YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 27

27
پولس جو روم ڏانھن سامونڊي سفر
1جڏھن اھو فيصلو ٿيو تہ اسين سامونڊي جھاز ۾ چڙھي اِٽليءَ ڏانھن وڃون، تڏھن ھنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شھنشاھي پلٽڻ جي صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو. 2اسين ادرموتيم جي جھاز ۾ چڙھي روانا ٿياسين، جو ايشيا پرڳڻي جي ڪناري وارن شھرن ڏانھن وڃڻ لاءِ تيار بيٺو ھو. ارسترخس نالي ھڪڙو مڪدوني، جيڪو ٿسلونيڪيءَ جو رھاڪو ھو سو بہ اسان سان گڏ ھو. 3ٻئي ڏينھن تي اسين صيدا ۾ پھتاسين. اتي يوليس پولس تي اھا مھرباني ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ ھو ڀلي پنھنجن دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انھن کان وٺي. 4پوءِ اسين صيدا مان روانا ٿياسين، پر جيئن تہ واءُ اڻائو ھو تنھنڪري قبرص ٻيٽ جي آڙ وٺي ھلياسين. 5پوءِ اسين ڪلڪيا ۽ پمفوليا جي پاسي وارو سمنڊ پار ڪري مورا ۾ اچي پھتاسين، جيڪو لوڪيا جو ھڪڙو شھر آھي. 6اتي صوبيدار ڏٺو تہ اسڪندريہ جو ھڪڙو سامونڊي جھاز اِٽليءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي، سو ھن اسان کي انھيءَ جھاز ۾ سوار ڪيو.
7اسين آھستي آھستي سفر ڪري رھيا ھئاسين، تنھنڪري ڪيترائي ڏينھن لڳي ويا. نيٺ وڏيءَ مشڪل کان پوءِ ڪندوس شھر جي سامھون پھتاسين. واءُ جي زور ڪري اڳتي وڌي نہ سگھياسين. تنھنڪري اسين سلمونيءَ جي اڳيان لنگھي ڪريتي ٻيٽ جي آڙ وٺي ھلڻ لڳاسين، 8۽ وڏيءَ مشڪل سان انھيءَ جو ڪنارو ڏيئي ھلندي ھلندي اچي سھڻي نالي بندر تي پھتاسين، جنھن جي ويجھو لسيا جو شھر آھي.
9اتي اسان کي ڏاڍو وقت لڳي ويو، تان جو #روزي جو ڏينھن: اھو روزو سيپٽمبر جي آخر کان آڪٽوبر جي شروعات دوران يھودي مذھب ۾ ڪفاري واري ڏينھن رکيو ويندو ھو. انھيءَ ڏينھن کان پوءِ سامونڊي سفر ڏاڍو خطرناڪ ھوندو ھو.روزي جو ڏينھن بہ گذري ويو. ھاڻي تہ جھاز جو سفر بہ ڏاڍو جوکائتو ٿي پيو ھو. تنھنڪري پولس ھنن کي صلاح ڏني تہ 10”دوستو! آءٌ سمجھان ٿو تہ ھن سفر ۾ تڪليف ۽ وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي. رڳو مال ۽ جھاز جو نقصان نہ پر حياتيءَ جو بہ خطرو آھي.“ 11پر صوبيدار پولس جي ڳالھين کان وڌيڪ ڪپتان ۽ جھاز جي مالڪ جون ڳالھيون مڃيون. 12جيئن تہ اھو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ ھو، تنھنڪري گھڻن اھا صلاح ڏني تہ ھتان اڳتي ھلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو ھلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتيءَ جو بندر آھي ۽ سندس رخ اتر الھندي ۽ ڏکڻ الھندي ڏانھن آھي.
سمنڊ ۾ طوفان
13جڏھن ڏکڻ جو واءُ آھستي آھستي گھلڻ لڳو، تڏھن ھنن سمجھيو تہ سندن مطلب پورو ٿيو. تنھنڪري ھو جھاز جا لنگر کڻي ڪريتيءَ جو ڪنارو ڏيئي ھليا. 14اڃا ٿورو وقت ئي ڪين گذريو تہ سمنڊ ۾ ھڪ سخت موسمي طوفان اچي ڪڙڪيو، جنھن کي ”يُوراڪُلون“چون ٿا. 15جڏھن جھاز ڦاسي پيو ۽ واءُ جي سامھون ھلي نہ سگھيو، تڏھن لاچار ٿي اسان کيس واءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڌڪبا پئي وياسين. 16ڪودہ نالي ھڪڙي ننڍڙي ٻيٽ جي آڙ ۾ لنگھندي وڏيءَ ڪوشش سان بچاءَ ٻيڙيءَ کي بچائي ورتوسين. 17تڏھن ملاحن انھيءَ ٻيڙيءَ کي جھاز ۾ چاڙھي، جھاز کي ھيٺين پاسي کان رسا ٻڌي مضبوط ڪيو، پر پوءِ اچي کين ڊپ ورتو تہ متان اڳتي ھلي پاڻيءَ ھيٺان سورتس واريءَ ۾ ڦاسي پئون. تنھنڪري جھاز جو سڙھہ ھيٺ لاٿائون ۽ پوءِ ڇولين جي رحم ڪرم تي ڌڪبا وياسون. 18جڏھن طوفان اسان کي تمام گھڻي تڪليف ڏني تڏھن ٻئي ڏينھن تي انھن جھاز جو سامان اڇلائڻ شروع ڪيو، 19۽ ايندڙ ڏينھن تي انھن پنھنجن ھٿن سان جھاز جو سڙھہ لاھي ڦٽو ڪيو. 20ڪيترن ئي ڏينھن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز ھوائون گھلنديون رھيون. آخرڪار اسان پنھنجي حياتيءَ کان نااميد ٿي وياسين.
21جڏھن ماڻھن کي کاڌي کان سواءِ ڪيترائي ڏينھن گذري ويا، تڏھن پولس انھن جي اڳيان اٿي بيھي چيو تہ ”دوستو! جيڪڏھن اوھين منھنجي صلاح مڃيو ھا ۽ ڪريتيءَ وٽان نہ ھلو ھا تہ ھي نقصان ۽ تڪليف اسان کي نہ رسي ھا. 22ھاڻي آءٌ اوھان کي صلاح ٿو ڏيان تہ دل نہ لاھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان مان ڪنھن کي بہ جيءَ جو جوکو نہ ٿيندو، رڳو جھاز تباھہ ٿيندو. 23ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن خدا جو آءٌ ٻانھو آھيان ۽ جنھن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنھن جو ملائڪ رات منھنجي ڀرسان اچي بيٺو 24۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، ھي جيڪي ماڻھو جھاز ۾ تو سان گڏ آھن، تن سڀني کي خدا تنھنجي خاطر بچايو آھي.‘ 25تنھنڪري دوستو! دلجاءِ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو منھنجو خدا تي پورو يقين آھي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو، 26۽ ضرور اسين ڪنھن ٻيٽ تي وڃي پھچنداسين.“
27چوڏھينءَ جي رات ھئي جو اسين انھيءَ طوفان سان ڌڪجي وڃي ڀونوچ سمنڊ ۾ پياسين، اٽڪل اڌ رات جو وقت ھو جو خلاصين کي اھو گمان ويٺو تہ اسين شايد ڪنھن سڪيءَ جي علائقي کي ويجھا ٿيندا ٿا وڃون. 28ھنن پاڻيءَ جي اونھائي ماپي تہ ھڪ ھنڌ چاليھہ ميٽر ٿي ۽ ٿورو اڳڀرو وڃي ماپيائون تہ اھا ٽيھہ ميٽر ٿي. 29سو ھنن کي ڊپ ٿيو تہ متان ڪنھن ٽڪرائتي ڪناري سان نہ وڃي لڳن. تنھنڪري ھو جھاز جي پاڇيل جا چار لنگر لاھي خدا خدا ڪرڻ لڳا تہ ڏينھن ٿئي. 30خلاصين اھا ڪوشش ڪئي تہ جھاز مان ڀڄي وڃن ۽ انھيءَ ڪوشش ۾ انھن ٻيڙي بہ سمنڊ ۾ لاھي ڇڏي ۽ اھو بھانو بڻايائون تہ ”اسين جھاز جي آڳيل تان لنگر ٿا لاھيون.“ 31تنھن تي پولس صوبيدار ۽ سپاھين کي چيو تہ ”جيڪڏھن ھي خلاصي جھاز تي نہ رھندا تہ اوھين بچي نہ سگھندا.“ 32سو سپاھين ٻيڙيءَ جا پڳھہ ڇوڙي ڇڏيا تہ ھلي وڃي.
33جڏھن صبح ٿيڻ وارو ھو تہ پولس سڀني کي ڪجھہ کاڌو کائڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ چيائين تہ ”اوھين چوڏھن ڏينھن تائين خوف ۽ خطري جي حالت ۾ رھيا آھيو ۽ ايترو وقت اوھان ڪجھہ بہ نہ کاڌو آھي. 34آءٌ اوھان کي عرض ٿو ڪريان تہ مھرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوھان جي جان بچي. ھاڻ اوھان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“ 35جڏھن اھو چئي چڪو تہ ماني کڻي سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪندي گرھہ ڀڃي کاڌائين. 36پوءِ ٻين کي بہ دلجاءِ ٿي ۽ ماني کاڌائون. 37جھاز تي اسين مڙيئي ٻہ سو ڇاھتر ماڻھو سوار ھئاسين. 38جڏھن انھن کائي ڍءُ ڪيو تہ جھاز تان بار ھلڪو ڪرڻ لاءِ ھنن سموري ڪڻڪ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪئي.
جھاز جي تباھي
39جڏھن ڏينھن ٿيو تہ خلاصين کي ڪنارو سڃاڻڻ ۾ نہ آيو، پر انھن ھڪ سامونڊي کاري ڏٺي، جنھن جو ڪنارو صاف ھو. سو ھو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جيڪڏھن ٿي سگھي تہ جھاز کي انھيءَ ڪناري تي وڃي بيھارجي. 40پوءِ تہ لنگر ڇوڙي سمنڊ ۾ ڦٽا ڪيائون، ونجھن جا رسا بہ کولي ڇڏيائون ۽ آڳيل وارو سڙھہ واءُ جي رخ تي چاڙھي ڪناري ڏانھن وڌڻ لڳا. 41تڏھن جھاز ھڪڙي ھنڌ اچي واريءَ ۾ ڦاٿو جو سندس آڳيل قابو ٿي پيئي، پر پاڇيل ڇولين جي سٽڪي لڳڻ ڪري ڀڄڻ لڳي.
42سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ قيدين کي ماري ڇڏجي، متان انھن منجھان ڪو تري ڀڄي نہ وڃي. 43پر صوبيدار جي دل گھريو ٿي تہ ڪنھن طرح پولس کي بچائي، تنھنڪري ھنن کي انھيءَ ارادي کان روڪيائين ۽ حڪم ڏنائين تہ ”جيڪي ماڻھو تري سگھن ٿا سي پھريائين جھاز مان ٽپو ڏيئي سمنڊ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پھچن، 44۽ باقي ڪي تختن تي، ڪي جھاز جي ترندڙ شين تي نڪري وڃن.“ نيٺ ٿيو بہ ائين جو سڀيئي صحيح سلامت وڃي سڪيءَ تي پھتا.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in