پيدائش 7

7
1۽ خداوند نوح کي چيو تہ تون ۽ تنهنجو سڄو خاندان اچي ٻيڙيءَ ۾ رهو ڇالاءِ جو مون هن زماني ۾ رڳو توکي ئي پنهنجي حضور ۾ راستباز ڏٺو آهي. 2۽ سڀني پاڪ جانورن مان ست ست نر ۽ انهن جون ماديون؛ ۽ جيڪي پاڪ نہ آهن، تن مان ٻہ ٻہ نر ۽ انهن جون ماديون پاڻ سان گڏ آڻ. 3هوا جي پکين مان ٻہ ٻہ نر ۽ سندن ماديون آڻ، تہ زمين تي انهن جو نسل قائم رهي. 4ڇالاءِ جو ستن ڏينهن کان پوءِ، آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون زمين تي مينهن وسائيندس، ۽ جيڪي بہ ساهوارا مون جوڙيا آهن، تن سڀني کي برباد ڪندس. 5تڏهن نوح خداوند جي حڪم موجب سڀ ڪجهہ ڪيو.
6جڏهن زمين تي پاڻيءَ جو طوفان آيو، تڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ ورهيہ هئي. 7پوءِ نوح، سندس پٽ، سندس زال ۽ سندس پٽن جون زالون، پاڻيءَ جي طوفان ڪري اچي ٻيڙيءَ ۾ رهيا. 8۽ پاڪ جانورن مان، ۽ جيڪي جانور پاڪ نہ آهن تن مان، ۽ پکين مان، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن مان؛ 9ٻہ ٻہ نر ۽ ماديون نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ اچي رهيا، جيئن خداوند نوح کي فرمايو هو. 10۽ ستن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو پاڻيءَ جو طوفان زمين تي آيو. 11جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ ورهين جي هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ وڏي سمنڊ جا سڀئي چشما ڦاٽي پيا، ۽ آسمان جون دريون پٽجي پيون، 12۽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون زمين تي مينهن پئي پيو. 13انهيءَ ساڳئي ڏينهن نوح ۽ سندس ٽي پٽ، سم، حام ۽ يافت ۽ نوح جي زال ۽ نوح جي پٽن جون ٽي زالون اهي سڀ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا. 14۽ سڀ ڪنهن قسم جا جانور، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا ڍور، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا زمين تي سرندڙ جيت، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا وڏا ۽ ننڍا پکي. 15۽ سڀني ساهوارن مان جوڙو جوڙو نوح وٽ ٻيڙيءَ ۾ آيو. 16۽ جيڪي بہ ساهوارا اندر آيا سي خدا جي حڪم موجب نر ۽ مادي هئا، پوءِ خداوند انهيءَ کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيو. 17پوءِ چاليهہ ڏينهن زمين تي سيلاب رهيو ۽ پاڻي چڙهندو ويو، ۽ ٻيڙيءَ کي مٿي کنيائين، سو ٻيڙي زمين تان کڄي مٿي ٿي. 18۽ پاڻي زمين تي چڙهندو رهيو، ۽ گهڻو وڌي ويو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ تي ترڻ لڳي. 19۽ پاڻي زمين تي تمام گهڻو چڙهيو، اهڙو جو جيڪي بہ وڏا جبل دنيا ۾ هئا، سي سڀئي ٻڏي ويا. 20پاڻي انهن کان بہ پندرهن هٿ مٿي هو، ۽ جبل پاڻيءَ جي هيٺ اچي ويا. 21۽ جيڪي بہ ساهوارا زمين تي گهميا ٿي، جهڙوڪ پکي، ڍور، مرون، سرندڙ جيت ۽ انسان سي سڀئي مري ويا. 22۽ جن ۾ زندگيءَ جو دم هو ۽ جيڪي سڪيءَ زمين تي رهندا هئا، سي سڀئي مري ويا. 23جيڪا بہ ساهواري شيءِ زمين تي هئي، سا برباد ٿي ويئي. ماڻهو توڙي جانور، سرندڙ جيت توڙي هوا جا پکي، سڀئي زمين تان ميٽجي ويا. رڳو نوح ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، سي وڃي بچيا. 24۽ ڏيڍ سو ڏينهن تائين پاڻي زمين تي چڙهندو رهيو.

Chwazi Kounye ya:

پيدائش 7: SB62

Pati Souliye

Pataje

Kopye

None

Ou vle gen souliye ou yo sere sou tout aparèy ou yo? Enskri oswa konekte