اتي يعقوب هڪڙي مڃت مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن خدا مون ساڻ هوندو، ۽ جا واٽ آءٌ وڃان ٿو، تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندو، ۽ مون کي کائڻ لاءِ ماني ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو ڏيندو رهندو، تہ آءٌ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پيءُ جي گهر اچان، تہ پوءِ خداوند منهنجو خدا ٿيندو، ۽ هي پهڻ، جو مون ٿنڀ وانگي کوڙيو آهي، سو خدا جو گهر ٿيندو: ۽ جيڪي تون مون کي ڏيندين، تنهن جو ڏهون حصو آءٌ ضرور توکي ڏيندس.