1
لوقا 42:22
Muslim Sindhi Bible
”اي بابا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“
比較
لوقا 22:42で検索
2
لوقا 32:22
پر مون تو لاءِ دعا گھري آهي تہ شل تنهنجي ايمان ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“
لوقا 22:32で検索
3
لوقا 19:22
پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ هنن کي ڏيندي چيائين تہ ”هيءُ منهنجو بدن آهي، جيڪو اوهان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوهين بہ منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“
لوقا 22:19で検索
4
لوقا 20:22
ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”هي پيالو خدا جو نئون عهد آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. اهو رت اوهان جي لاءِ وهائجي ٿو.
لوقا 22:20で検索
5
لوقا 44:22
جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.
لوقا 22:44で検索
6
لوقا 26:22
پر اوهان ۾ ائين نہ هئڻ گھرجي. اوهان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي غلام وانگر ٿيڻ کپي.
لوقا 22:26で検索
7
لوقا 34:22
تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ رات ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“
لوقا 22:34で検索
ホーム
聖書
読書プラン
ビデオ