YouVersion logotips
Meklēt ikonu

رسولن جا ڪم 4

4
1اڃا هنن ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو تہ ڪاهن ۽ هيڪل جو صوبيدار ۽ صدوقي مٿن ڪاهي آيا، 2ڇالاءِ جو هنن ماڻهن کي تعليم پئي ڏني ۽ يسوع جو مثال ڏيئي وعظ پئي ڪيائون، تہ مُئلن جي قيامت ٿيندي؛ تنهنڪري هو ڏاڍا رنج ٿيا. 3۽ کين پڪڙي کڻي قيدخاني ۾ وڌائون، جتي ٻئي ڏينهن جي صبح تائين پيا هئا: جو اوڏيءَ مهل سانجهي ٿي ويئي هئي. 4پر منجهانئن گهڻا، جن اهو ڪلام ٻُڌو، تن ايمان آندو، ۽ ماڻهن جو تعداد اٽڪل پنج هزار اچي ٿيو.
5۽ هيئن ٿيو جو ٻئي ڏينهن صبح جو انهن جا حاڪم، ۽ بزرگ، ۽ فقيهہ يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا. 6۽ سردار ڪاهن حنا، ۽ قائفا، ۽ يوحنا، ۽ سڪندر، ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاهن جا مٽ مائٽ هئا، سي بہ اتي موجود هئا. 7۽ اهي رسولن کي وچ ۾ بيهاري پڇڻ لڳا تہ ڪهڙي قدرت سان، يا ڪنهن جي نالي تي اوهان ائين ڪيو آهي. 8تڏهن پطرس پاڪ روح سان ڀرجي چين، تہ اي اُمت جا حاڪمو ۽ بزرگو، 9جيڪڏهن اڄ اسان کان، جا ڀلائي هڪڙي ڪمزور ماڻهوءَ سان ڪئي ويئي آهي، تنهن جي نسبت ۾ پڇا ٿي ٿئي، تہ هو ڪيئن چڱو ڀلو ٿيو، 10تہ اوهان سڀني کي، ۽ اسرائيل جي ساريءَ اُمت کي معلوم هجي، تہ يسوع مسيح ناصري، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، ۽ جنهن کي خدا وري مُئلن مان جياريو، تنهن جي نالي تي، ۽ تنهن جي ڪري هي ماڻهو هتي اوهان جي اڳيان چڱو ڀلو ٿيو بيٺو آهي. 11هيءُ اهو پهڻ آهي، جنهن کي اوهان اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ٿيو. 12۽ ڪنهن بہ ٻئي کان نجات ڪانهي؛ ڇالاءِ جو آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي، جنهن جي ڪري اسان کي نجات ملي.
13هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا. 14۽ جيڪو ماڻهو چڱو ڀلو ٿيو، تنهن کي بہ ساڻن بيٺو ڏسي هنن جي برخلاف ڪي بہ چئي نہ سگهيا. 15پر جڏهن کين حڪم ڏنائون تہ صدر مجلس مان ٻاهر نڪري وڃو، تڏهن هو پاڻ ۾ صلاح مشورت ڪرڻ لڳا، 16۽ چيائون تہ اسين هنن ماڻهن کي ڇا ڪريون؟ ڇالاءِ جو انهيءَ ڳالهہ جي يروشلم جي سڀني رهاڪن کي خبر پئجي ويئي آهي، تہ هنن جي هٿان تحقيق هڪڙو وڏو معجزو ٿيو آهي، جنهن جو اسين انڪار ڪري ڪين سگهنداسين. 17پر متان اها ڳالهہ ماڻهن ۾ زيادہ پکڙجي وڃي، تنهنڪري اچو تہ هنن کي دڙڪو ڏيون، تہ اڳتي انهي نالي جو ڪنهن سان بہ ذڪر نہ ڪن. 18تڏهن هنن کي سڏي تاڪيد ڪيائون، تہ يسوع جي نالي ڪي ڪجهہ نہ چئو، نہ ڪا تعليم ڏيو. 19پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين انصاف ڪري ڏسو، تہ خدا جي نظر ۾ اها ڳالهہ ڪا برابر آهي ڇا، تہ خدا جي بدران اوهان جو چيو مڃجي. 20ڇالاءِ جو ٿيڻي نہ آهي تہ جيڪي ڳالهيون اسان ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن، سي نہ ڪريون. 21۽ هنن وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنن؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي سببان کين سُجهيو ئي ڪين ٿي تہ ڪهڙيءَ طرح سزا ڏيون؛ جو جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جي ڪري سڀني ماڻهن خدا جي وڏائي پئي ڪئي. 22ڇالاءِ تہ جو ماڻهو هن معجزي ڪري چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن جي عمر چاليهن ورهين کان بہ مٿي هئي.
23۽ جڏهن هنن کي ڇڏي ڏنائون، تڏهن هو پنهنجن سنگتين وٽ آيا، ۽ جيڪي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن چيو هون، سو سڄي ڳالهہ ڪري ٻُڌايائون. 24۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن سڀني گڏجي هڪ دل ٿي وڏي آواز سان خدا کي پڪاري چيو، تہ اي خداوند، تون اهو آهين جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو سڀ خلقيو؛ 25جنهن پاڪ روح جي وسيلي پنهنجي بندي، اسان جي ابي دائود جي واتان چيو تہ ”غير قومن ڇو گوڙ مچايو، ۽ اُمتن ڇو اجايا خيال ڪيا؟ 26زمين جا بادشاهہ سهي سنبري آيا، ۽ حاڪم اچي گڏ ٿيا، ۽ خداوند جو ۽ سندس مسيح جو مقابلو ڪرڻ لڳا.“
27ڇالاءِ تہ سچ پچ هن شهر ۾ تنهنجو پاڪ بندو يسوع، جنهن کي تو مسح ڪيو هو، تنهن جي برخلاف هيروديس توڙي پنطس پلاطس، غير قومن ۽ اسرائيل جي اُمتن سوڌو اچي گڏ ٿيا، 28تان تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر اڳيئي مقرر ٿيل هو سو پورو ڪن. 29هاڻي، اي خداوند، تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر، ۽ پنهنجن بندن کي توفيق ڏي تہ تنهنجو ڪلام ڏاڍا بي ڊپا ٿي ٻُڌائين، 30۽ جڏهن تون شفا ڏيڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيرين، تڏهن تنهنجي پاڪ بندي يسوع جي نالي معجزا ۽ ڪرامتون ٿين. 31۽ جڏهن هو دعا گهُري رهيا، تڏهن جنهن جاءِ ۾ هو گڏ ٿيا ويٺا هئا، سا اچي ڌڏڻ لڳي؛ ۽ هو سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ خدا جو ڪلام بي ڊپا ٿي ٻُڌائڻ لڳا.
32۽ ايمان وارن جي جماعت يڪ دل ۽ يڪ جان هئي، ۽ منجهانئن ڪوبہ ائين ڪونہ چوندو هو تہ جيڪا ملڪيت مون وٽ آهي سا منهنجي آهي. بلڪ هو سڀني شين ۾ هڪ جهڙا ڀائيوار هوندا هئا. 33۽ رسول ڏاڍيءَ قدرت سان خداوند يسوع جي جِي اُٿڻ جي شاهدي ڏيندا هئا: ۽ سڀني تي گهڻو فضل هوندو هو. 34۽ منجهانئن ڪنهن کي بہ ڪمي ڪونہ هئي؛ هن ڪري جو جن ڪن کي زمين ۽ گهر هئا، سي سڀ وڪڻي انهن جي قيمت جا پيسا کڻي ايندا هئا، 35۽ آڻي رسولن جي پيرن وٽ رکندا هئا: پوءِ هر ڪنهن کي گهُرج آهر ورهائي ڏيندا هئا.
36۽ يوسف جنهن کي رسولن برناباس جو لقب ڏنو هو، (جنهن جي معنيٰ آهي نصيحت جو پٽ) ۽ جو ليوي هو، ۽ جنهن جو وطن ڪپرس هو، 37تنهن وٽ هڪڙي ٻني هئي، جا هن وڪڻي ۽ انهيءَ جا پيسا آڻي رسولن جي پيرن وٽ رکيا.

Pašlaik izvēlēts:

رسولن جا ڪم 4: SB62

Izceltais

Dalīties

Kopēt

None

Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties