YouVersion Logo
Search Icon

2.ڪرنٿين 7

7
1اي پيارا دوستو! جڏھن اسان سان اھڙا واعدا ڪيا ويا آھن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي ھر انھيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنھي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.
پولس جي خوشي ۽ تسلي
2اسان کي پنھنجين دلين ۾ جاءِ ڏيو. اسان ڪنھن سان بہ ظلم نہ ڪيو آھي، نڪي ڪنھن کي بگاڙيو آھي ۽ نڪي ڪنھن کي ٺڳيو آھي. 3آءٌ اوھان تي الزام ھڻڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇالاءِ⁠جو مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آھي تہ اوھان لاءِ اسانجين دلين ۾ اھڙي جاءِ آھي جو اسين جيئڻ ۽ مرڻ ۾ ھميشہ گڏ آھيون. 4مون کي اوھان تي تمام گھڻو اعتبار آھي. آءٌ اوھان تي ڏاڍو فخر ٿو ڪريان. مون کي پوري تسلي آھي. تنھنڪري جيڪا بہ مصيبت اسان تي اچي ٿي، تنھن ۾ آءٌ تمام گھڻو خوش رھندو آھيان.
5 # ۲.ڪر ۱۳‏:۲ جڏھن اسين مڪدونيا ۾ آياسين تڏھن بہ اسان کي آرام نہ مليو، پر ھر طرف کان مصيبت ۾ گرفتار ٿي وياسين. ٻاھر جھيڙا جھڳڙا ھئا ۽ اندر خوف خطرا. 6پر خدا، جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آھي، تنھن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني. 7اسان کي نہ رڳو ھن جي اچڻ ڪري تسلي ملي، پر انھيءَ تسليءَ جي ڪري بہ جيڪا ھن کي اوھان کان ملي. ھن اسان کي ٻڌايو تہ اوھين مون کي ڏسڻ لاءِ ڪيترو نہ شوق رکو ٿا، ڪيڏو نہ غم اٿوَ ۽ منھنجي ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪيترو نہ تيار آھيو. انھيءَ ڪري آءٌ اڃا بہ وڌيڪ خوش ٿيس.
8جيتوڻيڪ منھنجي خط اوھان کي غمگين ڪيو، تڏھن بہ ان لکئي تي آءٌ نہ ٿو پڇتايان. جيڪڏھن پڇتايو ھوم تہ اھو ڏسي ڪري تہ خط اوھان کي صرف ٿوري دير لاءِ غمگين ڪيو. 9ھاڻي آءٌ خوش آھيان، انھيءَ لاءِ نہ تہ اوھين غمگين ٿيا آھيو، پر انھيءَ لاءِ تہ اوھان جي غمگينيءَ جو اھو نتيجو نڪتو جو اوھان توبھہ ڪئي. سو اوھان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھنڪري اسان جي طرفان اوھان کي ڪنھن بہ قسم جو نقصان نہ پھتو. 10ڇالاءِ⁠جو اھڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آھي سو توبھہ پيدا ٿو ڪري. اھڙي توبھہ جنھن جو نتيجو ڇوٽڪارو آھي، تنھن ۾ ڪوبہ پڇتاءُ نہ ٿو ٿئي. پر دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري. 11ڏسو، اوھان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھن اوھان ۾ ڪھڙي نہ سرگرمي ۽ پاڻ کي بي⁠ڏوھي ثابت ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ڪھڙي نہ رنجش، ڪھڙو نہ خوف، ڪھڙي نہ سڪ ۽ ڪھڙو نہ شوق پيدا ڪيو ۽ اوھين ڪھڙيءَ طرح بدڪار کي سيکت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اوھان ھر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوھين ھن معاملي ۾ بي⁠ڏوھي آھيو.
12جيتوڻيڪ مون اوھان ڏانھن لکيو ھو، سو نہ تہ انھيءَ لاءِ جنھن ڏوھہ ڪيو ۽ نڪي ان لاءِ جنھن جو ڏوھہ ڪيائين. پر لکڻ جو مقصد ھو تہ اوھان کي جيڪا اسان لاءِ ڳڻتي آھي سا خدا جي آڏو اوھان تي ظاھر ٿئي. 13تنھنڪري اسان کي تسلي ملي آھي.
انھيءَ تسليءَ کان سواءِ اسان کي طيطس جي خوشيءَ جي ڪري بہ نھايت گھڻي خوشي ٿي. ڇالاءِ⁠جو اوھان سڀني جي مدد سان ھن جي دل کي سڪون مليو آھي. 14پر جيڪڏھن مون ھن جي اڳيان اوھان جي بابت ڪو فخر ظاھر ڪيو ھو تہ آءٌ شرمندو نہ ٿيو ھوس. ڇالاءِ⁠جو جيئن اسان اوھان کي سڀ ڳالھيون سچائيءَ سان چيون آھن، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو ھو سو بہ سچو ثابت ٿيو. 15جڏھن ھن کي اوھان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي تہ ڪھڙيءَ طرح ادب ۽ تابعداري ڪندي اوھان ھن سان گڏيا ھئا، تڏھن سندس دلي محبت اوھان لاءِ گھڻي وڌي ٿي وڃي. 16آءٌ خوش آھيان، ڇالاءِ⁠جو ھر ڳالھہ ۾ مون کي اوھان جي طرفان خاطري آھي.

Currently Selected:

2.ڪرنٿين 7: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in