Logo ya YouVersion
Elilingi ya Boluki

يوحنا 21

21
ستن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ
1ان کان پوءِ عيسيٰ وري پنهنجي شاگردن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي ڏيکاري ڏني. اهو هن طرح ٿيو. 2جڏهن شمعون پطرس، توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، گليل جي قانا ڳوٺ وارو نٿن‌ايل، زبديءَ جا ٻہ پٽ ۽ ٻہ ٻيا بہ شاگرد پاڻ ۾ گڏ ويٺا هئا، 3#لو 5‏:5 تڏهن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنهن تي ٻين شاگردن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا هلون.“ پوءِ اهي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، پر انهيءَ رات ڪابہ مڇي هٿ نہ لڳن. 4جڏهن ڏينهن ٿيڻ تي هو تہ عيسيٰ اچي ڪناري تي بيٺو، پر شاگردن نہ سڃاتو تہ هو ڪو عيسيٰ آهي. 5پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اي جوانؤ! ڇا اوهان کي ڪجھہ مليو؟“ هنن وراڻيس تہ ”ڪجھہ بہ نہ.“ 6#لو 5‏:6 هن انهن کي چيو تہ ”پنهنجو ڄار ٻيڙيءَ جي ساڄي پاسي وجھو تہ اوهان کي ڪجھہ ملندو.“ تنهن تي انهن ڄار پاڻيءَ ۾ وڌو ۽ ايتريون تہ مڇيون اچي ڦاٿيون جو اهي ڇڪي بہ نہ پيا سگھن. 7پوءِ انهيءَ شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ خداوند آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو خداوند آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو. 8پر ٻيا شاگرد ٻيڙيءَ ۾ ئي مڇين سان ڀريل ڄار ڇڪيندا آيا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڪيءَ کان ايترو پري ڪين هئا، اٽڪل هڪ سؤ ميٽر پري هئا. 9جڏهن اهي سڪيءَ تي پهتا تہ هنن ٽانڊن جي باهہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي ماني بہ رکيل هئي. 10پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون هينئر ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“ 11تنهن تي شمعون پطرس ٻيڙيءَ تي چڙهي ويو ۽ اهو ڄار سڪيءَ تي گهلي آيو، جيڪو هڪ سؤ ٽيونجاهہ وڏين مڇين سان ڀريل هو. جيتوڻيڪ ايتريون مڇيون هيون تہ بہ ڄار نہ ٿي ٽٽو. 12پوءِ عيسيٰ کين چيو تہ ”اچي نيرن ڪريو.“ پر شاگردن مان ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي جو کانئس پڇي تہ ”اوهين ڪير آهيو؟“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو خداوند ئي آهي. 13پوءِ عيسيٰ ماني کڻي انهن کي ڏني ۽ کين مڇي بہ ڏنائين. 14اهو ٽيون دفعو هو جو عيسيٰ پنهنجي جيئري ٿي اٿڻ کان پوءِ شاگردن کي ڏيکاري ڏني هئي.
منهنجي رڍن کي چار
15جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن عيسيٰ شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو خداوند! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“ 16وري ٻيو دفعو عيسيٰ هن کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو خداوند! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”منهنجي رڍن جي سنڀال ڪج.“ 17وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار. 18آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون نوجوان هئين تہ پنهنجو سندرو پاڻ ٻڌندو هئين ۽ جيڏانهن تو کي وڻندو هو اوڏانهن گھمندو ڦرندو هئين. پر جڏهن تون پوڙهو ٿيندين تڏهن پنهنجا هٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلهہ سان سندرو ٻڌي اوڏانهن وٺي ويندو جيڏانهن وڃڻ لاءِ تنهنجي دل نہ چوندي.“ 19هن چوڻ مان عيسيٰ جو مطلب اهو هو تہ پطرس ڪهڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلوو ظاهر ڪندو. پوءِ عيسيٰ چيس تہ ”منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“
عيسيٰ مسيح ۽ ٻيا شاگرد
20 # يو 13‏:25 پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ”خداوند! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“ 21پطرس جڏهن هن کي ڏٺو تڏهن عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”اي خداوند! هن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟“ 22عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيئرو رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ تون منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“ 23ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اها ڳالهہ مشهور ٿي ويئي تہ اهو شاگرد ڪڏهن بہ نہ مرندو، جيتوڻيڪ عيسيٰ انهيءَ شاگرد بابت ائين ڪونہ چيو هو تہ ”هو مرندو ئي ڪونہ.“ پر هن هيئن چيو هو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيئرو رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو.“
24هي #21‏:24 اهو ئي شاگرد گھڻو ڪري ليکڪ پاڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ڏسو يوحنا 19‏:35.اهو ئي شاگرد آهي جيڪو انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي ۽ اهي ڳالهيون لکيون بہ اٿس ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ سندس شاهدي سچي آهي.
پڄاڻي
25ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون آهن جيڪي عيسيٰ ڪيون هيون. اهي جيڪڏهن هڪڙي هڪڙي ڪري ويهي لکجن ها تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ ڪتاب لکجي وڃن ها جو جيڪر سڄي دنيا ۾ نہ سمائجي سگھن ها.

Currently Selected:

يوحنا 21: MSB

Tya elembo

Kabola

Copy

None

Olingi kobomba makomi na yo wapi otye elembo na baapareyi na yo nyonso? Kota to mpe Komisa nkombo