يوحنا 12
12
1پوءِ فسح کان ڇهہ ڏينهن اڳي يسوع بيت عنياہ ۾ آيو، جتي لعزر هو، جنهن کي يسوع مُئلن مان جيئاريو هو. 2تنهنڪري اُتي سندس رات جي ماني ڪيائون: ۽ مارٿا خدمت ڪرڻ تي بيٺي هئي، ۽ مهمان جيڪي ساڻس هئا، تن مان لعزر بہ هڪڙو هو. 3پوءِ مريم اڌ سير ڳري ملهہ وارو سچي سرهي مَر جو عطر کڻي يسوع جي پيرن کي مکيو، ۽ پنهنجن وارن سان هن جا پير اُگهيائين: ۽ اُنهي عطر جي خوشبوءِ سان گهر ڀرجي ويو. 4پر سندس شاگردن مان هڪڙو، يهوداهہ اسڪريوتي، جو جهلائڻ وارو هوس، تنهن چيو، 5تہ هيءُ عطر ٽن سون دينارن تي وڪڻي غريبن کي ڇو نہ ڏنو ويو؟ 6هاڻي ائين جو چيائين سو انهي ڪري نہ، جو غريبن جو ڪو فڪر هوس؛ پر ڇالاءِ جو هو چور هو، ۽ ڳوٿري وٽس رهندي هئي، تنهنڪري جيڪي منجهس پوندو هو، سو پاڻ کڻندو هو. 7تنهن تي يسوع چيو تہ ڇڏيوس تہ اهو منهنجي دفن جي ڏينهن لاءِ رکي. 8ڇو جو غريب تہ هميشہ اوهان سان آهن: پر آئون اوهان وٽ هميشہ نہ هوندس.
9پوءِ يهودين جي عام خلق کي خبر پيئي تہ هو اُتي آهي، سو اُهي نہ رڳو يسوع جي ڪري آيا، پر انهي لاءِ تہ لعزر، جنهن کي مُئلن مان جيئاريو هئائين، تنهن کي بہ هلي ڏسن. 10پر سردار ڪاهنن صلاح مصلحت ڪئي تہ لعزر کي بہ مارجي؛ 11ڇالاءِ جو اُنهي جي ڪري يهودين مان گهڻن يسوع وٽ اچي مٿس ايمان آندو هو.
12ٻئي ڏينهن هڪ وڏي خلق، جا عيد تي آئي هئي، تنهن جڏهن ٻُڌو تہ يسوع يروشلم ۾ ٿو اچي، 13تڏهن کجين جون ٽاريون کڻي سندس استقبال لاءِ ويئي، ۽ پڪاري چوڻ لڳي تہ هوشعنا، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي، ۽ جو اسرائيل جو بادشاهہ آهي. 14۽ يسوع کي هڪڙو کودڙو مليو جنهن تي چڙهي ويٺو، جيئن ڪ لکيل آهي تہ، 15”اي صيون جي ڌيءَ، ڊڄ نہ: ڏس، تنهنجو بادشاهہ کودڙي تي چڙهيو پيو اچي.“ 16سندس شاگردن کي پهريائين اهي ڳالهيون سمجهڻ ۾ ڪين ٿي آيون: پر جڏهن يسوع پنهنجي جلال کي رسيو، تڏهن اُنهن کي ياد آيو تہ اهي ڳالهيون هن بابت لکيل آهن، ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس ڪيو. 17تڏهن جنهن مهل هن لعزر کي قبر مان سڏيو ۽ مُئلن مان جيئاريو هو، تنهن مهل جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن پئي شاهدي ڀري. 18۽ پڻ انهي سبب ڪري ڪيترا ماڻهو سندس استقبال لاءِ ويا هئا، ڇالاءِ جو هنن ٻُڌو تہ هن اهو معجزو ڪيو آهي. 19تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ خيال تہ ڪريو، اوهان جي ڪابہ ڪانہ ٿي هلي، ڏسو تہ سڄو جهان وڃي هن جي پٺيان لڳو آهي.
20هاڻي جيڪي عيد تي عبادت لاءِ ويا هئا، تن مان ڪي يوناني هئا: 21اُهي فلپس وٽ آيا، جو گليل واري بيت صيدا شهر جو ويٺل هو، ۽ سوال ڪري چيائونس، تہ سائين اسان جي مرضي آهي تہ يسوع کي ڏسون. 22فلپس اچي اندرياس سان ڳالهہ ڪئي: پوءِ اندرياس ۽ فلپس اچي يسوع کي ٻُڌايو. 23۽ يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ اُها گهڙي آئي آهي جنهن ۾ ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيندو. 24آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيسين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ ڪِري نہ مري، تيسين ڇڙي جو ڇڙو ٿو رهي، پر جي مري، تہ ججهو ڦل ٿو آڻي. 25جيڪو پنهنجي جان کي پيار ٿو ڪري، سو اُها وڃائي ٿو، ۽ جيڪو هن دنيا ۾ پنهنجي جان کي ڌڪاري ٿو، سو هميشہ جي زندگيءَ لاءِ اُن کي بچائي ٿو. 26جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري، تہ منهنجي پٺيان اچي؛ ۽ جتي آئون آهيان، اتي منهنجو خدمتگار بہ هوندو: جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري تہ اُنهي کي پيءُ عزت ڏيندو. 27هاڻي منهنجي جان پريشان ٿي ٿئي، ۽ آئون ڇا چوان؟ اي بابا، هن گهڙيءَ کان مون کي بچاءِ. پر انهيءَ سبب تہ آئون هن گهڙيءَ کي رسيو آهيان. 28اي بابا، پنهنجي نالي کي جلال ڏي. تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ مون جلال ڏنو اٿس، ۽ وري بہ ڏيندوسانس. 29تڏهن خلق جا اُتي بيٺي هئي، سا هي ٻُڌي چوڻ لڳي تہ اُڀ گجيو: پر ٻيا چوڻ لڳا تہ ملائڪ ساڻس ڳالهايو. 30يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ هيءُ آواز منهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ آيو آهي. 31هاڻي هن دنيا جي عدالت ٿيندي: هاڻي هن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍندا. 32۽ جيڪڏهن آئون زمين کان مٿي چاڙهيو ويندس، تہ سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندس. 33پر ائين جو چيائين ٿي، تنهن مان مراد هيس تہ ڏيکاريان تہ ڪهڙيءَ طرح منهنجو موت ٿيندو. 34تنهن تي ماڻهن جواب ڏنس، تہ اسان شريعت ۾ ٻُڌو آهي تہ مسيح هميشہ تائين جيئرو رهندو: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابن آدم ڪير آهي؟ 35تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان. 36جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور تي ايمان آڻيو، تہ اوهين نُور جا ٻار ٿيو.
جڏهن اهي ڳالهيون چئي چڪو، تنهن کانپوءِ يسوع اُتان روانو ٿيو، ۽ پوءِ انهن وٽ پاڻ کي پڌرو نہ ڪيائين. 37پر جيتوڻيڪ سندن اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئائين، تہ بہ اُنهن مٿس ايمان نہ آندو. 38انهي لاءِ تہ يسعياہ نبيءَ جيڪو ڪلام ڪيو هو، سو پورو ٿئي تہ ”اي خداوند، اهو ڪير آهي جنهن اسان جي چوڻ تي اعتبار ڪيو آهي، ۽ اهو ڪير آهي جنهن تي خداوند جو هٿ ظاهر ٿيو آهي؟“ 39اهو ئي سبب آهي جو هو اعتبار ڪري نہ سگهيا، ڇالاءِ جو يسعياہ نبيءَ وري بہ چيو آهي تہ 40”هن سندين اکيون انڌيون، ۽ سندين دل سخت ڪري ڇڏي آهي؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪريانِ.“ 41يسعياہ جو اهي ڳالهيون چيون ۽ سندس ذڪر ڪيو، سو هن ڪري جو هن سندس جلال ڏٺو. 42تنهن هوندي بہ سردارن مان پڻ ڪيترن مٿس ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اقرار نٿي ڪيائون، تہ متان اسان کي عبادتخانن مان ڪڍي ڇڏين: 43ڇالاءِ جو هنن خدا جي وڏائيءَ کان ماڻهن جي وڏائيءَ کي زيادہ پسند ٿي ڪيو.
44۽ يسوع پڪاري چيو، تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو مون تي نہ، پر اُنهيءَ تي ايمان ٿو آڻي، جنهن مون کي موڪليو آهي. 45۽ جيڪو مون کي ٿو ڏسي، سو اُنهي کي ٿو ڏسي، جنهن مون کي موڪليو آهي. 46آئون نُور ٿي جهان ۾ آيو آهيان، تہ جيڪو مون تي ايمان آڻي، سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي. 47جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجون ڳالهيون ٻُڌي ٿو ۽ اُنهن تي نٿو هلي، تنهن جي عدالت آئون نٿو ڪريان، ڇالاءِ جو آئون انهيءَ لاءِ ڪونہ آيو آهيان تہ دنيا جي عدالت ڪريان: پر انهيءَ لاءِ تہ دنيا کي بچايان. 48جيڪو مون کي نٿو مڃي، ۽ منهنجون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، تنهن جي عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو آهي: ڪلام جو مون ڪيو آهي، سو ئي پوئين ڏينهن سندس عدالت ڪندو. 49ڇالاءِ جو مون پاڻو ڪلام ڪونہ ڪيو آهي، پر پيءُ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ ڇا چوان، ۽ ڇا ڳالهايان. 50۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ سندس حڪم هميشہ جي زندگي آهي: تنهنڪري جيڪي ڳالهيون آئون چوان ٿو، سي اصل جيئن منهنجي پيءُ مون کي چيون آهن، تيئن ئي ٿو چوان.
Pašlaik izvēlēts:
يوحنا 12: SB62
Izceltais
Dalīties
Kopēt
Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.