پيدائش 27
27
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسحاق ٻڍو ٿيو ۽ اکين ۾ اهڙو ڌنڌ ٿيس، جو ڏسي نٿي سگهيو، تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ کي سڏي چيو تہ اي منهنجا پٽ، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 2تڏهن هن چيو تہ ڏس، آءٌ ٻڍو ٿيو آهيان ۽ خبر ڪانہ اٿم تہ ڪڏهن مرندس. 3سو هاڻي، مهرباني ڪري پنهنجا هٿيار ۽ پنهنجو تير ڪمان کڻي جهنگ ڏانهن وڃ ۽ مون لاءِ شڪار ڪري اچ: 4۽ منهنجي واسطي لذيذ طعام، جهڙو مون کي وڻندو آهي، تهڙو تيار ڪري مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ اهو کاوان؛ ۽ مرڻ کان اڳي توکي برڪت ڏيان. 5هاڻي جڏهن اسحاق پنهنجي پٽ عيسوءَ سان ڳالهيون پئي ڪيون، تڏهن ربقہ اهي ٻڌي ورتيون. پوءِ جڏهن عيسو شڪار ڪرڻ لاءِ جهنگ ڏانهن ويو، 6تڏهن ربقہ پنهنجي پٽ يعقوب کي سڏي چيو تہ ڏس، مون تنهنجي پيءُ کي تنهنجي ڀاءُ عيسوءَ سان ڳالهيون ڪندي ٻڌو، جو چيائينس تہ 7مون لاءِ شڪار آڻي مون کي لذيذ طعام ٺاهي ڏي تہ آءٌ کاوان، ۽ پنهنجي مرڻ کان اڳي خداوند جي حضور ۾ توکي برڪت ڏيان. 8تنهنڪري پٽ جيڪي آءٌ هاڻي توکي چوان ٿي، تنهن موجب ڪر. 9هاڻي ڌڻ ڏانهن وڃ ۽ اتان مون کي ٻہ سٺا ڇيلا آڻي ڏي، تہ انهن مان آءٌ تنهنجي پيءُ لاءِ اهڙو لذيذ طعام تيار ڪريان، جهڙو کيس وڻندو آهي. 10پوءِ اهو تون پنهنجي پيءُ وٽ کڻي وڃج، تہ هو کائي، ۽ مرڻ کان اڳ ۾ توکي برڪت ڏئي. 11تڏهن هن پنهنجي ماءُ ربقہ کي چيو تہ ڏس، منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي بدن تي وار آهن ۽ منهنجو بدن لسو آهي. 12شايد منهنجو پيءُ مون کي هٿ لائي ۽ آءٌ هن جي اڳيان دغاباز ثابت ٿيان، ۽ برڪت جي بدران پاڻ تي لعنت آڻيان. 13تنهن تي ماڻس چيس تہ منهنجا پٽ، تنهنجي لعنت ڀلي مون تي پوي، تون رڳو منهنجي ڳالهہ مڃ ۽ وڃي اهي مون کي آڻي ڏي. 14پوءِ هو ويو ۽ اهي آڻي پنهنجيءَ ماءُ کي ڏنائين: ۽ سندس ماءُ اهڙو لذيذ طعام تيار ڪيو، جهڙو پڻس کي وڻندو هو. 15۽ ربقہ پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ جا عمدا ڪپڙا جي وٽس گهر ۾ موجود هئا، سي پنهنجي ننڍي پٽ يعقوب کي پهرايا: 16۽ هن جي هٿن تي ۽ ڪنڌ جي لسي هنڌ تي ڇيلن جون کلون ٻڌائين: 17۽ اهو لذيذ طعام ۽ ماني، جا تيار ڪئي هئائين، سا پنهنجي پٽ يعقوب جي هٿ ۾ ڏنائين.
18پوءِ هو پنهنجي پيءُ وٽ آيو ۽ چيائين تہ بابا: هن چيو تہ اِجهو آءٌ ويٺو آهيان؛ پٽ تون ڪير آهين؟ 19يعقوب پيءُ کي چيو تہ آءٌ عيسو تنهنجو وڏو پٽ آهيان؛ جيئن تو مون کي چيو هو، تيئن ڪيو اٿم: آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي اٿي منهنجي شڪار مان کاءُ ۽ مون کي برڪت ڏي. 20تڏهن اسحاق پنهنجي پٽ کي چيو تہ، اي منهنجا پٽ، اهو توکي اهڙو جلد ڪيئن هٿ آيو؟ هن چيو تہ خداوند تنهنجي خدا منهنجي مدد ڪئي. 21پوءِ اسحاق، يعقوب کي چيو تہ منهنجا پٽ ڀلائي ڪري ويجهو اچ تہ آءٌ توکي هٿ لائي ڏسان، تہ تون برابر منهنجو پٽ عيسو آهين يا نہ؟ 22تڏهن يعقوب پنهنجي پيءُ اسحاق جي ويجهو ويو؛ ۽ هن هٿ لائي چيو تہ ڳالهائڻ تہ يعقوب جي ڳالهائڻ جهڙو آهي، پر هٿ عيسو جي هٿن جهڙا آهن. 23سو هو سڃاڻي نہ سگهيس، ڇالاءِ جو هن جا هٿ سندس ڀاءُ عيسو جي هٿن جهڙا وارن سان ڀريل هئا: تنهنڪري هن کي برڪت ڏنائين. 24۽ چيائين تہ ڇا تون سچ پچ منهنجو پٽ عيسو آهين؟ هن چيو تہ ها آءٌ اهوئي آهيان. 25تڏهن چيائينس تہ اهو کاڌو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ پنهنجي پٽ جي شڪار مان کاوان، ۽ توکي برڪت ڏيان. ۽ هن اهو سندس ويجهو آندو ۽ هن کاڌو: ۽ پوءِ هن مئي بہ آڻي ڏنس، سا بہ پيتائين. 26پوءِ سندس پيءُ اسحاق چيس تہ منهنجا پٽ هاڻ ويجهو اچي مون کي چُمي ڏي. 27تڏهن هن ويجهو اچي چُمي ڏنيس: ۽ هن کي سندس ڪپڙن جي خوشبوءِ آئي ۽ برڪت ڏيئي چيائينس تہ:
ڏس منهنجي پٽ جي خوشبوءِ انهيءَ ٻنيءَ جي خوشبوءِ جهڙي آهي، جنهن کي خدا برڪت ڏني آهي.
28شل خدا توکي آسمان جي ماڪ، زمين جو سڻڀ، ۽ ججهو اَن ۽ مئي ڏئي.
29شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي.
30۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسحاق يعقوب کي برڪت ڏيئي چڪو، ۽ يعقوب پنهنجي پيءُ اسحاق وٽان نڪري ٻاهر ويو، تڏهن سندس ڀاءُ عيسو شڪار تان موٽيو. 31۽ هو بہ لذيذ طعام تيار ڪري پنهنجي پيءُ وٽ کڻي آيو، ۽ پنهنجي پيءُ کي چيائين تہ منهنجا ابا اٿي پنهنجي پٽ جي شڪار مان کاءُ، ۽ مون کي برڪت ڏي. 32تڏهن اسحاق چيس تہ تون ڪير آهين؟ هن چيو تہ آءٌ تنهنجو وڏو پٽ عيسو آهيان. 33تنهن تي اسحاق کي ڏاڍي ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ چوڻ لڳو تہ تڏهن اهو ڪير هو، جو مون وٽ شڪار کڻي آيو، ۽ مون تنهنجي اچڻ کان اڳي اهو کاڌو ۽ هن کي برڪت ڏنيم؟ هائو، اهو ئي مبارڪ ٿيندو. 34جڏهن عيسو پنهنجي پيءُ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن زار زار روئڻ لڳو، ۽ پنهنجي پيءُ کي چيائين تہ بابا، مون کي، ها مون کي بہ برڪت ڏي. 35هن چيو تہ تنهنجو ڀاءُ ٺڳي ڪري آيو ۽ تنهنجي برڪت وٺي ويو. 36تڏهن چيائين تہ هن کي يعقوب نالو برابر ڪين مليو آهي ڇا؟ ڇو جو هن هي ٻيو ڀيرو مون سان ٺڳي ڪئي آهي: هو منهنجي پهريتي هئڻ جو حق وٺي ويو؛ ۽ هاڻي ڏس، هو منهنجي برڪت بہ کڻي ويو آهي. پوءِ چيائين تہ تو منهنجي لاءِ ڪا برڪت بچائي نہ رکي آهي ڇا؟ 37۽ اسحاق عيسوءَ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون هن کي تنهنجو مالڪ ٺهرايو آهي، ۽ سندس سڀيئي ڀائر کيس نوڪر ڪري ڏنا اٿم؛ هاڻي منهنجا پٽ، آءٌ تولاءِ ڇا ڪريان؟ 38تڏهن عيسوءَ پنهنجي پيءُ کي چيو تہ بابا، تو وٽ فقط هڪڙي برڪت آهي ڇا؟ مون کي، هائو مون کي بہ برڪت ڏي. ۽ عيسو زار زار روئڻ لڳو. 39تڏهن سندس پيءُ اسحاق ورندي ڏيئي چيس تہ:
ڏس، تنهنجي رهڻ جو هنڌ زمين جي سڻڀ ۽ مٿان آسمان جي ماڪ مان نہ ٿيندو.
40تون پنهنجيءَ ترار جي زور تي حياتي گذاريندين، ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ڪندين: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون زور وٺي آزاد ٿيندين، تڏهن پنهنجي ڀاءُ جي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ تان لاهي ڇڏيندين.
41پوءِ عيسو يعقوب سان حسد ڪرڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو سندس پيءُ هن کي برڪت ڏني هئي، ۽ عيسوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ منهنجي پيءُ جي لاءِ ماتم ڪرڻ جو وقت ويجهو آهي، پوءِ آءٌ پنهنجي ڀاءُ يعقوب کي قتل ڪندس. 42جڏهن ربقہ کي سندس وڏي پٽ عيسوءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌايون ويون، تڏهن هن پنهنجي ننڍي پٽ يعقوب کي گهرايو ۽ چيائينس تہ ڏس، تنهنجو ڀاءُ عيسو توکي قتل ڪرڻ جو ارادو رکي پنهنجيءَ دل کي تسلي ڏيئي رهيو آهي. 43سو هاڻي منهنجا پٽ منهنجو چيو مڃ ۽ حاران ۾ منهنجي ڀاءُ لابن وٽ ڀڄي وڃ؛ 44۽ ڪي ڏينهن وڃي انهيءَ وٽ رهہ، جيسين تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ ڍري ٿئي؛ 45يعني جيسين تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ تو تان لهي وڃي، ۽ جيڪي تو ساڻس ڪيو آهي، سو وسري وڃيس: پوءِ آءٌ توکي اتان گهرائي وٺنديس: آءٌ اوهان ٻنهي کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڇو وڃايان.
46تڏهن ربقہ اسحاق کي چيو تہ آءٌ حت جي ڌيئرن ڪري پنهنجيءَ حياتيءَ مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان: جيڪڏهن يعقوب هن ملڪ جي ڇوڪرين منجهان حت جي ههڙين ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ شادي ڪئي، تہ پوءِ منهنجي جيئڻ مان ڪهڙو فائدو؟
Chwazi Kounye ya:
پيدائش 27: SB62
Pati Souliye
Pataje
Kopye
Ou vle gen souliye ou yo sere sou tout aparèy ou yo? Enskri oswa konekte
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.