YouVersion Logo
Search Icon

متي 7

7
ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو
(لوقا 6‏:37‏-38‏،41‏-42)
1”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ خدا بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙي، 2#مر 4‏:24 ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو. 3اوهين ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟ 4اوهين ڪيئن ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ اوهان جي اک ۾ شهتير پيل آهي. 5اي رياڪارؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو تہ پوءِ اوهين انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.
6 # 7‏:6 پاڪ شيون... موتي... گھڻو ڪري انهيءَ جملي مان مراد اها آهي تہ جنهن جي سوچ دنياوي آهي يا سندس نيت خراب آهي ۽ هو خدا جي بادشاهيءَ جي طلب ۾ نہ‌ آهي، تنهن کي نڪي سمجھہ ۽ نہ وري خواهش آهي جو خدا جي ڳالهين جو قدر ڪري. اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“
گھرو، ڳوليو ۽ کڙڪايو
(لوقا 11‏:9‏-13)
7”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ، 8ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي، سو لهندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ اهو کلندو آهي. 9هاڻي ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو پيءُ آهي جنهن کان سندس ٻار ماني گھري تہ هو پٿر ڏئيس؟ 10يا سندس ٻار مڇي گھري تہ نانگ ڏئيس؟ 11جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ چڱيون شيون اوهان کي ڏيندو جيڪي اوهين کانئس گھرندا!
بنيادي اصول
12 # لو 6‏:31 سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي تعليم جو نچوڙ آهي.“
سوڙهو دروازو
(لوقا 13‏:24)
13”اوهين سوڙهي دروازي مان اندر داخل ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو دروازو ۽ رستو برباديءَ ڏانهن وڃي ٿو سو ويڪرو ۽ ڪشادو آهي ۽ ان مان اندر گھڙڻ وارا گھڻا ئي آهن. 14پر جيڪو دروازو ۽ رستو زندگيءَ ڏانهن وڃي ٿو سو ڪيڏو نہ سوڙهو ۽ تنگ آهي ۽ ڪي ٿورا ئي آهن جن کان اهو لڀي ٿو.“
جهڙو وڻ تهڙو ميوو
(لوقا 6‏:43‏-44)
15”انهن نبي سڏائيندڙن کان هوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن. 16اوهين انهن کي سندن عملن مان سڃاڻي وٺندا، ڇاڪاڻ تہ #7‏:16 ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آهن ۽ نڪي اڪن مان انب هنن سنڌي چوڻين جو مطلب آيت جي اصلي مواد سان ملندڙ جلندڙ آهي. لفظي ترجمو هي آهي ”ڪنڊن مان انگور“ ۽ ”ڪانڊيرن مان انجير.“ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آهن ۽ نڪي اڪن مان انب. 17اهڙيءَ طرح سٺو وڻ ميوو بہ سٺو ڏئي ٿو ۽ خراب وڻ ميوو بہ خراب ڏئي ٿو. 18سٺو وڻ خراب ميوو ڏيئي نہ ٿو سگھي، نڪي خراب وڻ سٺو ميوو ڏيئي سگھي ٿو. 19#مت 3‏:10، لو 3‏:9 جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي سو وڍي باهہ ۾ وجھبو آهي. 20#مت 12‏:33 تنهنڪري اوهين انهن نبي سڏائيندڙن کي سندن عملن مان سڃاڻي سگھندا.“
خدا جي مرضيءَ تي هلو
(لوقا 13‏:25‏-27)
21”جيڪي مون کي ’خداوند، خداوند‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اهي داخل ٿيندا جيڪي منهنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب هلن ٿا. 22قيامت جي ڏينهن گھڻا ئي مون کي چوندا تہ ’اي خداوند! اي خداوند! اسان تنهنجي نالي تي خدا جو پيغام نہ ڏنو ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڪيترائي معجزا نہ ڪيا ڇا؟‘ 23#زب 6‏:8 پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوهان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي خدا جا نافرمانؤ! مون وٽان هليا وڃو.‘“
پائيدار ۽ ناپائيدار گھر
(لوقا 6‏:47‏-49)
24”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي. 25جيتوڻيڪ مينهن ان گھر تي ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تڏهن بہ اهو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ٽڪر تي اڏيل هو. 26پر جيڪو بہ ماڻهو منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو اهڙي بي‌وقوف مثل آهي جنهن پنهنجو گھر واريءَ تي اڏايو هجي. 27ان گھر تي مينهن ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تہ گھر ڪري پيو ۽ تباهہ ٿي ويو.“
عيسيٰ مسيح جو اختياريءَ سان تعليم ڏيڻ
28 # مر 1‏:22، لو 4‏:32 جڏهن عيسيٰ هي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن اتي موجود سڄي خلق سندس تعليم تي حيران ٿي ويئي، 29ڇاڪاڻ تہ هن شريعت جي عالمن وانگر نہ، بلڪ ائين پئي تعليم ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي.

Currently Selected:

متي 7: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in