پيدائش 11
11
1۽ ساري زمين تي هڪڙي زبان ۽ هڪڙي ٻولي هئي. 2۽ هيئن ٿيو جو اڀرندي ڏانهن مسافري ڪندي ڪندي اهي سنعار ملڪ جي هڪڙي ميدان ۾ آيا، ۽ اتي رهي پيا. 3اتي هو هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون. سو انهن پهڻن جي بدران سرون، ۽ چن جي بدران گارو ڪم ۾ آندو. 4۽ هنن چيو تہ اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو ٺلهہ جوڙيون، جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون؛ متان پوءِ اسين ساريءَ زمين تي پري پري پکڙجي وڃون. 5تڏهن خداوند اهو شهر ۽ ٺلهہ جو آدم جي اولاد جوڙيو هو، سو ڏسڻ لاءِ لهي آيو. 6۽ خداوند چيو تہ ڏسو، هي سڀ هڪڙي قوم آهن، ۽ سندن ٻولي بہ هڪڙي آهي، ۽ اهي جو هيئن ڪرڻ لڳا آهن، سو هو جيڪو ڪم ڪرڻ گهرندا، تنهن ۾ کين روڪ ڪانہ ٿيندي. 7تنهنڪري اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجهارو وجهون، تہ هو هڪ ٻئي جو ڳالهائڻ سمجهي نہ سگهن. 8سو خداوند انهن کي اتان هٽائي ساريءَ زمين تي پکيڙي ڇڏيو: تڏهن هنن اهو شهر جوڙڻ ڇڏي ڏنو. 9تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو بابل پئجي ويو؛ ڇالاءِ جو اتي خداوند ساري زمين جي ٻولي منجهائي ڇڏي: ۽ اتان خداوند انهن کي ساري زمين تي پکيڙي ڇڏيو.
10سم جو نسب نامو هن ريت آهي. جڏهن سم هڪ سؤ ورهين جو ٿيو، تڏهن طوفان کان ٻہ سال پوءِ هن مان ارفڪسد پيدا ٿيو. 11۽ ارفڪسد جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سم پنج سؤ ورهيہ جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
12جڏهن ارفڪسد پنجٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان سلحہ پيدا ٿيو: 13۽ سلحہ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ ارفڪسد چار سو ٽي ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
14جڏهن سلحہ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان عبر پيدا ٿيو: 15۽ عبر جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سلحہ چار سؤ ٽي ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
16جڏهن عبر چوٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان فلجہ پيدا ٿيو: 17۽ فلجہ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ عبر چار سؤ ٽيهہ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
18جڏهن فلجہ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان رعو پيدا ٿيو: 19۽ رعو جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ فلجہ ٻہ سؤ نو ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
20جڏهن رعو ٻٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان سروج پيدا ٿيو: 21۽ سروج جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ رعو ٻہ سؤ ست ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
22جڏهن سروج ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان نحور پيدا ٿيو: 23۽ نحور جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سروج ٻہ سؤ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
24جڏهن نحور اوڻٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان تارح پيدا ٿيو: 25۽ تارح جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ نحور هڪ سؤ اوڻيهہ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
26جڏهن تارح ستر ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان ابرام، نحور ۽ حاران پيدا ٿيا.
27تارح جو نسب نامو هن ريت آهي: تارح مان ابرام، نحور ۽ حاران پيدا ٿيا؛ ۽ حاران مان لوط پيدا ٿيو. 28۽ حاران پنهنجي پيءُ تارح جي جيئري، پنهنجي ڄمڻ واري هنڌ، يعني ڪسدين جي اور ۾ مري ويو. 29۽ ابرام ۽ نحور شادي ڪئي. ابرام جي زال جو نالو ساري هو، ۽ نحور جي زال جو نالو ملڪہ هو، جا انهيءَ حاران جي ڌيءَ هئي جو ملڪہ ۽ اسڪہ جو پيءُ هو. 30ساري سنڍ هئي؛ ۽ کيس ڪو ٻار ڪونہ هو.
31پوءِ تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جو حاران جو پٽ هو، ۽ پنهنجيءَ ننهن، يعني ابرام جي زال ساريءَ کي پاڻ سان وٺي نڪتو، ۽ اهي سڀيئي ڪسدين جي اور مان روانا ٿيا ۽ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن ويا. جڏهن اهي حاران ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا. 32تارح جي ساري عمر ٻہ سؤ پنج ورهيہ هئي: ۽ تارح حاران ۾ مري ويو.
Chwazi Kounye ya:
پيدائش 11: SB62
Pati Souliye
Pataje
Kopye
Ou vle gen souliye ou yo sere sou tout aparèy ou yo? Enskri oswa konekte
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.