تعارف
متي عيسيٰ مسيح جي ٻارهن رسولن مان هڪ هو، جنهن جي معرفت اها خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي تہ جنهن ڇوٽڪاري ڏيندڙ جو واعدو خدا ڪيو هو سو عيسيٰ مسيح ئي آهي. هو اهو ئي آهي جنهن جي وسيلي خدا بني اسرائيل سان ڪيل واعدا پورا ڪيا جن جو ذڪر پراڻي عهدنامي ۾ ڪيو ويو آهي. اها خوشخبري رڳو يهودي قوم لاءِ ناهي پر سڄيءَ دنيا لاءِ آهي.
انجيل شريف جي پهرين چئن مقدس ڪتابن يعني متي، مرقس، لوقا ۽ يوحنا کي خوشخبريءَ جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو. متيءَ نالي هن پهرئين مقدس ڪتاب کي سوچ ويچار سان ترتيب ڏنو ويو آهي. انهيءَ جي شروعات عيسيٰ مسيح جي ڄمڻ، بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش جي بيان سان ٿئي ٿي. تنهن کان پوءِ اتر واري علائقي گليل ۾ بني اسرائيل کي شفا ڏيڻ، تعليم ڏيڻ ۽ آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي تبليغ ڪرڻ واري خدمت کي بيان ڪيو ويو آهي. ان بعد هن مقدس ڪتاب ۾ گليل کان يروشلم شهر تائين عيسيٰ مسيح جي مسافريءَ ۽ سندس صليبي موت کان اڳ آخري هفتي جي واقعن جو ذڪر پڻ آهي، جن جي پڄاڻي سندس صليب تي چڙهڻ ۽ وري جيئري ٿي اٿڻ تي ٿئي ٿي.
خوشخبريءَ جو هي مقدس ڪتاب عيسيٰ مسيح کي هڪ اهڙي عظيم استاد جي حيثيت ۾ پيش ڪري ٿو، جيڪو آسمان يعني خدا جي بادشاهيءَ جي باري ۾ پيغام ڏئي ٿو ۽ کيس اهو اختيار حاصل آهي تہ خدا جي شريعت جو مفهوم بيان ڪري. هن مقدس ڪتاب ۾ عيسيٰ مسيح جي تعليمات مان گھڻو ڪجھہ مضمون وار پنجن مجموعن جي صورت ۾ گڏايل آهي: 1. ٽڪر تي وعظ: هي آسمان جي بادشاهيءَ ۾ رهندڙن جي ڪردار، فرضن، برڪتن ۽ حالتن بابت آهي (باب 5–7). 2. ٻارهن رسولن کي سندن تبليغي سفر بابت هدايتون (باب 10). 3. آسمان جي بادشاهيءَ بابت مثالَ (باب 13). 4. عيسيٰ مسيح جي پوئلڳ ٿيڻ جي مراد ۽ مقصد بابت تعليم (باب 18). 5. #1:0 موجودہ آخري زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”آخري زمانو.“ موجودہ آخري زماني جي خاتمي ۽ آخري فيصلي بابت تعليم (باب 24–25).
سِٽاءُ
عيسيٰ مسيح جو شجرو ۽ سندس ڄمڻ 1:1–2:23
حضرت يحيٰ جو منادي ڪرڻ 3:1-12
عيسيٰ مسيح جو بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش 3:13–4:11
گليل علائقي ۾ عيسيٰ مسيح جو خدمت وارو ڪم ۽ تبليغ ڪرڻ 4:12–18:35
گليل کان يروشلم شهر ڏانهن سفر 19:1–20:34
عيسيٰ مسيح جو صليبي موت ۽ ان کان اڳ وارو آخري هفتو 21:1–27:66
عيسيٰ مسيح جو جيئرو ٿي اٿڻ ۽ ڏيکاري ڏيڻ 28:1-20