يوحنا 19
19
1تنهن تي پلاطس يسوع کي چهبڪ هڻايا. 2۽ سپاهين ڪنڊن جو تاج ڳتي مٿي تي رکيس، ۽ واڱڻائي ڪپڙا پهرايائونس؛ 3۽ وٽس اچي چوڻ لڳا، تہ سلام اي يهودين جا بادشاهہ! ۽ لپاٽون هنيائونس. 4پوءِ پلاطس وري ٻاهر نڪتو، ۽ چيائين تہ اِجهو، آئون هن کي اوهان وٽ ٻاهر وٺي آيو آهيان، تہ اوهان کي خبر پوي تہ مون کي منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. 5پوءِ يسوع اُنهي ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي ڪپڙن سان ٻاهر نڪتو ۽ پلاطس چين تہ اِجهو، هيءُ ماڻهو! 6پر سردار ڪاهنن ۽ حوالدارن اڃا ڏٺس ئي ڪين، تہ وٺي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ صليب تي چاڙهينس! صليب تي! پلاطس چين تہ اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس: جو مون کي تہ منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. 7يهودين جواب ڏنس تہ اسان جي شريعت آهي، ۽ اُنهيءَ شريعت موجب هو موت جي لائق آهي، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خدا جو فرزند بنايو آهي. 8پوءِ پلاطس جڏهن اهي حرف ٻُڌا، تڏهن هيڪاري اچي خوف ٿيس؛ 9۽ وري محلات ۾ اندر ويو ۽ يسوع کي چيائين، تہ تون ڪٿان جو آهين؟ پر يسوع ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنس. 10تڏهن پلاطس چيس تہ تون مون سان نٿو ڪُڇين؟ توکي خبر ڪانهي تہ مون کي تنهنجي ڇڏڻ جي بہ اختياري آهي ۽ توکي صليب تي چاڙهڻ جي بہ اختياري اٿم؟ 11يسوع جواب ڏنس تہ جيڪڏهن توکي اُها مٿان نہ ملي ها، تہ تنهنجي مون تي ڪابہ اختياري ڪانہ هلي ها، تنهنڪري جنهن مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي، تنهن تي زيادہ گناهہ آهي. 12تنهن تي پلاطس کيس ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي: پر يهودين واڪو ڪري چيو تہ جي تو هن ماڻهوءَ کي ڇڏيو آهي، تہ تون قيصر جو خيرخواهہ نہ آهين: جيڪو پاڻ کي بادشاهہ ٿو سڏائي سو قيصر جي برخلاف ٿو ڳالهائي. 13پوءِ جڏهن پلاطس اهي حرف ٻُڌا، تڏهن يسوع کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ اُهو هنڌ جنهن کي عبرانيءَ ۾ گبتا چبوترو ٿا چون، اُتي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. 14هاڻي اُهو فسح جي تياريءَ جو ڏينهن هو: ۽ اٽڪل ڇهون ڪلاڪ هو. ۽ هن يهودين کي چيو، تہ اِجهو اوهان جو بادشاهہ! 15تنهن تي هنن رڙيون ڪري چيو تہ ڪڍينس! ڪڍينس! صليب تي چاڙهينس! پلاطس چين تہ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟ سردار ڪاهنن جواب ڏنو تہ قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو بادشاهہ آهي ئي ڪونہ. 16تنهن تي هن کيس صليب تي چاڙهڻ لاءِ سندس ٻانهن کڻي هنن جي حوالي ڪئي.
17پوءِ هو يسوع کي وٺي هليا: ۽ هو پاڻ پنهنجو صليب کڻي اُنهي هنڌ آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ گلگتا يعني کوپراٽيءَ واري جاءِ ڪوٺيندا آهن: 18اُتي هن کي صليب تي چاڙهيائون، ۽ ساڻس گڏ ٻين ٻن ڄڻن کي بہ، هڪڙي کي هڪ پاسي، ۽ ٻئي کي ٻئي پاسي، ۽ وچ ۾ يسوع کي. 19پلاطس هڪ سرنامو بہ لکي کڻي صليب تي هنيو. اُن تي هي حرف هئا، ”يسوع ناصري، يهودين جو بادشاهہ.“ 20پوءِ اُهو سرنامو گهڻن يهودين پڙهيو: ڇالاءِ تہ جنهن هنڌ يسوع کي صليب تي چاڙهيو هئائون، اُها جاءِ شهر جي ويجهو هئي: ۽ اُهي حرف عبرانيءَ ۽ لاطينيءَ ۽ يونانيءَ ۾ هئا. 21تنهن تي يهودين جا سردار ڪاهن پلاطس کي چوڻ لڳا تہ ائين نہ لک تہ يهودين جو بادشاهہ، پر هيءُ تہ هن چيو آهي تہ آئون يهودين جو بادشاهہ آهيان. 22پلاطس ورندي ڏني، تہ جيڪي لکيم سو لکيم.
23پوءِ سپاهي جڏهن يسوع کي صليب تي چاڙهي چڪا، تڏهن سندس ڪپڙا کڻي چار حصا ڪيائون، هڪ هڪ لاءِ هڪ هڪ حصو؛ ۽ چوغو بہ کنيائون. هاڻي اُهو چوغو بنا ڳنڍ هو، يعني مٿان کان وٺي سڄو ئي اُڻيل هو، 24تنهنڪري هنن پاڻ ۾ چيو تہ ڦاڙيونس نٿا، پر اچو تہ پُکا وجهون تہ ڪنهن جو ٿو ٿئي: سو انهي لاءِ تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي، جنهن ۾ چيل آهي، تہ ”اُنهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا، ۽ منهنجي چوغي تي پُکا وڌائون.“ تنهنڪري ئي سپاهين ائين ڪيو. 25هاڻي يسوع جي صليب وٽ سندس ماءُ، سندس ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم، ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون. 26پوءِ يسوع پنهنجي ماءُ، ۽ اُهو شاگرد جنهن تي سندس پيار هو، تن کي ڀر ۾ بيٺل ڏسي، پنهنجيءَ ماءُ کي چيو، تہ اي مائي، ڏس تنهنجو پٽ! 27پوءِ وري اُنهي شاگرد کي چيائين، تہ ڏس تنهنجي ماءُ! ۽ اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي اُهو شاگرد هن کي پنهنجي گهر وٺي ويو.
28تنهن کانپوءِ يسوع جڏهن ڏٺو تہ هاڻي سڀ ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، تڏهن چيائين تہ مون کي اُڃ لڳي آهي، سو انهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي. 29هاڻي اُتي هڪڙو ٿانءُ سرڪي سان ڀريو رکيو هو، پوءِ هنن اسفنج سرڪي سان ڀري زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي چوسڻ لاءِ ڏنس. 30۽ يسوع جڏهن سرڪو وٺي رهيو تڏهن چيائين، تہ پورو ٿيو، ۽ ڪنڌ نِوڙائي جان ڏنائين.
31اُهو تياريءَ جو ڏينهن هو، تنهنڪري يهودين پلاطس کي عرض ڪيو تہ هنن جون ڄنگهون ڀڃجن، ۽ کين کڻائي وڃجي، تہ لاش سبت جي ڏينهن صليب تي نہ رهن (ڇالاءِ تہ اُهو سبت جو ڏينهن هڪ خاص ڏينهن هو.) 32تنهن تي سپاهي آيا ۽ اچي جيڪي هن سان گڏ صليب تي چاڙهيل هئا، تن مان پهريائين هڪڙي جون ڄنگهون ڀڳائون، پوءِ ٻئي جون. 33پر جڏهن يسوع وٽ آيا، ۽ ڏٺائون تہ هن اڳيئي دم ڏنو آهي، تڏهن سندس ڄنگهون نہ ڀڳائون. 34پر سپاهين مان هڪڙي وٺي ڀالو پاسريءَ ۾ هنيس، ۽ يڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو. 35۽ جنهن ڏٺو آهي، تنهن شاهدي ڀري آهي، ۽ سندس شاهدي سچي آهي: ۽ هن کي خبر آهي تہ هو سچ ٿو چوي، انهي لاءِ تہ اوهين پاڻ ايمان آڻيو. 36ڇالاءِ جو هي ڳالهيون اِنهي لاءِ ٿيون، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي، تہ ”سندس هڪڙو هڏو بہ ڪين ڀڄندو.“ 37۽ وري ٻيءَ لکيت ۾ آهي تہ ”جنهن کي چُڀائي هنيائون، تنهن ڏانهن نهاريندا.“
38تنهن کانپوءِ ارمتياہ وارو يوسف، جو يسوع جو شاگرد هو، پر يهودين جي ڊپ کان لڪل هو، تنهن يسوع جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ پلاطس کي عرض ڪيو، ۽ پلاطس موڪل ڏنيس. تڏهن هو آيو ۽ لاش کڻي ويو. 39۽ نيڪديمس، جو پهريائين رات جو يسوع وٽ آيو هو، سو پڻ سوا مڻ کن مَر ۽ عود جو ملائي کڻي آيو. 40پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جو دستور آهي، تنهن موافق اُنهن بہ يسوع جو لاش کڻي سرهاڻين سان گڏ سنهن ڪپڙن ۾ ويڙهي ٻَڌو. 41هاڻي جتي کيس صليب تي چاڙهيو هئائون، اُتي هڪڙو باغ هو؛ ۽ اُنهي باغ ۾ هڪڙي نئين قبر هئي، جنهن ۾ اڃا ڪنهن کي بہ نہ رکيو هئائون. 42تنهن ڪري اُتي يهودين جي تياريءَ جي ڏينهن جي سبب يسوع کي کڻي رکيائون، (ڇالاءِ جو اُها قبر ويجهي هئي).
Pašlaik izvēlēts:
يوحنا 19: SB62
Izceltais
Dalīties
Kopēt
Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.