پر پطرس چيو تہ اي حننياہ، شيطان ڇو تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال ڀريو آهي، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو، ۽ زمين جي قيمت مان ڪجهہ رکي ڇڏيئي؟ جيسين اُها تو وٽ هئي، تيسين اها تنهنجي ملڪيت نہ هئي ڇا؟ ۽ وڪامڻ کانپوءِ بہ اُنهي جي قيمت تنهنجي قبضي ۾ نہ هئي ڇا؟ تو اها ڳالهہ پنهنجي دل ۾ ڪيئن رٿي؟ تو ماڻهن سان نہ، پر خدا سان ڪوڙ ڳالهايو. ۽ اها ڳالهہ ٻڌندي ئي حننياہ ڪِري پيو ۽ ساهہ نڪري ويس. ۽ جن اها ڳالهہ ٻُڌي، تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.