پيدائش 2

2
1انهيءَ طرح آسمان ۽ زمين ۽ سندن سڄي لشڪر جي پيدائش جو ڪم پورو ٿيو. 2۽ ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم پورو ڪيو؛ ۽ جيڪو ڪم ڪيو هئائين تنهن کان ستين ڏينهن فارغ ٿيو. 3۽ خدا ستين ڏينهن کي برڪت ڏني، ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين: ڇالاءِ جو انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ ۽ جوڙڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.
4هي آسمان ۽ زمين جي پيدائش جو بيان آهي، يعني جنهن ڏينهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان جوڙيو. 5اڃا تائين زمين تي ڪابہ نباتات ۽ جهنگ جا ٻوٽا ڪونہ اُڀريا هئا: ڇوتہ خداوند خدا زمين تي مينهن ڪونہ وسايو هو، ۽ نڪو انسان هو جو زمين تي پوک ڪري؛ 6پر زمين مان ڪوهيڙو نڪرندو هو، جنهن سان ساري زمين تي ريج ٿيندو هو. 7۽ خداوند خدا زمين جي مٽيءَ مان هڪڙو ماڻهو جوڙيو، ۽ انهي جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين؛ تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو. 8۽ خداوند خدا اُڀرندي ڏانهن عدن ۾ هڪڙو باغ بنايو؛ ۽ انسان، جنهن کي هن جوڙيو هو، تنهن کي انهيءَ ۾ رکيائين. 9۽ خداوند خدا زمين مان هر ڪنهن قسم جا وڻ اُڀاريا، جن جو ميوو ڏسڻ ۾ دلپسند ۽ کائڻ ۾ چڱو هو؛ ۽ باغ جي وچ ۾ زندگيءَ جو وڻ، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ جو وڻ بہ اُڀاريائين. 10۽ عدن مان هڪڙي ندي باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ نڪتي؛ ۽ اُتان چئن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويئي. 11پهرينءَ جو نالو فيسون آهي: جا حويلا جي ساري زمين کي گهيري ٿي، جتان سون نڪرندو آهي: 12انهيءَ زمين جو سون چڱو آهي: ۽ اتي موتي ۽ عقيق بہ ٿئي ٿو. 13ٻيءَ نديءَ جو نالو جيحون آهي؛ جا ڪوش جي ساريءَ زمين کي گهيري ٿي. 14ٽين نديءَ جو نالو دجلہ آهي، جا اسور جي اُڀرندي ڏانهن ٿي وڃي. ۽ چوٿين نديءَ جو نالو فرات آهي. 15۽ خداوند خدا آدم کي عدن جي باغ ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ جي باغباني ڪري ۽ سنڀالي. 16۽ خداوند خدا آدم کي حڪم ڏيئي چيو تہ تون باغ جي سڀ ڪنهن وڻ جو ڦل ڀلي کائيندو رهہ: 17پر نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ واري وڻ جو ڦل متان کائين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون اُهو کائيندين، تنهن ڏينهن ضرور مرندين.
18۽ خداوند خدا چيو تہ اهو چڱو نہ آهي تہ انسان اڪيلو رهي؛ آءٌ هن جي لاءِ هڪڙو سندس جهڙو مددگار جوڙيندس. 19۽ خداوند خدا ميدان جا سڀئي جانور ۽ هوا جا سڀ پکي، مٽيءَ مان جوڙيا ۽ کين آدم وٽ آندائين تہ ڏسي تہ هو انهن جا ڪهڙا نالا ٿو رکي. ۽ آدم جنهن جانور کي جيڪي سڏيو، سو ئي هن جو نالو ٿيو. 20سو آدم سڀني ڍورن، هوا جي پکين، ۽ جهنگلي جانورن جا نالا رکيا؛ پر آدم کي سندس جهڙو ڪوبہ مددگار ڪونہ مليو. 21پوءِ خداوند خدا آدم تي گهري ننڊ موڪلي، ۽ هو سمهي پيو؛ ۽ هن سندس پاسرين مان هڪڙي پاسري ڪڍي ۽ انهيءَ جي جاءِ تي گوشت ڀريائين: 22۽ خداوند خدا انهيءَ پاسريءَ مان، جا آدم مان ڪڍي هئائين، هڪڙي زال جوڙي ۽ انهيءَ کي آدم وٽ وٺي آيو. 23تڏهن آدم چيو تہ هيءَ منهنجن هڏن مان هڏو ۽ ماس مان ماس آهي: تنهنڪري هيءَ ناري سڏبي، ڇالاءِ جو نر مان آهي. 24انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ڇڏي پنهنجيءَ زال سان گڏجي رهندو ۽ اُهي هڪ بدن ٿيندا. 25۽ آدم ۽ سندس زال ٻئي اُگهاڙا هئا، تڏهن بہ لڄارا ڪونہ ٿي ٿيا.

ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖

پيدائش 2: SB62

គំនូស​ចំណាំ

ចែក​រំលែក

ចម្លង

None

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល