يوحنا 22:16-23
يوحنا 22:16-23 MSB
اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو. انهيءَ ڏينهن اوهين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا، پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان گھرندا تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو اوهان کي سڀ ڪجھہ ڏيندو.