لوقا 13

13
توبهہ ڪر يا مر
1ان مهل ڪن ماڻهن يسوع کي انهن گليلين بابت ٻڌايو، جيڪي ٻليدان ڪري رهيا هئا تہ گورنر پلاطس کين مارائي ڇڏيو هو. 2تنهن تي يسوع چين تہ ”اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڌيڪ پاپي هئا، تنهنڪري هنن سان اهڙو ظلم ٿيو؟ 3آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آهي، پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن پاپن کان توبهہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا. 4يا وري اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي ارڙهن ڄڻا، جن تي شيلوخ وارو منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ پاپي هئا؟ 5آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نہ. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن پاپن کان توبهہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.“
انجير جي بي‌ڦل وڻ جو مثال
6يسوع ماڻهن کي هي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ کي انگورن جو باغ هو جنهن ۾ انجير جو وڻ پوکيل هو. هڪ ڏينهن هو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر هن هڪ بہ نہ لڌو. 7تڏهن هن مالهيءَ کي چيو تہ ’آءٌ ٽن سالن کان انهيءَ وڻ ۾ انجيرن لاءِ واجھائيندو رهيو آهيان پر هڪ بہ نہ مليو اٿم. تنهنڪري هن کي وڍي ڇڏ، ڇوجو هروڀرو زمين سيڙايون بيٺو آهي.‘ 8مالهيءَ جواب ڏنس تہ ’سائين! هن وڻ کي هڪ سال ٻيو بہ ڇڏيو تہ آءٌ هن جي چوڌاري چلهو کوٽيان ۽ ڀاڻ ڏيانس. 9پوءِ جيڪڏهن ميوو جھليائين تہ ڏاڍو چڱو، نہ تہ کڻي وڍي ڇڏبس.‘“
سبت جي ڏينهن ڪُٻي ناريءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
10هڪڙي دفعي سبت جي ڏينهن تي يسوع ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويٺي سکيا ڏني. 11اتي هڪڙي ناري هئي جنهن ۾ ارڙهن سالن کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن ڪري هوءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي ڪُٻي ٿي ويئي هئي. هوءَ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي هئي. 12يسوع جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاڻ وٽ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو هاڻي پنهنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“ 13تڏهن يسوع مٿس پنهنجا هٿ رکيا تہ هوءَ هڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳي. 14#خر 20‏:9‏-10، نيم 5‏:13‏-14 اهو ڏسي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ تہ يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو. تنهنڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”هفتي ۾ ڇهہ ڏينهن آهن جن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جائز آهي. سو انهن ڏينهن تي ڀلي اچو ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، پر سبت جي ڏينهن تي نہ.“ 15پرڀوءَ وراڻي ڏيندي چيو تہ ”اي پاکنڊيؤ! سبت جي ڏينهن هر ڪو پنهنجي ڏاند يا گڏهہ کي وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ لاءِ نہ وٺي ويندو آهي ڇا؟ 16تڏهن هيءَ ناري جيڪا ابرهام جي اولاد مان آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن انهيءَ قيد مان ڇڏائڻ جائز نہ هو ڇا؟“ 17يسوع جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏهن تہ هن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري سڄي خلق خوش پئي ٿي.
سرنهن جي داڻي ۽ خمير جا مثال
(متي 13‏:31‏-33، مرقس 4‏:30‏-32)
18پوءِ يسوع چوڻ لڳو تہ ”ايشور جو راڄ ڇا جي مثل آهي. ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان. 19اهو سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کڻي پنهنجي باغ ۾ پوکيو تہ اهو وڌي وڻ وانگر ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واهيرا ڪيا.“
20يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”ايشور جي راڄ کي آءٌ ٻيو ڇا سان ڀيٽيان. 21اهو خمير جي مثل آهي، جيڪو ڪنهن ناريءَ کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“
سوڙهو دروازو
(متي 7‏:13‏-14‏،21‏-23)
22جيئن يسوع ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر مان لنگھندو ۽ رستي ۾ سکيا ڏيندو يروشلم ڏانهن پئي ويو، 23تہ ڪنهن ماڻهوءَ پڇيس تہ ”اي سوامي! ڪن ٿورن کي مڪتي ملندي ڇا؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ 24”سوڙهي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ تن ۽ من سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.
25جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘ 26تنهن تي اوهين کيس چوندا تہ ’اسان اوهان جي اڳيان کاڌو پيتو ۽ اوهين اسان جي چونڪن ۾ سکيا ڏيندا هئا.‘ 27#زب 6‏:8 پر هو وري اوهان کي چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو. اوهين سڀيئي بدڪار منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘ 28#مت 22‏:13، 25‏:30 #مت 8‏:11‏-12 پوءِ اوهين افسوس وچان روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ جڏهن پاڻ کي ٻاهر ڌِڪيل ۽ ابرهام، اضحاق، يعقوب ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن کي ايشور جي راڄ ۾ شامل ڏسندءُ. 29ان کان علاوہ اوڀر ۽ اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ کان غير قومن وارا ايندا ۽ اچي ايشور جي راڄ واري دعوت ۾ شريڪ ٿيندا. 30#مت 19‏:30، 20‏:16، مر 10‏:31 ڏسو، تڏهن ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن، سي اڳيان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن، سي پويان ٿيندا.“
يسوع مسيح جو يروشلم لاءِ افسوس ڪرڻ
(متي 23‏:37‏-39)
31ايتري ۾ ڪن فريسين يسوع کي اچي چيو تہ ”هتان نڪري هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ #13‏:31 هيروديس حڪمران هي راجا هيروديس اعظم جو پٽ هو جيڪو گليل صوبي تي حڪمراني ڪندو هو.هيروديس حڪمران اوهان جي مارائڻ جي پويان آهي.“ 32يسوع انهن کي چيو تہ ”انهيءَ لومڙ کي وڃي چئو تہ آءٌ اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان ۽ پرينهن پنهنجو ڪم رسائي پورو ڪندس. 33پر تڏهن بہ مون لاءِ ضروري آهي تہ آءٌ اڄ، سڀاڻ ۽ پرينهن پنهنجو سفر جاري رکان، ڇاڪاڻ تہ ائين ٿي ئي نہ ٿو سگھي جو ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪو سنت يروشلم کان ٻاهر قتل ڪيو وڃي.
34 يروشلم! اي يروشلم! تون سنديش ڏيندڙ سنتن جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو. 35#زب 118‏:26، ير 22‏:5 هاڻي ياد رک، تنهنجي هيڪل ويران ڪئي ويندي. آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون مون کي تيستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ
’سڀاڳو آهي اهو،
جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي.‘“

ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖

لوقا 13: HSB

គំនូស​ចំណាំ

ចែក​រំលែក

ចម្លង

None

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល