Logo ya YouVersion
Elilingi ya Boluki

مرقس 7

7
وڏن جون ريتون رسمون
(متي 15‏:1‏-9)
1هڪ دفعي يروشلم کان ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ وٽ اچي گڏ ٿيا. 2انهن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پنهنجا هٿ ڌوئي پاڪ ڪرڻ کان سواءِ ئي پليت هٿن سان ماني کائين ٿا پيا. 3جڏهن تہ فريسي ۽ سڀ يهودي پنهنجن وڏن جي ريتن رسمن موجب، جيستائين پنهنجا هٿ پنهنجي خاص نموني سان نہ ڌوئن تيستائين نہ کائيندا آهن 4۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين نہ وهنجن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ. 5سو انهن فريسين ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”تنهنجا شاگرد وڏن جي مذهبي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا هلن ۽ پليت هٿن سان ڇو ٿا ماني کائين؟“ 6#يس 29‏:13 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”خدا اوهان رياڪارن بابت يسعياہ نبيءَ جي معرفت ڪيترو نہ صحيح فرمايو آهي تہ
’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي عزت ڏين ٿا،
پر دل سان نہ ٿا چاهين.
7هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن،
ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين
ڄڻ تہ اهي مون خدا جا حڪم آهن.‘“
8عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خدا جا حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آهيو. 9اوهين پنهنجين ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر خدا جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو. 10#خر 20‏:12، 21‏:17، لاو 20‏:9، شر 5‏:16 مثال طور موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪو پنهنجي ماءُ يا پيءُ جي گلا ڪري تنهن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘ 11پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي ماءُ پيءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هن اها #7‏:11 ”قربان،“ جيتوڻيڪ نئون عهدنامو يوناني ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، تڏهن بہ هي لفظ عبراني ٻوليءَ جو آهي جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي لفظ سان ملي ٿو.”قربان،“ يعني خدا جي نذر ڪري ڇڏي آهي، 12تہ پوءِ هو ماءُ پيءُ جي گھرج پوري ڪرڻ کان ڇٽي وڃي ٿو.‘ 13اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن سان خدا جو ڪلام رد ٿا ڪريو. اهڙي نموني ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي اوهين ڪريو ٿا.“
انسان کي پليت ڪرڻ واريون شيون
(متي 15‏:10‏-20)
14پوءِ عيسيٰ سڄي خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”اوهين سڀ منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ سمجھو. 15‏-16ڪابہ شيءِ ٻاهران ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي کيس پليت ڪري نہ ٿي سگھي، پر جيڪي شيون ماڻهوءَ جي اندر مان ٻاهر نڪرن ٿيون سي کيس پليت ٿيون ڪن.“#7‏:15‏-16 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي“ (ڏسو 4‏:23).
17جڏهن عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر پهتو تہ سندس شاگردن انهيءَ مثال بابت پڇيس. 18تنهن تي عيسيٰ هنن کي چيو تہ ”اوهين بہ ڪيڏا نہ بي‌سمجھہ آهيو، جو ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو سو کيس پليت نہ ٿو ڪري، 19ڇاڪاڻ تہ اهو انسان جي دل ۾ نہ ٿو وڃي پر انسان جي پيٽ ۾ ٿو وڃي ۽ اتان آخرڪار ٻاهر نڪريو وڃي.“ ائين چئي عيسيٰ کائڻ جي سڀني شين کي حلال سڏيو. 20هن وڌيڪ چين تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاهر ٿو نڪري سو ئي کيس پليت ٿو ڪري. 21هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون، 22زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ بي‌وقوفي. 23اهي سڀ خرابيون اندر مان ئي ٿيون نڪرن، جيڪي ماڻهوءَ کي پليت ڪن ٿيون.“
هڪ عورت جو ايمان
(متي 15‏:21‏-28)
24پوءِ عيسيٰ اتان اُٿي صور شهر جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو ۽ اچي هڪڙي گھر ۾ رهيو. هن جي مرضي هئي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي سندس اچڻ جي خبر نہ پوي، پر اها ڳالهہ لڪي نہ سگھي. 25هڪڙي عورت جنهن جي ننڍڙي ڌيءَ ۾ ڀوت هو، تنهن کي جڏهن عيسيٰ جي اچڻ جي خبر پيئي تہ اها هڪدم وٽس آئي ۽ اچي پيرن تي ڪريس. 26اها عورت غير يهودي هئي ۽ شام ملڪ جي فينيڪي علائقي مان هئي. هن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”منهنجي ڌيءَ مان ڀوت ڪڍو.“ 27پر عيسيٰ مثال ۾ ڳالهائيندي چيس تہ ”پهريائين ٻارن کي ڍءُ ڪرڻ ڏي، ڇاڪاڻ تہ اهو واجب نہ آهي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“ 28تنهن تي عورت چيس تہ ”سائين! برابر، پر ڪتا بہ تہ دسترخوان وٽان ٻارن جي اوبر ڪيل مانيءَ جا ٽڪر کائيندا آهن.“ 29عيسيٰ هن کي چيو تہ ”واہ! تنهنجي انهيءَ جواب جي ڪري تنهنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو. سو تون ڀلي گھر وڃ.“ 30سو هن گھر وڃي ڏٺو تہ سندس ڌيءَ هنڌ تي پيل آهي ۽ ڀوت بلڪل ڇڏي ويو اٿس.
هڪ ٻوڙي ۽ هٻڪ واري ماڻهوءَ کي شفا ڏيڻ
31پوءِ عيسيٰ صور جي حدن مان نڪري صيدا جي علائقي مان لنگھي دڪاپلس جي حدن جو وچ وٺي گليل ڍنڍ تي آيو. 32ماڻهو وٽس هڪڙي اهڙي شخص کي وٺي آيا جيڪو ٻوڙو هو ۽ ڳالهائڻ ۾ بہ هٻڪ هئس. سو منٿ ڪيائونس تہ ”هن کي پنهنجو هٿ لايو.“ 33عيسيٰ اُن کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو ۽ پنهنجيون آڱريون هن جي ڪنن ۾ وڌائين ۽ پنهنجي زبان جي لٻ ڪڍي هن جي زبان کي لاتائين. 34پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ ڀريو ۽ هن کي چيائين تہ #7‏:34 ”افتح،“ هي ارامي ٻوليءَ جو لفظ آهي.”افتح،“ يعني ”کُلي پئُہ.“ 35تڏهن هڪدم سندس ڪن کُلي پيا ۽ هن جي زبان جي تند ڇڄي پيئي ۽ هو چٽو ڳالهائڻ لڳو. 36پوءِ عيسيٰ انهن ماڻهن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ پر جيترو هن وڌيڪ تاڪيد ڪيو هئن، اوترو ئي وڌيڪ هنن وڃي اها ڳالهہ ماڻهن ۾ پڌري ڪئي. 37سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪهڙي نہ سهڻي نموني سان هو هر هڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ هو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“

Currently Selected:

مرقس 7: MSB

Tya elembo

Kabola

Copy

None

Olingi kobomba makomi na yo wapi otye elembo na baapareyi na yo nyonso? Kota to mpe Komisa nkombo