YouVersion Logo
Search Icon

متي 7

7
ٻين کي ڏوھي ٺھرائڻ
(لوقا ۳۷‏:۶‎–۳۸‏،۴۱‎–۴۲)
1”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي. 2#مر ۲۴‏:۴ ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھين ٻين کي ڏوھي ٺھرائيندا، تيئن اھي بہ اوھان کي ڏوھي ٺھرائيندا ۽ جيئن ٻين کي اوھين ماپي ڏيندا، تيئن ساڳئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو. 3اوھين ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيل اٿوَ ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟ 4اوھين ڪيئن ڪنھن کي چئي سگھو ٿا تہ ’ادا، مون کي پنھنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏھن تہ اوھان جي اک ۾ شھتير پيل آھي؟ 5اي رياڪارو! اوھين پھريائين پنھنجي اک مان شھتير ڪڍو تہ پوءِ اوھين پنھنجي ڀاءُ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.
6پاڪ شيون ڪتن ڏانھن نہ اڇلايو ۽ موتي سوئرن اڳيان ڦٽا نہ ڪريو. اھي تہ رڳو انھن کي لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوھان کي ڏاڙھيندا.“
گھرو، ڳوليو ۽ کڙڪايو
(لوقا ۹‏:۱۱‎–۱۳)
7”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ ۽ در کڙڪايو تہ کليوَ. 8ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي، تنھن کان لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي. 9ڇا اوھان ۾ ڪو اھڙو پيءُ آھي جنھن کان سندس ٻار ماني گھري تہ ھو پٿر ڏئيس؟ 10يا سندس ٻار مڇي گھري تہ نانگ ڏئيس؟ 11جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙي ھئڻ جي پنھنجن ٻارن کي سٺيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ سٺيون شيون انھن کي ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا!
12 # لو ۳۱‏:۶ جھڙيءَ طرح اوھين چاھيو ٿا تہ ماڻھو اوھان سان سلوڪ ڪن تھڙيءَ طرح اوھين بہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريو. اھو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي تعليم جو نچوڙ آھي.“
سوڙھو دروازو
(لوقا ۲۴‏:۱۳)
13”اوھين سوڙھي دروازي مان اندر داخل ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو دروازو ۽ رستو برباديءَ ڏانھن وڃي ٿو سو ويڪرو ۽ ڪشادو آھي ۽ ان مان اندر گھڙڻ وارا گھڻا ئي آھن. 14پر اھو دروازو سوڙھو آھي ۽ اھو رستو تنگ آھي جيڪو زندگيءَ ڏانھن وڃي ٿو ۽ جن کان اھو لڀي ٿو سي پڻ ٿورا آھن.“
جھڙو وڻ تھڙو ميوو
(لوقا ۴۳‏:۶‎–۴۴)
15”انھن نبي سڏائيندڙن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اھي وحشي بگھڙ آھن. 16اوھين انھن کي سندن عملن مان سڃاڻي وٺندا. ڇالاءِ⁠جو ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آھن ۽ نڪي اڪن مان انب. 17اھڙيءَ طرح سٺو وڻ ميوو بہ سٺو ڏئي ٿو ۽ خراب وڻ ميوو بہ خراب ڏئي ٿو. 18سٺو وڻ خراب ميوو ڏيئي نہ ٿو سگھي ۽ نڪي خراب وڻ سٺو ميوو ڏيئي سگھي ٿو. 19#مت ۱۰‏:۳، لو ۹‏:۳ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي سو وڍي باھہ ۾ وجھبو آھي. 20#مت ۳۳‏:۱۲ تنھنڪري اوھين انھن نبي سڏائيندڙن کي سندن عملن مان سڃاڻي سگھندا.“
آءٌ اوھان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان
(لوقا ۲۵‏:۱۳‎–۲۷)
21”جيڪي مون کي ’اي خداوند! اي خداوند!‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان واري بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اھي داخل ٿيندا جيڪي منھنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب ھلن ٿا. 22قيامت جي ڏينھن گھڻا ئي چوندا تہ ’اي خداوند! اي خداوند! اسان تنھنجي نالي تي اڳڪٿيون نہ ڪيون ڇا؟ اسان تنھنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنھنجي نالي تي ڪيترائي معجزا نہ ڪيا ڇا؟‘ 23#زب ۸‏:۶ پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوھان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي بدڪارو! مون وٽان ھليا وڃو.‘“
ٻن گھرن جي اڏاوت
(لوقا ۴۷‏:۶‎–۴۹)
24”تنھنڪري جيڪوبہ منھنجو ھي ڪلام ٻڌي ان تي عمل ڪري ٿو سو اھڙي سياڻي ماڻھوءَ مثل آھي جنھن پنھنجو گھر ٽڪر تي اڏايو. 25جيتوڻيڪ مينھن ان تي لاٽان ڪيون، درياءَ ٻوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس پر اھو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ٽڪر تي اڏيل ھو. 26پر جيڪوبہ ماڻھو منھنجو ھي ڪلام ٻڌي ان تي عمل نہ ٿو ڪري، سو اھڙي اياڻي مثل آھي جنھن پنھنجو گھر واريءَ تي اڏايو. 27ان گھر تي مينھن لاٽان ڪيون، درياءَ ٻوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تہ گھر ڪري پيو ۽ تباھہ ٿي ويو.“
عيسيٰ جي اختياري
28 # مر ۲۲‏:۱، لو ۳۲‏:۴ جڏھن عيسيٰ ھي ڳالھيون چئي چڪو تڏھن ميڙ ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، 29ڇالاءِ⁠جو ھن شريعت جي عالمن وانگر نہ ٿي سيکاريو، پر ائين پئي سيکاريائين جيئن ڪو اختياريءَ وارو سيکاري.

Currently Selected:

متي 7: SCLNT

Tõsta esile

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy