Logo ya YouVersion
Elilingi ya Boluki

مرقس 11

11
يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ
(متي 21‏:1‏-11، لوقا 19‏:28‏-40، يوحنا 12‏:12‏-19)
1جڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت‌فگاہ ۽ بيت‌عنياہ ڳوٺن وٽ پهتو، تڏهن هن پنهنجي ٻن شاگردن کي چيو تہ 2”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ڳوٺ ۾ پهچندا تہ اُتي هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا ڪنهن بہ سواري نہ ڪئي آهي. اوهين انهيءَ کي ڇوڙي هيڏانهن ڪاهي اچو. 3جيڪڏهن ڪوبہ اوهان کان پڇي تہ ’اهو ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تڏهن کيس چئجو تہ ’استاد کي انهيءَ جي ضرورت آهي ۽ جلد ئي هو واپس ڏياري موڪليندو.‘“ 4سو هو روانا ٿي ويا ۽ هڪڙي گھٽيءَ ۾ دروازي جي ٻاهران کودڙو ٻڌل ڏٺائون. جيئن ئي ان کي ڇوڙيائون پئي 5تہ اُتي بيٺل ماڻهن مان ڪن انهن کي چيو تہ ”هي ڇا ٿا ڪريو ۽ کودڙي کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“ 6تنهن تي انهن کين اهو ئي جواب ڏنو جيڪو عيسيٰ چيو هئن. تڏهن انهن اهو ڪاهي وڃڻ ڏنن.
7شاگردن اهو کودڙو ڪاهي عيسيٰ وٽ آندو ۽ انهيءَ تي پنهنجيون چادرون وڌائون، پوءِ عيسيٰ ان تي چڙهي ويٺو. 8ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون چادرون عيسيٰ جي اڳيان رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا ۽ ڪن وري ٻنين مان گاهہ ۽ وڻن جون ٽاميون پٽي آڻي پئي وڇايون. 9#زب 118‏:25‏-26 جيڪي ماڻهو عيسيٰ جي اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ
#11‏:9 خدا جي واکاڻ هجي اصلي مسودي ۾ هتي عبراني لفظ ”هوشعنا“ استعمال ٿيل آهي، جڏهن تہ گذريل دور ۾ انهيءَ جو مطلب ”اسان کي بچاءِ“ ورتو ويندو هو، پر عيسيٰ مسيح جي دور ۾ اهو واکاڻ جي نعري طور استعمال ڪيو ٿي ويو (ڏسو آيت 10 پڻ).خدا جي واکاڻ هجي!
سڀاڳو آهي اهو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي!
10سڀاڳي آهي اسان جي ابي دائود جي گھراڻي جي ايندڙ بادشاهي!
عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“
11عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿي هيڪل ۾ ويو ۽ اتي جيڪي وهي واپري پيو تنهن کي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينهن ڪافي لڙي چڪو هو، تنهنڪري هو پنهنجي ٻارهن شاگردن سان گڏ بيت‌عنياہ ڏانهن هليو ويو.
انجير جي وڻ کي پاراتو ڏيڻ
(متي 21‏:18‏-19)
12ٻئي ڏينهن تي جڏهن هو بيت‌عنياہ کان موٽي رهيا هئا تہ رستي تي عيسيٰ کي بک لڳي. 13هن پري کان هڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو ڏاڍو سرسبز هو. انهيءَ ڪري هو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر هو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آهن، ڇاڪاڻ تہ انجيرن جي مند نہ هئي. 14تنهن تي عيسيٰ انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏهن بہ ڪو تو مان انجير نہ لهندو.“ سندس شاگردن اهو ٻڌو.
واپارين کي هيڪل مان تڙي ڪڍڻ
(متي 21‏:12‏-17، لوقا 19‏:45‏-48، يوحنا 2‏:13‏-22)
15جڏهن اهي يروشلم ۾ پهتا تہ عيسيٰ هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين. 16هن ڪنهن کي بہ سامان کڻي هيڪل جي اڱڻ مان اچڻ وڃڻ نہ ڏنو. 17#يس 56‏:7، ير 7‏:11 پوءِ عيسيٰ ماڻهن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ خدا اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ دعا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“
18سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن جڏهن اهو ٻڌو تڏهن هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ ڪهڙي طريقي سان عيسيٰ کي مارجي، ڇاڪاڻ تہ هو عيسيٰ کان انهيءَ ڪري ڊڄن پيا جو سڄي خلق هن جي تعليم تي حيران هئي.
19جڏهن شام ٿي تہ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد شهر مان نڪري هليا ويا.
پاراتي ڏنل انجير جي وڻ مان سبق
(متي 21‏:20‏-22)
20ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جيئن ئي هو يروشلم ڏانهن پئي آيا تہ رستي تي انهن انجير جو اُهو وڻ ڏٺو، جيڪو هاڻي چوٽيءَ کان وٺي پاڙ تائين سڪي ويو هو. 21تنهن تي پطرس کي پاراتي واري ڳالهہ ياد اچي ويئي. تڏهن عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي استاد! انجير جي جنهن وڻ کي اوهان پاراتو ڏنو هو، سو سڪي ويو آهي.“ 22عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”خدا تي پورو ايمان رکو. 23#مت 17‏:20، 1.ڪر 13‏:2 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ شڪ نہ آهي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏهن هو هن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. 24تنهنڪري آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪا شيءِ اوهين دعا ۾ گھرو ٿا تنهن لاءِ يقين ڪريو تہ اها اوهان کي ملي ويئي آهي. تڏهن ئي اها اوهان کي ملندي. 25‏-26#مت 6‏:14‏-15 جڏهن بہ اوهين دعا گھرو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پيءُ جيڪو آسمان تي آهي سو بہ اوهان جا گناهہ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“#11‏:25‏-26 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: ”جيڪڏهن اوهين ٻين کي معاف نہ ڪندا، تہ اوهان جو پيءُ جيڪو آسمان تي آهي سو بہ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو“ (ڏسو متي 6‏:15).
عيسيٰ مسيح جي اختياريءَ بابت سوال
(متي 21‏:23‏-27، لوقا 20‏:1‏-8)
27پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ يروشلم ۾ پهتو. جڏهن هو هيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاهن، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا. 28انهن پڇيس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ڪرين ٿو؟ تو کي انهن ڪمن جي اختياري ڪنهن ڏني آهي؟“ 29تنهن تي عيسيٰ انهن کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪ سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏهن اوهان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ڪريان ٿو. 30مون کي ٻڌايو تہ يحيٰ جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، خدا جي طرفان يا انسان جي طرفان؟“ 31تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ڇا چئون؟ جيڪڏهن جواب ۾ چئون ٿا تہ ’خدا جي طرفان،‘ تہ هو چوندو تہ ’پوءِ اوهان يحيٰ جي ڳالهين تي ڇو يقين نہ ڪيو؟‘ 32جڏهن تہ کُليو کُلايو ائين بہ نہ ٿا چئي سگھون تہ ’انسان جي طرفان.‘“ انهيءَ جو سبب هي هو جو ماڻهن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇو تہ ماڻهو يحيٰ کي سچو نبي ڪري مڃين پيا. 33تنهنڪري انهن عيسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آهي.“ تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”پوءِ آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ڪريان ٿو.“

Currently Selected:

مرقس 11: MSB

Tya elembo

Kabola

Copy

None

Olingi kobomba makomi na yo wapi otye elembo na baapareyi na yo nyonso? Kota to mpe Komisa nkombo