YouVersion Logo
Search Icon

متي 9

9
اڌرنگي واري ماڻهوءَ کي شفا ڏيڻ
(مرقس 2‏:1‏-12، لوقا 5‏:17‏-26)
1عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ پار ڪري پنهنجي شهر ڪفرناحوم موٽي آيو. 2ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. عيسيٰ هنن جو ايڏو ايمان ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“ 3تنهن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو تہ ڪفر ٿو بڪي.“ 4عيسيٰ سمجھي ويو تہ هو ڇا سوچي رهيا آهن، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون خراب ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟ 5ڇا اهو سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟ 6پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ ابنِ آدم کي زمين تي ماڻهن جا گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو اڌرنگي واري ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“ 7اهو ماڻهو اُٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿيو. 8جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي!
متيءَ کي شاگرد بڻائڻ
(مرقس 2‏:13‏-17، لوقا 5‏:27‏-32)
9 عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان هلندي هن متيءَ نالي هڪ شخص کي پنهنجي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ هن کي سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان هلڻ لڳو.
10 # لو 15‏:1‏-2 پوءِ جڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ دسترخوان تي ويٺي کاڌو، تڏهن ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ گنهگار اچي عيسيٰ ۽ سندس شاگردن سان گڏ کائڻ ويٺا. 11فريسين اهو ڏسي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو استاد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“ 12عيسيٰ هي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”حڪيم جي گھرج تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي هوندي آهي. 13#مت 12‏:7، هوس 6‏:6 سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پاڪ ڪلام جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“
روزن بابت سوال
(مرقس 2‏:18‏-22، لوقا 5‏:33‏-39)
14پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوهان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“ 15تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ روزا رکندا.
16ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي قميص کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي. 17نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنهنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آهي تہ جيئن ٻيئي سلامت رهن.“
ڇوڪريءَ کي جيئرو ڪرڻ ۽ عورت کي شفا ڏيڻ
(مرقس 5‏:21‏-43، لوقا 8‏:40‏-56)
18جڏهن عيسيٰ انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيئري ٿي پوندي.“ 19تڏهن عيسيٰ اٿيو ۽ شاگردن سميت هن سان گڏجي هليو.
20هلندي هلندي هڪڙي عورت، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو تنهن عيسيٰ جي پٺيان اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتو. 21هن دل ۾ اهو سوچيو ٿي تہ ”جيڪڏهن آءٌ رڳو هن جي ڪپڙن کي ئي هٿ لائينديس تہ ڇٽي چڱي ڀلي ٿي پونديس.“ 22تڏهن عيسيٰ ڦري انهيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.
23پوءِ جڏهن عيسيٰ انهيءَ اڳواڻ جي گھر پهتو تڏهن ڏٺائين تہ جنازي تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو آهي. 24اهو ڏسي هن چيو تہ ”ٻاهر نڪري وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڇوڪري مُئي ڪانہ آهي، پر ننڊ پيئي آهي.“ تنهن تي سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. 25جڏهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، تڏهن عيسيٰ ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ڇوڪريءَ کي هٿ کان ورتائين تہ هوءَ اُٿي ويٺي. 26هي واقعو انهيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويو.
ٻن انڌن کي سڄو ڪرڻ
27جڏهن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻهو رڙيون ڪندا سندس پٺيان آيا تہ ”اي دائود جا اولاد! اسان تي رحم ڪريو.“ 28پوءِ عيسيٰ هڪ گھر ۾ پهتو تہ اهي انڌا بہ وٽس آيا. هن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوهان کي يقين آهي تہ آءٌ هي ڪم ڪري سگھان ٿو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنس تہ ”هائو، سائين.“ 29عيسيٰ انهن جي اکين تي هٿ لائيندي چيو تہ ”ائين ئي ٿئي جيڪو اوهان جو يقين آهي.“ 30تڏهن اهي ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ عيسيٰ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”متان اها ڳالهہ ڪنهن کي ٻڌايو.“ 31پر انهن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عيسيٰ جي مشهوري پکيڙي ڇڏي.
هڪ گونگي مان ڀوت ڪڍڻ
32ديد ملڻ کان پوءِ جيئن ئي اهي ٻيئي ٻاهر نڪري رهيا هئا تہ ڪي ماڻهو هڪ اهڙو شخص عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪو ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ هڪ ڀوت هو. 33جڏهن عيسيٰ انهيءَ مان ڀوت ڪڍيو تڏهن اهو گونگو ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. اهو ڏسي خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”اسان بني اسرائيل قوم ۾ اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آهي.“ 34#مت 10‏:25، 12‏:24، مر 3‏:22، لو 11‏:15 پر فريسي چوڻ لڳا تہ ”هو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ماڻهن مان ڀوت ڪڍي ٿو.“
فصل گھڻو پر لاباري وارا ٿورا
35 # مت 4‏:23، مر 1‏:39، لو 4‏:44 پوءِ عيسيٰ آس‌پاس جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گھمندو رهيو. اُتي هو عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي هر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رهيو. 36#ڳا 27‏:17، 1.با 22‏:17، 2.توا 18‏:16، حز 34‏:5، مر 6‏:34 ماڻهن جي انهن ميڙن کي ڏسي عيسيٰ جي دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو ائين ڏکويل ۽ بي‌سهارا هئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ هجن. 37#لو 10‏:2 تنهنڪري هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. 38تنهنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي.“

Currently Selected:

متي 9: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in