يوحنا 1

1
وچن ۾ جيون
1سنسار جي شروعات کان اڳي ئي وچن موجود هو، وچن ايشور سان هو ۽ وچن ايشور هو. 2اهو ئي شروعات ۾ ايشور سان هو. 3سڀيئي شيون ان جي وسيلي پيدا ٿيون آهن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آهي، سا ان کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آهي. 4وچن ۾ جيون هو ۽ اهو جيون انسانن لاءِ روشني هو. 5روشني اوندهہ ۾ چمڪي ٿي ۽ اوندهہ ڪڏهن بہ روشنيءَ تي حاوي نہ ٿي آهي.
6 # مت 3‏:1، مر 1‏:4، لو 3‏:1‏-2 #1‏:6 يوحنا نالي هڪڙو شخص هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، جيڪو يسوع مسيح جو رستو تيار ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو. جيئن تہ هن شاستر جو ليکڪ ٻيو يوحنا آهي، جيڪو يسوع مسيح جي مقرر ڪيل ٻارهن سنتن مان سمجھيو وڃي ٿو.يوحنا نالي هڪڙو شخص آيو، جيڪو ايشور جي طرفان موڪليو ويو هو. 7اهو شاهد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاهدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻهو ان روشنيءَ تي وشواس آڻين. 8هو پاڻ تہ روشني نہ هو، پر روشنيءَ بابت شاهدي ڏيڻ لاءِ آيو هو. 9اها حقيقي روشني جيڪا هر هڪ انسان تي چمڪندي آهي سا پاڻ سنسار ۾ اچڻ واري هئي.
10جيتوڻيڪ وچن جي ئي وسيلي سنسار پيدا ڪيو ويو ۽ وچن سنسار ۾ هو تہ بہ سنسار هن کي نہ سڃاتو. 11هو پنهنجن وٽ آيو، پر پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو. 12پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس وشواس آندو، تن کي اهو حق ڏنائين تہ هو ايشور جا ٻار ٿين. 13اهي رواجي طرح شرير جي خواهش يا انساني مرضيءَ سان ايشور جا ٻار نہ ٿيا، پر ايشور خود کين پنهنجو ٻار بڻايو.
14اهو وچن انساني روپ ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جوت ڏٺي، جيڪا هن کي پتا جي هڪڙي ئي پٽ هئڻ ڪري ملي ۽ هو ڪرپا ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.
15يوحنا هن بابت شاهدي ڏيندي وڏي واڪي چيو هو تہ ”هي اهو آهي، جنهن بابت مون چيو هو تہ ’جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.‘“
16هن جي انهيءَ ڀرپوريءَ مان اسان سڀني کي ڪرپا پٺيان ڪرپا ملي آهي. 17ايشور جو نيم موسيٰ جي معرفت مليو، جڏهن تہ ڪرپا ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت ملي. 18ڪنهن بہ ماڻهوءَ ايشور کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي پٽ، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي شاهدي
(متي 3‏:1‏-12، مرقس 1‏:1‏-8، لوقا 3‏:1‏-18)
19 يوحنا جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يوحنا ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“ 20تڏهن يوحنا جواب ڏيڻ کان انڪار نہ ڪيو، بلڪ کُليو کُلايو چئي ڏنائين تہ ”آءٌ مسيح نہ آهيان.“ 21#نيم 18‏:15‏،18، ملا 4‏:5 انهن پڇيس تہ ”پوءِ تون ڪير آهين؟ ڇا تون سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهين؟“ يوحنا وراڻين تہ ”نہ، آءٌ ايلياہ نہ آهيان.“ انهن چيو تہ ”ڇا ڀلا تون #1‏:21 ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت جيئن تہ ماڻهن جو خيال هو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ هڪ سنت ايندو جيڪو مسيح جي اچڻ بابت ٻڌائيندو.ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهين، جيڪو اچڻو آهي؟“ يوحنا وراڻين تہ ”نہ.“ 22تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ ٻڌاءِ تہ تون ڪير آهين؟ اسان کي جواب وٺي انهن کي ٻڌائڻو آهي جن اسان کي موڪليو آهي. تون پاڻ بابت ڇا ٿو چوين؟“
23 # يس 40‏:3 تنهن تي يوحنا سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جا هي لفظ ورجايا تہ
”آءٌ اهو آواز آهيان، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ پڪاري ٿو تہ
’پرميشور جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.‘“
24جن کي موڪليو ويو هو تن مان ڪي فريسي بہ هئا. 25انهن يوحنا کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن تون نہ مسيح آهين، نڪي ايلياہ آهين ۽ نہ وري اچڻ وارو اهو سنت آهين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“ 26يوحنا جواب ڏنو تہ ”آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو. پر اوهان منجھہ ڪو اهڙو آهي جنهن کي اوهين نہ ٿا سڃاڻو. 27هو مون کان پوءِ اچي رهيو آهي ۽ آءٌ تہ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.“
28اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ بيت‌عنياہ ڳوٺ ۾ ٿيون جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف آهي، جتي يوحنا بپتسما ڏيئي رهيو هو.
ايشور جو گھيٽڙو
29ٻئي ڏينهن تي يوحنا يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي ايشور جو گھيٽڙو آهي، جيڪو سنسار جا پاپ کڻي وڃي ٿو. 30هي اهو ئي آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ منهنجي پٺيان هڪ اهڙو شخص ٿو اچي جيڪو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو. 31مون بہ اڳ ۾ کيس نہ ٿي سڃاتو. آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما انهيءَ لاءِ ڏيندو آيس، تہ جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان ظاهر ٿئي.“
32يوحنا شاهدي ڏيندي چيو تہ ”مون پوِتر آتما کي ڪبوتر وانگر آڪاش مان لهندي ۽ مٿس ويهندي ڏٺو آهي. 33آءٌ تہ کيس سڃاڻي بہ ڪونہ سگھان ها، پر ايشور جنهن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آهي تنهن مون کي اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو تہ ’تون جنهن ماڻهوءَ تي پوِتر آتما کي لهندو ۽ ويهندو ڏسين، سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻهن کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏيندو.‘ 34هائو، آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڏسي هاڻي شاهدي ٿو ڏيان تہ هي ئي ايشور جو پٽ آهي.“
يسوع مسيح جا پهريان چيلا
35ٻئي ڏينهن تي يوحنا پنهنجي ٻن چيلن سان گڏ وري اتي بيٺو هو 36تہ هن يسوع کي لنگھندي ڏٺو. تڏهن يسوع ڏانهن نهاري چيائين تہ ”ڏسو، اهو اٿوَ ايشور جو گھيٽڙو.“ 37اها ڳالهہ ٻڌي ٻنهي چيلن يسوع جي پٺيان هلڻ شروع ڪيو. 38يسوع ڦري انهن کي پنهنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوهين ڪهڙي ڳولا ۾ آهيو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنو تہ ”#1‏:38 اي ربي (يعني گرو) ”ربي“ عبراني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن کي سمجھائڻ لاءِ ليکڪ اصلي متن ۾ يوناني لفظ بہ ڏنو آهي، جنهن جو ترجمو آهي ”گرو“ جيڪو هتي بريڪيٽ ۾ ڏنو ويو آهي (ساڳئي نموني ڏسو 1‏:41‏،42 پڻ).اي ربي (يعني گرو)! اوهين ڪٿي رهو ٿا؟“ 39يسوع جواب ڏنو تہ ”هلي ڏسو.“ اهو اٽڪل چئين بجي جو وقت هو جڏهن اهي ساڻس گڏ هليا ۽ اها جاءِ ڏٺائون جتي هو ترسيل هو. پوءِ هنن اهو ڏينهن ساڻس گڏ گذاريو.
40جن ٻن ڄڻن يوحنا جي ڳالهہ ٻڌي هئي ۽ يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا هئا، تن ۾ هڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس هو. 41جلد ئي اندرياس پنهنجي ڀاءُ شمعون کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آهي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪري مخصوص ڪيل“ آهي). 42پوءِ هو شمعون کي يسوع وٽ وٺي آيو. يسوع هن ڏانهن نهاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آهين، تون #1‏:42 ڪيفا (يعني پطرس) هي ٻئي لفظ ليکڪ اصلي متن ۾ ڏنا آهن. ڪيفا ارامي ٻوليءَ جو ۽ پطرس يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ٻنهي جي معنيٰ هڪڙي ئي آهي يعني ”ٽڪر.“ڪيفا (يعني پطرس) جي نالي سان سڏبين.“
فلپس ۽ نٿن‌ايل کي چيلا بڻائڻ
43ٻئي ڏينهن تي يسوع گليل علائقي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي پهچي هو فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ 44فلپس بيت‌صيدا شهر جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا. 45فلپس نٿن‌ايل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنهن بابت موسيٰ پنهنجي شاستر ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن پڻ لکيو آهي، سو اسان کي ملي ويو آهي. اهو يوسف جو پٽ يسوع آهي، جيڪو ناصرت ڳوٺ جو آهي.“ 46نٿن‌ايل هن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنهن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا هلي ڏس.“
47جڏهن يسوع نٿن‌ايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“ 48تڏهن نٿن‌ايل کانئس پڇيو تہ ”اوهين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ يسوع وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏي اچڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو هو.“ 49تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي گرو! اوهين تہ ايشور جا پٽ آهيو. اوهين بني اسرائيل جا راجا آهيو.“ 50يسوع چيس تہ ”ڇا تون انهيءَ ڪري وشواس ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ تو کي انجير جي وڻ هيٺ ڏٺو هئم؟ پر تون هن کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.“ 51#پيد 28‏:12 پوءِ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين آڪاش کلندو ڏسندا ۽ ايشور جي دوتن کي منش‌پتر تي پرگھٽ ٿيندو ۽ مٿي ويندو ڏسندا.“

ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖

يوحنا 1: HSB

គំនូស​ចំណាំ

ចែក​រំលែក

ចម្លង

None

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល