Logo ya YouVersion
Elilingi ya Boluki

مرقس 9

9
1عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي ڪي اهڙا شخص بہ بيٺل آهن جيڪي جيستائين خدا جي بادشاهيءَ کي قدرت سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين موت جو ذائقو نہ چکندا.“
عيسيٰ مسيح جو نوراني صورت ۾ بدلجي پوڻ
(متي 17‏:1‏-13، لوقا 9‏:28‏-36)
2 # 2.پط 1‏:17‏-18 ڇهن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي هڪ مٿاهين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏهن انهن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي. 3سندس پوشاڪ اهڙي سفيد تجليدار ٿي پيئي جو ڌرتيءَ جو ڪوبہ ڌوٻي پوشاڪ کي اهڙو سفيد ڪري نہ سگھي. 4پوءِ انهن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو، جيڪي عيسيٰ سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا. 5تنهن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”استاد! اها اسان جي خوش‌نصيبي آهي جو اسين هتي آهيون. اسين هتي ٽي تنبو ٿا کوڙيون هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ الياس لاءِ.“ 6پطرس کي خبر نہ پئي پوي تہ هو ڇا پيو چوي، ڇو تہ هو ۽ ٻيا شاگرد ڏاڍا ڊڄي ويا هئا. 7#مت 3‏:17، مر 1‏:11، لو 3‏:22 ايتري ۾ هڪڙي ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو هڪڙو ئي پيارو فرزند آهي. سو هن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 8تڏهن انهن شاگردن جلدي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پر کين عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ نظر نہ آيو.
9پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ پئي لٿا تہ عيسيٰ کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين ابنِ آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“ 10انهن عيسيٰ جو حڪم تہ مڃيو پر پاڻ ۾ هن معاملي تي بحث ڪرڻ لڳا تہ ”موت کان پوءِ جيئرو ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي؟“ 11#ملا 4‏:5، مت 11‏:14 تڏهن شاگردن کانئس پڇيو تہ ”شريعت جا عالم ڇو ٿا چون تہ مسيح جي اچڻ کان پهريائين الياس نبيءَ جو اچڻ ضروري آهي؟“ 12#زب 22‏:7، يس 53‏:3تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پاڪ ڪلام ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ ابنِ آدم گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟ 13آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ #9‏:13 الياس هتي الياس مان مراد يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو آهي (ڏسو متي 11‏:14، 17‏:13).الياس اچي چڪو، پر ماڻهن کي جيئن وڻيو تيئن ئي ساڻس سلوڪ ڪيائون، جيئن هن بابت پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪيل آهي.“
ڇوڪر مان ڀوت ڪڍڻ
(متي 17‏:14‏-21، لوقا 9‏:37‏-43)
14جڏهن عيسيٰ پنهنجي ٽنهي شاگردن سان گڏ ٻين شاگردن ڏانهن موٽي اچي رهيو هو تڏهن ڏٺائين تہ انهن جي چوڌاري ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ لڳو پيو آهي ۽ شريعت جا ڪي عالم انهن سان بحث ڪري رهيا آهن. 15عيسيٰ کي ايندو ڏسندي ئي سڀ ماڻهو خوشيءَ وچان ”واہ! واہ!“ ڪرڻ لڳا ۽ ڊوڙي وڃي سندس آڌرڀاءُ ڪيائون. 16عيسيٰ انهيءَ ميڙ کان پڇيو تہ ”اوهين منهنجي شاگردن سان ڪهڙيءَ ڳالهہ تي بحث ڪري رهيا آهيو؟“ 17تنهن تي ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”اي استاد! مون پنهنجو پٽ اوهان وٽ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھس هڪ ڀوت آهي جنهن ڪري ڳالهائي بہ نہ ٿو سگھي. 18جڏهن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گِگَ ڪڍيس ٿو. ان وقت هو ڏند ڪرٽي ٿو ۽ بدن بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃيس ٿو. مون اوهان جي شاگردن کي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو.‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“ 19عيسيٰ چين تہ ”اي بي‌يقين قوم! آءٌ اوهان سان ڪيستائين هوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ هاڻي ڇوڪري کي مون وٽ آڻيو.“ 20انهن ڇوڪري کي وٽس آندو. عيسيٰ کي ڏسندي ئي ڀوت ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گِگَ پئي وهيس. 21عيسيٰ ڇوڪري جي پيءُ کان پڇيو تہ ”ڪيتري عرصي کان هن جو هي حال آهي؟“ هُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي هوندي کان وٺي. 22ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آهي، ڇو تہ ڪيترائي دفعا کيس باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. هاڻي جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا تہ اسان تي ترس کائي اسان جي مدد ڪريو.“ 23عيسيٰ هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ خدا تي ايمان رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“ 24تنهن تي ڇوڪري جي پيءُ هڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ ايمان رکان ٿو، پر جيڪڏهن منهنجو ايمان ڪامل نہ آهي تہ بہ مدد ڪريو.“
25 عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙو ۽ گونگو ڪرڻ وارا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان هڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏهن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“ 26تنهن تي ڀوت رڙيون ڪري ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ منجھانئس نڪري ويو. تڏهن ڇوڪرو مُڙدي جهڙو ٿي پيو ۽ گھڻن تہ ائين پئي سمجھيو تہ هو مري ويو آهي. 27پر عيسيٰ کيس هٿ کان وٺي اُٿاريو تہ هو اُٿي کڙو ٿيو.
28جڏهن عيسيٰ گھر پهتو تہ سندس شاگردن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“ 29عيسيٰ وراڻيو تہ ”اهڙي قسم جي ڀوت کي دعا کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ نموني ڪڍي نہ سگھبو آهي.“
ٻيو دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
(متي 17‏:22‏-23، لوقا 9‏:43‏-45)
30هو اتان اُٿي هليا ۽ گليل علائقي منجھان گذري ويا. عيسيٰ نہ ٿي چاهيو تہ سندس اچڻ جي ڪنهن کي بہ خبر پوي، 31ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيندي ٻڌايو پئي تہ ”ابنِ آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 32پر اهي عيسيٰ جي انهيءَ ڳالهہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.
وڏو ڪير؟
(متي 18‏:1‏-5، لوقا 9‏:46‏-48)
33عيسيٰ ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شهر ۾ آيا. پوءِ جڏهن اهي هڪڙي گھر ۾ پهتا، تڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن کان پڇيو تہ ”رستي تي اوهان ڪهڙي ڳالهہ تي بحث پئي ڪيو؟“ 34#لو 22‏:24 پر هنن ڪڇيو ئي ڪين، ڇاڪاڻ تہ رستي تي هنن پاڻ ۾ هن ڳالهہ تي بحث پئي ڪيو تہ منجھن سڀ کان وڏو ڪير آهي. 35#مت 20‏:26‏-27، 23‏:11، مر 10‏:43‏-44، لو 22‏:26 پوءِ عيسيٰ ويهي رهيو ۽ ٻارهن ئي شاگردن کي سڏي چيائين تہ ”جيڪڏهن ڪو اڳيان ٿيڻ چاهي، تہ هو سڀني کان پويان ٿئي ۽ سڀني جو خادم ٿئي.“ 36تڏهن هن هڪڙو ننڍو ٻار کڻي اڳيان بيهاريو ۽ کيس ڀاڪر پائي شاگردن کي چيائين تہ 37#مت 10‏:40، لو 10‏:16، يو 13‏:20 ”جيڪو منهنجي ڪري اهڙن ٻارن مان ڪنهن بہ هڪڙي کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن نہ رڳو مون کي بلڪ خدا کي بہ قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي.“
مخالف ۽ طرفدار ڪير؟
(لوقا 9‏:49‏-50)
38پوءِ يوحنا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍي رهيو هو. اسان هن کي منع ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي ٽولي مان نہ هو.“ 39تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”هن کي منع نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو منهنجي نالي تي معجزو ڪري ۽ پوءِ جلد ئي منهنجي گلا ڪري سگھي. 40#مت 12‏:30، لو 11‏:23 جيڪو بہ اسان جي خلاف نہ آهي سو اسان جي پاسي آهي. 41#مت 10‏:42 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو انهيءَ لاءِ ٿو پيئاري تہ اوهين مسيح جا آهيو، تنهن کي پنهنجو اجر ضرور ملندو.“
گمراهيءَ کان پاڻ کي بچايو
(متي 18‏:6‏-9، لوقا 17‏:1‏-2)
42”انهن سادن سٻاجھن پوئلڳن جن جو مون تي ايمان آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو گمراهہ ڪري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين هو جو انهيءَ کان اڳ ۾ ئي سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ها. 43‏-44#مت 5‏:30 جيڪڏهن تنهنجو هٿ تو کي گمراهہ ڪري، تہ پنهنجو اهو هٿ ڪپي ڇڏ، ڇو تہ ٻنهي هٿن سان دوزخ جي هميشہ ٻرندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ ٽُنڊي هٿ سان دائمي زندگيءَ ۾ داخل ٿئين.#9‏:43‏-44 ڪن مسودن ۾ آيت 48 جو مواد هتي بہ لکيل آهي. 45‏-46جيڪڏهن تنهنجو پير تو کي گمراهہ ڪري تہ اهو پير ڪپي ڇڏ، ڇو تہ دوزخ ۾ ٻنهي پيرن سان داخل ٿيڻ کان اهو بهتر آهي تہ دائمي زندگيءَ ۾ منڊو وڃين.#9‏:45‏-46 ڪن مسودن ۾ آيت 48 جو مواد هتي بہ لکيل آهي. 47#مت 5‏:29 جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي گمراهہ ڪري تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان دوزخ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿئين. 48#يس 66‏:24 جيڪي دوزخ ۾ پيل آهن تن کي ڪينئان هميشہ کائيندا رهن ٿا ۽ اتي باهہ هميشہ ٻرندي رهي ٿي.
49 # لاو 2‏:13، 1.پط 1‏:7 ياد رکو، هر ماڻهو هِن دنيا ۾ بہ ڄڻ تہ باهہ سان پاڪ صاف ڪيو ويندو، جهڙيءَ طرح قرباني لوڻ سان پاڪ صاف ڪئي وڃي ٿي.
50 # مت 5‏:13، لو 14‏:34‏-35 سو لوڻ چڱي شيءِ آهي، پر جيڪڏهن انهيءَ مان لوڻياٺ ئي نڪري وڃي تہ پوءِ ان کي ڇا سان وري لوڻياٺو ڪري سگھبو؟ تنهنڪري پاڻ ۾ لوڻ واري خاصيت رکو ۽ هڪٻئي سان صلح ۾ رهو.“

Currently Selected:

مرقس 9: MSB

Tya elembo

Kabola

Copy

None

Olingi kobomba makomi na yo wapi otye elembo na baapareyi na yo nyonso? Kota to mpe Komisa nkombo