”پوءِ ڪو وقت ايندو جو سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا ۽ ڌرتيءَ تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي وڏي شور ڪري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويندو. جيئن تہ آڪاشي طاقتون لُڏي وينديون، سو جيڪي آفتون ڌرتيءَ تي پرگھٽ ٿيڻيون هونديون، تن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻهن جون دليون دهلجي وينديون. تڏهن هو منشپتر کي وڏي شڪتيءَ ۽ شان وَ شوڪت سان هڪڙي ڪڪر تي ايندي ڏسندا.