Logo ya YouVersion
Elilingi ya Boluki

مرقس 5

5
ڀوتن ورتل ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 8‏:28‏-34، لوقا 8‏:26‏-39)
1عيسيٰ ۽ سندس شاگرد گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ اچي پهتا. 2اڃا عيسيٰ ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ هڪڙو ڀوت ورتل ماڻهو غارن واري قبرستان مان نڪتو. 3هو قبرستان ۾ رهندو هو ۽ کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻڌي نہ ٿي سگھيو. 4هن کي ڪيترائي دفعا لوهہ جي ڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌو ويو هو، پر هن انهن زنجيرن کي ٽوڙي ۽ ڪڙين کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو. ڪوبہ مٿس قابو پئجي نہ ٿي سگھيو. 5هو رات ڏينهن قبرستان ۽ ٽڪرن ۾ رڙندو وتندو هو ۽ پٿرن سان پاڻ کي رتوڇاڻ پيو ڪندو هو.
6هن عيسيٰ کي پري کان ڏسي ورتو، سو ڀڄي اچي سندس پيرن تي ڪري پيو 7۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“ 8هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو عيسيٰ کيس انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ پئي چيو. 9عيسيٰ پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ماڻهوءَ جواب ڏنو تہ ”منهنجو نالو لشڪر آهي، ڇاڪاڻ تہ اسين گھڻا ڀوت آهيون.“ 10پوءِ هن ليلائيندي چيس تہ ”اسان کي هن علائقي مان تڙي نہ ڪڍ.“
11اتي ٽڪر جي پاسي ۾ سوئرن جو هڪ وڏو ڌڻ چري رهيو هو. 12سو عيسيٰ کي ڀوتن منٿ ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“ 13عيسيٰ انهن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏهن ٻہ هزار سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.
14جيڪي ماڻهو سوئرن جو ڌڻ چاري رهيا هئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اها ڳالهہ ٻڌايائون. تڏهن ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا. 15هو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا. 16جن اهو واقعو اکين سان ڏٺو هو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌائي. 17تنهن تي انهن عيسيٰ کي منٿ ڪندي چيو تہ ”مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“
18پوءِ جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو پئي تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ اڳ ڀوت هئا تنهن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي هلو.“ 19پر عيسيٰ کيس اجازت نہ ڏني ۽ اٽلندو چيائينس تہ ”گھر مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ وڃي انهن کي ٻڌاءِ تہ خداوند تو لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪيتري قدر هو تو تي مهربان رهيو.“ 20تنهن تي اهو ماڻهو هليو ويو ۽ وڃي دڪاپلس جي شهرن ۾ ٻڌائڻ لڳو تہ عيسيٰ هن لاءِ ڇا ڪيو آهي. سو جن بہ اهو ٻڌو تہ حيران ٿي ويا.
يائرس جي ڌيءَ کي جيارڻ ۽ عورت کي شفا ڏيڻ
(متي 9‏:18‏-26، لوقا 8‏:40‏-56)
21 عيسيٰ جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪناري تي ماڻهن جو وڏو ميڙ ڦري آيس. 22انهيءَ ۾ يائرس نالي هڪ شخص بہ هو، جيڪو يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو هڪڙو اڳواڻ هو، سو عيسيٰ کي ڏسندي ئي سندس پيرن تي ڪري پيو. 23هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“ 24تنهن تي عيسيٰ ان سان گڏجي هليو تہ هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو. ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جو عيسيٰ تي ڳاهٽ پئي ٿيا.
25انهيءَ ميڙ ۾ هڪڙي اهڙي عورت بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. 26هن ڪيترن ئي حڪيمن کان علاج ڪرايو هو ۽ جيڪا بہ پنهنجي ميڙي چونڊي هئس سا سڀ خرچ ڪري ڇڏي هئائين ۽ کيس ذري جو بہ فائدو ڪونہ پيو هو، پر اٽلندو وڌيڪ عليل ٿيندي پئي ويئي. 27انهيءَ عورت عيسيٰ بابت ڳالهيون ٻڌيون هيون، سو ميڙ سان گڏجي سندس پٺيان آئي ۽ عيسيٰ جي ڪپڙن کي هٿ لاتائين، 28ڇاڪاڻ تہ هوءَ دل ۾ چوي پيئي تہ ”جيڪڏهن مون رڳو سندس ڪپڙن کي بہ هٿ لاتو تہ آءٌ چاق ٿي وينديس.“ 29عيسيٰ جي ڪپڙن کي هٿ لائڻ سان ئي سندس رت وهڻ بند ٿي ويو ۽ هوءَ پاڻ کي تندرست سمجھڻ لڳي. 30ايتري ۾ عيسيٰ محسوس ڪيو تہ ”مون مان قدرت نڪتي آهي.“ سو ميڙ ڏانهن ڦري پڇيائين تہ ”منهنجي ڪپڙن کي ڪنهن هٿ لاتو آهي؟“ 31تنهن تي سندس شاگردن وراڻيس تہ ”استاد! ماڻهو اوهان تي پيا ڳاهٽ ٿين ۽ اوهين چئو ٿا تہ ’ڪنهن مون کي هٿ لاتو آهي.‘“ 32پر هو جاچيندو رهيو تہ اهو ڪم ڪنهن ڪيو. 33هاڻي جڏهن ان عورت سمجھيو تہ هوءَ تندرست ٿي پئي آهي، تڏهن ڊڄندي ۽ ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي هٿ رکي کيس سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌايائين. 34تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“
35عيسيٰ اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ يائرس جي گھران ڪي ماڻهو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”اوهان جي ڌيءَ مري ويئي آهي. سو هاڻي استاد کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيو.“ 36عيسيٰ انهيءَ ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يائرس کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساهہ رک.“ 37پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ اوڏانهن هلڻ جي اجازت نہ ڏني. 38جڏهن اهي يائرس جي گھر وٽ پهتا تہ عيسيٰ ڏٺو تہ گھر ۾ ماتم لڳو پيو آهي ۽ ماڻهو ڏاڍيان روئن پٽين پيا. 39گھر ۾ داخل ٿيندي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين هُل ڇو ٿا ڪريو ۽ ڇو ٿا روئو رڙو؟ ڇوڪري مئي تہ ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“ 40تنهن تي اهي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنهنڪري هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رڳو پنهنجي ٽن شاگردن ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اها ڇوڪري پيئي هئي. 41هن ڇوڪريءَ جي هٿ کي پڪڙي کيس چيو تہ #5‏:41 ”تليٿا قُومي،“ هي ارامي ٻوليءَ جا لفظ آهن.”تليٿا قُومي،“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”اي ننڍڙي نينگري! اُٿ.“ 42تنهن تي ڇوڪري هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳي. هن جي عمر ٻارهن سال هئي. اهو ڏسي سڀيئي ڏاڍو حيران ٿي ويا. 43پوءِ عيسيٰ انهن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ هن وڌيڪ چين تہ ”ڇوڪريءَ کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

Currently Selected:

مرقس 5: MSB

Tya elembo

Kabola

Copy

None

Olingi kobomba makomi na yo wapi otye elembo na baapareyi na yo nyonso? Kota to mpe Komisa nkombo