم جي ويجهو عينون ۾ بپتسما پئي ڏني، ڇو جو اتي پاڻي ججهو هو: ۽ ماڻهو پئي آيا ۽ بپتسما پئي ورتائون. 24ڇالاءِ تہ يوحنا کي اڃا قيد ۾ ڪين وڌو هئائون. 25پوءِ يوحنا جي شاگردن جو ڪنهن يهوديءَ سان طهارت جي رسم بابت بحث ٿيو. 26۽ اُنهن يوحنا وٽ اچي کيس چيو تہ اي اُستاد، اُهو جو يردن جي هن ڀر تو ساڻ هو، جنهن بابت تو شاهدي ڀري آهي، ڏس اُهو بپتسما پيو ڏئي، ۽ سڀيئي ماڻهو هن وٽ پيا وڃن. 27يوحنا جواب ڏيئي چيو، تہ جيسين ڪنهن ماڻهوءَ کي آسمان مان ڪجهہ عطا نہ ٿئي، تيسين کيس اُهو ملي نٿو سگهي. 28اوهين پاڻ منهنجا شاهد آهيو جو مون چيو تہ آئون مسيح نہ آهيان، پر هن کان اڳ ۾ موڪليل آهيان. 29جنهن جي ڪنوار آهي، سو ئي گهوٽ آهي: پر گهوٽ جو دوست، جو بيٺو سندس ٻُڌي، سو گهوٽ جي آواز تي ڏاڍو سرهو ٿو ٿئي: سو اُها منهنجي سرهائي پوري ٿي. 30ضروري آهي تہ هو وڌي، پر آئون گهَٽجان.
31جيڪو مٿان ٿو اچي، سو سڀني کان مٿي آهي: جيڪو زمين جو آهي، سو زمين جو ئي آهي ۽ زمين جون ئي ڳالهيون ٿو ڪري: جو آسمان کان ٿو اچي، سو سڀني کان مٿي آهي. 32جيڪي هن ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، تنهن جي ئي شاهدي ٿو ڀري، ۽ ڪوبہ سندس شاهدي قبول نٿو ڪري. 33جنهن سندس شاهدي قبول ڪئي آهي، تنهن هن ڳالهہ تي مهر هڻي ڇڏي آهي تہ خدا سچو آهي. 34ڇالاءِ تہ جنهن کي خدا موڪليو آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ڪري: ڪيئن جو هو روح مَئي نٿو ڏئي. 35پيءُ فرزند کي پيار ٿو ڪري، ۽ سڀ ڪجهہ سندس هٿ ۾ ڏنو اٿس. 36جيڪو فرزند تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي تنهن جي آهي، پر جيڪو فرزند جي نٿو مڃي، سو زندگي تہ نہ پَسندو، پر اُلٽو خدا جو غضب مٿس ٿو رهي.
Pašlaik izvēlēts:
يوحنا 3: SB62
Izceltais
Dalīties
Kopēt
Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.