پيدائش 3
3
1هاڻي خداوند خدا جيڪي جهنگ جا جانور جوڙيا هئا، تن ۾ نانگ سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن زال کي چيو تہ ڇا اهو سچ آهي، تہ خدا چيو آهي تہ اوهين باغ جي ڪنهن بہ وڻ جو ميوو نہ کائجو؟ 2تڏهن زال نانگ کي چيو تہ باغ جي وڻن جو ميوو تہ اسين کائون ٿا. 3پر جيڪو وڻ باغ جي وچ ۾ آهي، تنهن بابت خدا چيو آهي تہ انهيءَ جو ميوو اوهين نہ کائجو، ۽ نہ انهيءَ کي هٿ لائجو، متان اوهين مري وڃو. 4تڏهن نانگ زال کي چيو تہ پڪ اوهين ڪين مرندا: 5بلڪ خدا کي خبر آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين اهو کائيندا، تنهن ڏينهن اوهانجيون اکيون پٽجي پونديون، ۽ اوهين خدا وانگر ٿيندا، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهندا. 6جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو. 7تڏهن ٻنهي جون اکيون پٽجي پيون ۽ سمجهڻ لڳا تہ اسين اُگهاڙا آهيون؛ ۽ انجير جا پن سبي پنهنجي لاءِ لانگوٽا جوڙيائون. 8۽ ڏينهن ٺرئي جڏهن خداوند خدا باغ ۾ پئي گهميو، تڏهن هنن سندس آواز ٻڌو، ۽ آدم ۽ سندس زال خداوند جي حضوريءَ کان هٽي باغ جي وڻن ۾ وڃي لڪي ويٺا. 9تڏهن خداوند آدم کي سڏي چيو تہ تون ڪٿي آهين؟ 10هن چيو تہ مون باغ ۾ تنهنجو آواز ٻڌو ۽ ڊڄي ويس، ڇو تہ آءٌ اُگهاڙو هوس؛ تنهنڪري پاڻ کي لڪايم. 11هن چيس تہ توکي ڪنهن ٻڌايو تہ تون اُگهاڙو آهين؟ تو انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو ڇا، جنهن جي کائڻ کان مون توکي منع ڪئي هئي؟ 12تڏهن آدم چيو تہ هيءَ زال جا تو مون کي ڏني آهي، تنهن مون کي انهي وڻ جو ميوو ڏنو ۽ مون کاڌو. 13تڏهن خداوند خدا زال کي چيو تہ تو هي ڇا ڪيو؟ زال چيو تہ، نانگ مون کي ڀنڀلايو ۽ مون کاڌو. 14تڏهن خداوند خدا نانگ کي چيو تہ جيئن تہ تو هي ڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري تون سڀني ڍورن ۽ جهنگلي جانورن ۾ لعنتي آهين؛ تون پيٽ ڀر رڙهي هلندين ۽ سڄي حياتي مٽي کائيندين: 15۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين. 16پوءِ هن زال کي چيو تہ آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گهڻو وڌائيندس؛ سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ؛ ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو، ۽ هو تو تي حڪم هلائيندو. 17۽ آدم کي چيائين، جيئن تہ تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو، جنهن بابت مون توکي حڪم ڪيو هو تہ اهو نہ کائج، انهيءَ لاءِ زمين تنهنجي ڪري لعنتي ٿي، تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري، انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين؛ 18انهيءَ مان تو لاءِ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اُڀرندا ۽ تون ٻنيءَ جي ڀاڄي کائيندين؛ 19تون پنهنجي بت جي پگهر جي ماني کائيندين، جيسين ڪ تون موٽي زمين ۾ وڃين؛ ڇا لاءِ جو تون انهيءَ مان نڪتو هئين: تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين. 20۽ آدم پنهنجيءَ زال جو نالو حوا رکيو، ڇالاءِ جو هوءَ سڀني ساهوارن جي ماءُ هئي. 21۽ خداوند خدا آدم ۽ سندس زال جي لاءِ چم جا ڪپڙا ٺاهي کين پهرايا.
22۽ خداوند خدا چيو تہ ڏسو انسان نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهڻ ۾ اسان جهڙو ٿي پيو آهي؛ هاڻي ائين نہ ٿئي جو پنهنجو هٿ ڊگهيري زندگيءَ جي وڻ مان بہ ڪجهہ ڇني کائي ۽ سدائين جيئرو رهي. 23تنهنڪري خداوند خدا هن کي عدن جي باغ مان ڪڍي ڇڏيو، تہ زمين، جنهن مان هو نڪتو آهي، تنهن کي پوکي. 24سو هن آدم کي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ عدن جي باغ جي اُڀرندي پاسي ڪروبي ۽ چوڌاري گهمندڙ ۽ چمڪندڙ ترار رکيائين تہ زندگيءَ جي وڻ جي واٽ جي چوڪيداري ڪن.
Pašlaik izvēlēts:
پيدائش 3: SB62
Izceltais
Dalīties
Kopēt
Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.