YouVersion Logo
Search Icon

2.ڪرنٿين 11

11
پولس ۽ ڪوڙا رسول
1ڪاش! اوھين منھنجي ٿورڙي بي⁠وقوفيءَ کي برداشت ڪري سگھو. ھا، ضرور برداشت ڪريو. 2مون کي اوھان لاءِ خدا جھڙي غيرت آھي. انھيءَ ڪري ئي مون اوھان کي ھڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو، تہ جيئن اوھان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر ھن وٽ حاضر ڪريان. 3#پيد ۱‏:۳‎–۵‏،۱۳ پر مون کي اھو ڊپ آھي تہ جيئن نانگ پنھنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنھن نموني اوھان جون دليون بہ انھيءَ سادگيءَ ۽ پاڪائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح لاءِ ھئڻ گھرجن. 4جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ڪنھن ٻئي عيسيٰ جي منادي ٿو ڪري جنھن جي اسان نہ ڪئي، يا جيڪڏھن ڪو ٻيو روح اوھان کي ملي ٿو جيڪو مليل پاڪ روح کان مختلف آھي، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جيڪا اوھان قبول نہ ڪئي ھئي، تہ پوءِ اھو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انھيءَ کي برداشت ٿا ڪريو؟ 5ڇالاءِ⁠جو جن رسولن کي اوھين تمام وڏو ٿا چئو، آءٌ پاڻ کي تن کان ذرو بہ گھٽ نہ ٿو سمجھان. 6پر جيڪڏھن آءٌ تقرير ۾ بي⁠ھنر آھيان تہ بہ علم ۾ اھڙو نہ آھيان. اھا ڳالھہ اسان ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي اڳيان ظاھر ڪري ڇڏي آھي.
7مون اوھان کي خدا جي خوشخبري مفت ۾ ٻڌائي ۽ پنھنجو پاڻ کي ھيٺ ڪيو تہ جيئن اوھين مٿي ٿيو. ڇا اھو ئي منھنجو گناھہ آھي؟ 8مون ٻين ڪليسيائن کي ڄڻ تہ ڦريو، يعني انھن کان اجورو ورتم تہ جيئن اوھان جي خدمت ڪريان. 9#فل ۱۵‏:۴‎–۱۸ جڏھن آءٌ اوھان وٽ ھوس ۽ محتاج ٿي پيس تڏھن بہ آءٌ ڪنھن تي بار ڪين ٿيس. ڇالاءِ⁠جو مڪدونيا مان ايمان وارن اچي منھنجون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون ھر ڳالھہ ۾ اوھان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي باز رکيو ۽ آئيندہ بہ باز رکندو رھندس. 10مسيح جي سچائي جيڪا مون ۾ آھي، تنھن موجب چوان ٿو تہ اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انھيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ نہ روڪيندو. 11آءٌ ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇا انھيءَ لاءِ تہ آءٌ اوھان سان پيار نہ ٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آءٌ اوھان سان ڪيڏو نہ پيار ٿو ڪريان.
12پر جيڪي ڪجھہ آءٌ ڪريان ٿو سو ئي ڪندو رھندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رھندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اھي فخر سان چون تہ ھو اسان جھڙي ئي خدمت ڪن ٿا. 13ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو ڪوڙا رسول ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آھن. اھي ويس مٽائي پنھنجو پاڻ کي مسيح جي رسولن جھڙو ٿا بڻائين. 14انھيءَ ۾ ڪوبہ عجب ڪونھي، ڇالاءِ⁠جو شيطان بہ ويس مٽائي پنھنجو پاڻ کي ھڪ نوراني ملائڪ جھڙو بڻائي ٿو. 15تنھنڪري جيڪڏھن شيطان جا خادم بہ پنھنجو ويس مٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي خادمن جھڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونھي. پر انھن جي پڇاڙي سندن ڪمن جھڙي ٿيندي.
پولس جا ڏک ڏاکڙا
16آءٌ وري بہ ٿو چوان تہ مون کي ڪوبہ بي⁠وقوف نہ سمجھي. پر جيڪڏھن اوھين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي بي⁠وقوف ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان. 17جيڪي ڪجھہ آءٌ ھاڻي چوان ٿو سو خداوند جي طرفان نہ، بلڪ ڄڻ تہ ھڪ بي⁠وقوف وانگر پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري چوان ٿو. 18جڏھن تہ ٻيا گھڻا ئي ماڻھو جسماني طور فخر ڪن ٿا، تڏھن آءٌ بہ فخر ڪندس. 19ڇالاءِ⁠جو اوھين پاڻ ايترا ڏاھا ھوندي بہ خوشيءَ سان بي⁠وقوفن جون ڳالھيون برداشت ڪريو ٿا. 20ھن ڪري جو جيڪڏھن ڪو اوھان کي غلام ٿو بڻائي، يا اوھان کان غير واجبي فائدو ٿو وٺي، يا اوھان کي دوکو ٿو ڏئي، يا پنھنجي وڏائي ٿو ڪري يا اوھان جي منھن تي چماٽ ٿو ھڻي تہ اوھين برداشت ٿا ڪريو. 21آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور ھئاسين.
پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڳالھہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آھي تہ آءٌ بي⁠وقوفيءَ سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آھيان. 22ڇا ھو ئي عبراني آھن؟ آءٌ بہ آھيان. ڇا ھو ئي بني اسرائيل آھن؟ آءٌ بہ آھيان. ڇا ھو ئي ابراھيم جي نسل مان آھن؟ آءٌ بہ آھيان. 23#رس ۲۳‏:۱۶ ڇا ھو ئي مسيح جا خادم آھن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالھايان ٿو تہ آءٌ انھن کان بھتر خادم آھيان. مون انھن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آھي. آءٌ انھن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رھيو آھيان. مون انھن کان وڌيڪ چھبڪ کاڌا آھن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منھن ۾ ويو آھيان. 24#شر ۳‏:۲۵ مون يھودين جي ھٿان پنج دفعا اوڻيتاليھہ اوڻيتاليھہ چھبڪ کاڌا. 25#رس ۲۲‏:۱۶، ۱۹‏:۱۴ ٽي دفعا مون کي لڪڻن سان مار ملي، ھڪ دفعو پٿر ھنيا ويا، ٽي دفعا سامونڊي جھاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس ۽ ھڪ رات ۽ ھڪ ڏينھن وچ سمنڊ ۾ گذاريم. 26#رس ۲۳‏:۹، ۱۵‏:۱۴ آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رھيو آھيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنھنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شھر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾. 27مون محنت ۽ مشقت ڪئي آھي، اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آھن، بک ۽ اُڃ ۾ اڪثر فاقن ۾ گذاريو آھي ۽ سرديءَ ۽ اگھاڙپ ۾ رھيو آھيان. 28ٻين ڳالھين کان سواءِ ھيءَ ڳالھہ ھر روز مون تي بار وانگر ٿي رھي، يعني سڀني ڪليسيائن جي ڳڻتي. 29ڪنھن کي ڪمزور ڏسي آءٌ ڪمزوري محسوس نہ ٿو ڪريان ڇا؟ جڏھن ڪو گمراھہ ٿو ٿئي تہ ڇا منھنجي دل نہ ٿي جلي؟
30جيڪڏھن مون کي فخر ڪرڻو پيو تہ آءٌ انھن ڳالھين تي فخر ڪندس، جيڪي منھنجي ڪمزوري ظاھر ڪن ٿيون. 31خداوند عيسيٰ جو خدا ۽ پيءُ، جنھن جي ھميشہ تائين واکاڻ ھجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان. 32#رس ۲۳‏:۹‎–۲۵ دمشق جي گورنر، جيڪو اريتاس بادشاھہ جي ھٿ ھيٺ ھو، تنھن مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ دمشقين جي شھر تي پھرو بيھاري ڇڏيو ھو. 33پر آءٌ ھڪڙي دريءَ مان ٽوڪري جي ذريعي ڀت تان ھيٺ لاٿو ويس ۽ ھن جي ھٿان بچي نڪتس.

Currently Selected:

2.ڪرنٿين 11: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy