پيدائش 14

14
ابرام جو لوط کي ڇڏائڻ
1انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو چئن علائقن جي بادشاهن هر هڪ، شِنعار جي بادشاهہ امرافل، الاسار جي بادشاهہ اريوڪ، عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر ۽ گوئِم جي بادشاهہ تدعال، 2پنجن ٻين بادشاهن هر هڪ، سدوم جي بادشاهہ برع، عموراہ جي بادشاهہ برشع، ادمہ جي بادشاهہ شِناب، ضبوئيم جي بادشاهہ شميبر ۽ بالع يعني صغر شهر جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي. 3انهن پنجن بادشاهن هڪ اتحاد ٺاهيو ۽ انهن جون فوجون سديم جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيون، جيڪا اڄڪلهہ کاري سمنڊ ۾ اچي ويئي آهي. 4هو ٻارهن سالن تائين ڪدرلاعمر جي قبضي هيٺ رهيا، پر تيرهين سال انهيءَ جي خلاف بغاوت ڪيائون. 5چوڏهين سال ڪدرلاعمر ۽ سندس اتحادي بادشاهہ پنهنجين فوجن سان آيا ۽ رفائين کي عشتارات‌قرنيم ۾، زوزين کي هام ۾، ايمين کي سوي‌قريتيم شهر ۾ 6۽ حورين کي ادوم جي جابلو علائقي ۾ شڪست ڏيندا، ايل‌فاران تائين آيا جيڪو رڻ‌پٽ جي ويجھو آهي. 7پوءِ هو موٽي عين‌مِشفاط ۾ آيا جيڪو بعد ۾ قادش سڏجڻ لڳو. انهن عماليقين جو سڄو علائقو فتح ڪيو ۽ امورين کي بہ شڪست ڏنائون جيڪي حصيصون‌تمر ۾ رهندا هئا.
8پوءِ سدوم، عموراہ، ادمہ، ضبوئيم ۽ بالع يعني صغر شهرن جي بادشاهن سديم ماٿريءَ ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجيون فوجون ڪڍيون. 9انهن عيلام جي بادشاهہ، گوئِم جي بادشاهہ، شِنعار جي بادشاهہ ۽ الاسار جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي. پنج بادشاهہ چئن سان وڙهيا. 10سديم ماٿري ڏامر جي ڌٻڻ وارين کڏن سان ڀري پيئي هئي. جڏهن سدوم ۽ عموراہ جا بادشاهہ جنگ مان ڀڳا ٿي ويا تہ وڃي انهن کڏن ۾ ڪريا، پر ٻيا ٽي بادشاهہ جبلن ڏانهن ڀڄي ويا. 11پوءِ اهي چار بادشاهہ سدوم ۽ عموراہ جي سموري ملڪيت ۽ کاڌي خوراڪ جون سڀ شيون کڻي هليا ويا. 12هو ابرام جي ڀائٽي لوط کي جيڪو سدوم ۾ رهندو هو، سندس مال ملڪيت سميت پڪڙي وٺي ويا.
13پر هڪڙي ماڻهوءَ ڀڄي جند ڇڏائي ۽ ابرام عبرانيءَ کي اچي خبر ڏنائين جيڪو ممري اموريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن جي ويجھو رهندو هو. ممري ۽ سندس ڀائرن اِشڪال ۽ عانير جو ابرام سان اتحاد ٿيل هو. 14جڏهن ابرام ٻڌو تہ سندس ڀائٽيو پڪڙيو ويو آهي، تڏهن جملي ٽي سؤ ارڙهن ويڙهاڪ ماڻهو، جيڪي سندس گھراڻي جا هئا تن کي ساڻ ڪري دان تائين چئني بادشاهن جي پٺيان پيو. 15اتي هن پنهنجي ماڻهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون ۽ رات جي وقت هنن تي حملو ڪري کين شڪست ڏنائين. هو حوبہ تائين، جيڪو دمشق شهر جي اتر ۾ آهي، هنن جي پٺيان پيو. 16جيڪو مال‌متاع کڄي ويو هو سو هٿ ڪيائين. هو لوط کي پڻ سندس مال‌متاع، عورتن ۽ ٻين پڪڙيل ماڻهن سميت موٽائي وٺي آيو.
ملڪِ‌صدق جو ابرام کي برڪت ڏيڻ
17جڏهن ابرام ڪدرلاعمر ۽ ٻين بادشاهن کي شڪست ڏيئي واپس موٽيو تہ سدوم جو بادشاهہ، شويہ جي ماٿريءَ تائين سندس استقبال لاءِ آيو، جنهن کي بادشاهي ماٿري بہ چئجي ٿو. 18#عبر 7‏:1‏-10 ملڪِ‌صدق جيڪو سالم جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو خاص بندو هو، تنهن بہ ماني ۽ مئي وٽس آندي. 19هن ابرام کي دعا ڪندي چيو تہ ”خدا تعاليٰ جيڪو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي، تنهن جي تو تي برڪت هجي. 20سڀ تعريف انهيءَ خدا تعاليٰ جي آهي جنهن تو کي تنهنجي دشمنن تي سوڀ ڏني.“ پوءِ ابرام سموري هٿ ڪيل مال مان ڏهون حصو ملڪِ‌صدق کي ڏنو.
21تڏهن سدوم جي بادشاهہ ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو توڙي منهنجو سڀ مال ملڪيت ڀلي تون پاڻ وٽ رک، پر منهنجا سمورا ماڻهو مون کي موٽائي ڏي.“ 22ابرام جواب ڏنس تہ ”آءٌ زمين ۽ آسمان جي خالق خداوند خدا تعاليٰ جو قسم ٿو کڻان تہ 23آءٌ تنهنجي ڪابہ شيءِ نہ رکندس، توڙي جو هڪڙو ڌاڳو يا جتيءَ جي ڪهي هجي، ڇو تہ متان تون ائين چوين تہ ’آءٌ ئي اهو واحد شخص آهيان، جنهن ابرام کي شاهوڪار ڪيو.‘ 24آءٌ پنهنجي لاءِ ڪجھہ بہ نہ وٺندس. آءٌ رڳو اهو حصو وٺندس جيڪو منهنجي ماڻهن ڪتب آندو، جيڪي مون سان گڏ هليا هئا. پر منهنجا اتحادي عانير، اِشڪال ۽ ممري ڀلي پنهنجو پنهنجو حصو وٺن.“

Chwazi Kounye ya:

پيدائش 14: MSB

Pati Souliye

Pataje

Kopye

None

Ou vle gen souliye ou yo sere sou tout aparèy ou yo? Enskri oswa konekte