پيدائش 29
29
1پوءِ يعقوب مسافري ڪندي اڳتي وڌيو، ۽ اڀرندي وارن ماڻهن جي ملڪ ۾ پهتو. 2۽ هن ڏٺو تہ ميدان ۾ هڪڙو کوهہ آهي، ۽ اتي رڍن جا ٽي ڌڻ انهيءَ کوهہ جي ڀر ۾ ويٺا آهن؛ ڇالاءِ جو انهيءَ کوهہ مان انهن ڌڻن کي پاڻي پياريندا هئا، ۽ انهيءَ کوهہ جي منهن تي هڪڙو وڏو پهڻ رکيل هو؛ 3۽ جڏهن سڀيئي ڌڻ اچي اتي گڏ ٿيندا هئا تڏهن انهيءَ پهڻ کي کوهہ جي منهن تان اُٿلائي، رڍن کي پاڻي پياريندا هئا، ۽ پوءِ وري اهو پهڻ انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيندا هئا. 4جڏهن يعقوب اتي پهتو، تڏهن انهن کي چيائين تہ ڀائرو، اوهين ڪٿان جا آهيو؟ هنن چيو تہ اسين حاران جا آهيون. 5هن چين تہ اوهين نحور جي پٽ حاران کي سڃاڻو ٿا؟ هنن چيو تہ هائو، اسين سڃاڻونس ٿا. 6تڏهن پڇيائين تہ هو صحيح سلامت آهي؟ هنن چيو تہ هائو، صحيح سلامت آهي؛ اِجها سندس ڌيءَ راخل رڍن کي وٺيو پيئي اچي. 7پوءِ هن چيو تہ ڏسو، اڃا ڏينهن گهڻو پيو آهي ۽ مال جي گڏ ڪرڻ جو وقت بہ ڪونہ ٿيو آهي، اوهين رڍن کي پاڻي پياري وڃي چاريو. 8تنهن تي هنن چيو تہ اسين ائين ڪري نٿا سگهون، پر جڏهن سڀيئي ڌڻ اچي گڏ ٿيندا، ۽ کوهہ جي منهن تان پهڻ اُٿلايو ويندو، تڏهن اسين رڍن کي پاڻي پيارينداسين. 9اڃا هن ساڻن ڳالهيون پئي ڪيون، تہ راخل پنهنجي پيءُ جون رڍون وٺي آئي؛ ڇالاءِ جو هوءَ انهن کي سنڀاليندي هئي. 10۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يعقوب پنهنجي مامي لابن جي ڌيءَ کي، ۽ پنهنجي مامي لابن جي رڍن کي ڏٺو، تڏهن ويجهو وڃي کوهہ جي منهن تان پهڻ اُٿلايائين، ۽ پنهنجي مامي لابن جي ڌڻ کي پاڻي پياريائين. 11پوءِ يعقوب راخل کي چُميو، ۽ زور سان روئڻ لڳو. 12۽ يعقوب راخل کي چيو تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو ڀاڻيجو ۽ ربقہ جو پٽ آهيان، تڏهن هن ڊوڙي وڃي پنهنجي پيءُ کي خبر ڏني، 13۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن لابن پنهنجي ڀاڻيجي يعقوب جي خبر ٻڌي، تڏهن کيس گڏجڻ لاءِ ڊوڙيو، ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائين، ۽ پنهنجي گهر وٺي آيس. ۽ هن لابن کي سمورو حال ٻڌايو. 14تڏهن لابن چيس تہ تون برابر منهنجو هڏ ۽ منهنجو ماس آهين. ۽ هو وٽس مهينو رهي پيو.
15پوءِ لابن يعقوب کي چيو تہ تون منهنجو ڀاءُ آهين، تنهنڪري آءٌ توکان مفت پورهيو ڪرائيندس ڇا؟ مون کي ٻڌاءِ تہ تون ڪيترو اُجورو وٺندين؟ 16هاڻي، لابن کي ٻہ ڌيون هيون، وڏيءَ جو نالو لياہ ۽ ننڍيءَ جو نالو راخل هو. 17لياہ جون اکيون چنجهيون هيون، پر راخل سهڻي ۽ پياري هئي. 18۽ يعقوب جو راخل تي پيار هو؛ تنهنڪري چيائين تہ تنهنجي ننڍي ڌيءَ جي لاءِ آءٌ ست ورهيہ تو وٽ پورهيو ڪندس. 19تڏهن لابن چيو تہ اها ڪنهن ٻئي ماڻهو کي ڏيان، تنهن کان توکي ڏيان تہ چڱو، تون مون وٽ رهي پئُہ. 20پوءِ يعقوب راخل جي لاءِ ست ورهيہ پورهيو ڪيو، ۽ جيئن تہ هن تي سندس پيار هو، تنهنڪري اهي ست ورهيہ کيس ٿورن ڏينهن جيترا نظر آيا.
21پوءِ يعقوب لابن کي چيو تہ منهنجو مدو پورو ٿيو آهي، هاڻي منهنجي زال مون کي ڏي تہ وٽس وڃان. 22تڏهن لابن انهيءَ هنڌ جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري مجلس ڪئي. 23۽ هيئن ٿيو جو سانجهيءَ جي وقت پنهنجي ڌيءَ لياہ آڻي هن کي ڏنائين؛ ۽ هو وٽس ويو. 24۽ لابن پنهنجي ٻانهي زلفہ، پنهنجيءَ ڌيءَ لياہ کي ٻانهي ڪري ڏني. 25۽ صبح جو جڏهن هو اُٿيو، تڏهن ڏٺائين تہ هيءَ لياہ آهي، تڏهن لابن کي چيائين تہ تو هي مون سان ڇا ڪيو؟ مون تو وٽ راخل جي لاءِ پورهيو ڪين ڪيو ڇا؟ پوءِ تو مون سان ٺڳي ڇو ڪئي؟ 26تڏهن لابن چيو تہ اسان جي ملڪ ۾ اهو دستور نہ آهي تہ وڏيءَ کان اڳ ۾ ننڍي ڏجي. 27هن جو ستاواڙو پورو ڪر، تنهن کان پوءِ جيڪي ٻيا ست ورهيہ تون مون وٽ پورهيو ڪندين، تنهن جي لاءِ اسين توکي هيءَ ٻي بہ ڏينداسين. 28سو يعقوب ائين ئي ڪيو، هن جو ستاواڙو پورو ڪيائين؛ پوءِ هن کيس پنهنجي ڌيءَ راخل سان بہ شادي ڪرائي ڏني. 29۽ لابن پنهنجي ڌيءَ راخل کي پنهنجي ٻانهيءَ بلهاہ، ٻانهي ڪري ڏني. 30۽ يعقوب راخل وٽ ويو، ۽ هو راخل کي لياہ کان وڌيڪ پيار ڪندو هو، ۽ هن ٻيا ست ورهيہ بہ انهيءَ وٽ پورهيو ڪيو.
31۽ خداوند ڏٺو تہ لياہ حقير ٿي ليکجي، سو هن سندس رحم کوليو: پر راخل سنڍ رهجي ويئي. 32۽ لياہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس، ۽ انهيءَ جو نالو روبن رکيائين: ڇالاءِ جو هن چيو تہ خداوند منهنجي ڏک تي نظر ڪئي آهي، هاڻي منهنجو مڙس مون کي پيار ڪندو. 33۽ هوءَ وري حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ چيائين تہ خداوند ٻڌو آهي تہ منهنجي حقارت ٿي ٿئي، تنهنڪري مون کي هي بہ پٽ ڏنو اٿس، سو انهي جو نالو شمعون رکيائين. 34۽ هوءَ وري بہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ چيائين تہ هاڻي هن ڀيري منهنجو مڙس مون سان گڏجي رهندو؛ ڇالاءِ جو مون کي منجهانئس ٽي پٽ پيدا ٿيا آهن؛ تنهنڪري انهيءَ جو نالو لاوي رکيائين. 35۽ هوءَ وري بہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ چيائين تہ هن ڀيري آءٌ خداوند جي تعريف ڪنديس، تنهنڪري انهيءَ جو نالو يهوداہ رکيائين. پوءِ هن جو ويامڻ بند ٿيو.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
پيدائش 29: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង
ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.