YouVersion logotips
Meklēt ikonu

پيدائش 17

17
1جڏهن ابرام نوانوي ورهين جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان، تون منهنجي حضور ۾ هل ۽ ڪامل ٿيءُ. 2آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ عهد ڪندس ۽ توکي گهڻو وڌائيندس. 3تڏهن ابرام جهڪي سجدو ڪيو: ۽ خدا ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ 4ڏس، منهنجو تو سان عهد آهي، تون گهڻين قومن جو پيءُ ٿيندين. 5اڳتي تنهنجو نالو ابرام نہ پر ابرهام سڏبو؛ ڇالاءِ جو مون توکي گهڻين قومن جو پيءُ ڪيو آهي. 6آءٌ توکي گهڻي اولاد وارو ڪندس، تو مان قومون پيدا ڪندس، ۽ تنهنجي اولاد مان بادشاهہ نڪرندا. 7آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾، انهن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عهد ڪندس؛ آءٌ تنهنجو ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جو خدا ٿيندس. 8آءٌ توکي، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين، يعني ڪنعان جو سارو ملڪ، جنهن ۾ تون پرديسي آهين، سو هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن جو خدا ٿيندس. 9۽ خدا ابرهام کي چيو تہ تون منهنجو عهد مڃيندو رهج، تون ۽ تو کان پوءِ تنهنجو اولاد، سڀني پيڙهين تائين اهو مڃيندا رهجو. 10۽ منهنجو عهد، جيڪو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾ آهي؛ جو اوهين مڃيندا رهندا، سو هي آهي؛ تہ اوهان مان سڀ ڪنهن مرد جو ختنو ڪيو وڃي. 11اوهين پنهنجي بدن جي کل جو ختنو ڪرائجو: اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪيل عهد جو نشان ٿيندو. 12اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ سڀ ڪنهن ڇوڪر جو، جڏهن هو اٺن ڏينهن جو ٿئي، تڏهن ختنو ڪيو وڃي. پوءِ توڙي هو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي يا ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کان، جو تنهنجي نسل مان نہ آهي پر پئسن تي خريد ڪيل آهي. 13سڀ ڪو مرد جو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي، يا پئسن تي خريد ڪيل هجي، تنهن جو ختنو ڪيو وڃي: منهنجو عهد اوهان جي جسم ۾ ابدي عهد ٿيندو. 14۽ نامختون مرد جنهن جي جسم جي کل جو ختنو ٿيل نہ هجي سو اُمت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي؛ ڇالاءِ جو هن منهنجو عهد ڀڳو آهي.
15پوءِ خداوند ابرهام کي چيو تہ ساري، جا تنهنجي زال آهي، تنهن کي اڳتي ساري نہ سڏج، پر هن جو نالو سارہ ٿيندو. 16آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ سندس پيٽان توکي هڪڙو پٽ ڏيندس. هائو، آئون هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي، ۽ اُمت جا بادشاهہ منجهانئس پيدا ٿيندا. 17تڏهن ابرهام جهڪي سجدو ڪيو ۽ کلي دل ۾ چيائين تہ جنهن ماڻهو جي عمر سؤ ورهيہ آهي، تنهن مان ڪو ٻار پيدا ٿيندو، ۽ سارہ جا نوي ورهين جي آهي، سا ڪو ٻار ڄڻيندي؟ 18۽ ابرهام خدا کي چيو تہ شل اسماعيل تنهنجي حضور ۾ جيئرو رهي! 19پر خدا ابرهام کي چيو تہ نہ، تنهنجي زال سارہ تو لاءِ پٽ ڄڻيندي، تون انهي جو نالو اسحاق رکج: آءٌ انهيءَ سان ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جو ابدي عهد آهي، سو قائم ڪندس. 20باقي اسماعيل بابت مون تنهنجو عرض قبول ڪيو: مون هن کي برڪت ڏني آهي، آءٌ کيس گهڻي اولاد ڪندس ۽ تمام گهڻو وڌائيندس؛ اولاد وارو ڪندس ۽ تمام گهڻو وڌائيندس؛ هن مان ٻارهن سردار پيدا ٿيندا، ۽ آءٌ هن کي هڪڙي وڏي قوم بنائيندس. 21پر ايندڙ سال جي هن مند ۾ سارہ جيڪو پٽ اسحاق ڄڻيندي، تنهن سان آءٌ پنهنجو عهد قائم ڪندس.
22جڏهن خدا ابرهام سان ڳالهائي چڪو، تڏهن وٽانئس مٿي چڙهي ويو. 23پوءِ ابرهام انهيءَ ڏينهن خدا جي حڪم موجب پنهنجي پٽ اسماعيل جو، ۽ جيڪي سندس گهر ۾ پيدا ٿيا هئا، ۽ جيڪي هن پئسن تي خريد ڪيا هئا، يعني ابرهام سندس گهر جي ماڻهن مان سڀني مردن جي جسم جي کل جو ختنو ڪرايو. 24جڏهن ابرهام جي جسم جي کل جو ختنو ٿيو، تڏهن هو نوانوي ورهين جو هو. 25۽ جڏهن سندس پٽ اسماعيل جي جسم جي کل جو ختنو ٿيو، تڏهن هو تيرهن ورهين جو هو. 26ابرهام ۽ سندس پٽ اسماعيل جو ختنو ساڳئي ڏينهن ٿيو. 27۽ هن جي گهر جا سڀيئي مرد جيڪي سندس گهر ۾ پيدا ٿيا هئا ۽ جيڪي هن پئسن تي خريد ڪيا هئا، تن سڀني جو بہ ساڻس گڏ ختنو ٿيو.

Pašlaik izvēlēts:

پيدائش 17: SB62

Izceltais

Dalīties

Kopēt

None

Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties