YouVersion Logo
Search Icon

متي 5

5
ٽڪر تي وعظ ڪرڻ
(5‏:1‏–7‏:29)
1عيسيٰ وڏو ميڙ ڏسي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ جڏهن اتي ويهي رهيو تہ شاگرد سندس چوڌاري مڙي آيا. 2هو کين هي ڳالهيون چوندي تعليم ڏيڻ لڳو.
سچي خوشي
(لوقا 6‏:20‏-23)
3”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن،
ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.
4 # يس 61‏:2 سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏکويل آهن،
ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي تسلي ڏيندو.
5 # زب 37‏:11 سڀاڳا آهن اهي جيڪي تابعدار آهن،
ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي ڌرتيءَ جو وارث ڪندو.
6 # يس 55‏:1‏-2 سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن،
ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.
7سڀاڳا آهن اهي جيڪي ٻين تي رحم ڪن ٿا،
ڇاڪاڻ تہ خدا انهن تي رحم ڪندو.
8 # زب 24‏:3‏-4 سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا صاف آهن،
ڇاڪاڻ تہ اهي خدا کي ڏسندا.
9سڀاڳا آهن اهي جيڪي ماڻهن ۾ صلح ڪرائين ٿا،
ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي پنهنجا ٻار سڏيندو.
10 # 1.پط 3‏:14 سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا،
ڇاڪاڻ تہ اهي آسمان جي بادشاهيءَ جون برڪتون ماڻين ٿا.
11 # 1.پط 4‏:14 سڀاڳا آهيو اوهين، جو ماڻهو منهنجي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن ٿا، ستائين ٿا ۽ اوهان تي هر قسم جون تهمتون ٿا هڻن، 12#2.توا 36‏:16، رس 7‏:52 ڇو تہ اهڙيءَ طرح ئي نبين کي بہ ستايو ويو هو. سو بيحد سرها ۽ خوش ٿيو، ڇاڪاڻ تہ عرش عظيم تي اوهان لاءِ وڏو اجر آهي.“
لوڻ ۽ روشنيءَ جا مثال
(مرقس 9‏:50، لوقا 14‏:34‏-35)
13”اوهين انسانذات لاءِ لوڻ مثل آهيو. پر جيڪڏهن لوڻ پنهنجي لوڻياٺ ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري لوڻياٺو بڻائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آهي. اهو بيڪار ٿي پوندو، تنهنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙيو ويندو.
14 # يو 8‏:12، 9‏:5 جيئن ڪو ٽڪر تي اڏيل شهر نظر کان لڪي نہ ٿو سگھي، تيئن اوهين سڄي جهان لاءِ روشنيءَ مثل آهيو. 15#مر 4‏:21، لو 8‏:16، 11‏:33 ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي، پر هو ان کي ڏياٽيءَ تي ٿو رکي جتان گھر جي هر هڪ ڀاتيءَ کي روشني پهچي ٿي. 16#1.پط 2‏:12 ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پيءُ جي واکاڻ ڪن، جيڪو آسمان تي آهي.“
شريعت بابت تعليم
17”اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ توريت توڙي پاڪ ڪلام جي ٻين لکتن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آءٌ انهن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ، پر مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. 18#لو 16‏:17 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين زمين ۽ آسمان باقي آهن، تيستائين شريعت جو هڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ منسوخ نہ ٿيندو، تان جو سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿي نہ وڃن. 19تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ وڏو سڏبو. 20آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيستائين اوهان جي نيڪي شريعت جي عالمن ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوهين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“
ڪاوڙ خلاف چتاءُ
21 # خر 20‏:13، 21‏:12، شر 5‏:17 ”اوهان ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’خون نہ ڪريو‘ ۽ ’جيڪو خون ڪندو سو عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو.‘ 22پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رهي ٿو سو بہ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو. جيڪو ڪنهن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو ڪائونسل واري عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ۽ جيڪو ڪنهن کي چوندو تہ ’اي ڪافر!‘ سو دوزخ جي باهہ ۾ پوڻ جي لائق ٿيندو. 23تنهنڪري جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجو نذرانو قربان‌گاهہ تي آڻي چاڙهي ۽ اتي ياد پويس تہ سندس ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ جو ڏانهس ڪو رنج آهي، 24تہ پنهنجو نذرانو اتي قربان‌گاهہ جي اڳيان ڇڏي پهريائين وڃي انهيءَ کي پرچائي، پوءِ اچي پنهنجو نذرانو چاڙهي.
25جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ کيس ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ هو واٽ تي ئي ان سان ٺاهہ ڪري ڇڏي، متان اهو فريادي کيس جج جي حوالي ڪري ۽ جج وري کيس سپاهيءَ جي حوالي ڪري ۽ هو جيل ۾ وڌو وڃي. 26آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پوءِ اهو ماڻهو جيستائين ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندو تيستائين ڪنهن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندو.“
زنا خلاف چتاءُ
27 # خر 20‏:14، شر 5‏:18 ”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’زنا نہ ڪريو.‘ 28پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن عورت ڏانهن بري نظر سان ٿو ڏسي، سو پنهنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو. 29#مت 18‏:9، مر 9‏:47 جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي ساڄي اک کيس گمراهہ ڪري تہ هو اها ڪڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو بدن دوزخ ۾ نہ پوي. 30#مت 18‏:8، مر 9‏:43 جيڪڏهن ڪنهن جو ساڄو هٿ کيس گمراهہ ڪري تہ هو ان کي وڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو بدن دوزخ ۾ نہ پوي.“
طلاق خلاف چتاءُ
(متي 19‏:9، مرقس 10‏:11‏-12، لوقا 16‏:18)
31 # شر 24‏:1‏-4، مت 19‏:7، مر 10‏:4 ”اهو بہ چيو ويو هو تہ ’جيڪو بہ پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي، سو انهيءَ کي طلاق نامو بہ لکي ڏئي.‘ 32#1.ڪر 7‏:10‏-11 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بہ پنهنجي زال کي زنا جي ڏوهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو هن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ پوءِ جيڪو انهيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“
قسم کڻڻ خلاف چتاءُ
33 # لاو 19‏:12، ڳا 30‏:2، شر 23‏:21 ”ٻيو اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’خداوند جي آڏو پنهنجا کنيل قسم نہ ڀڃو، پر اهي پورا ڪريو.‘ 34#يع 5‏:12، يس 66‏:1، مت 23‏:22 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ. اوهين نہ آسمان جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اهو خدا جو تخت آهي، 35#يس 66‏:1، زب 48‏:2 نڪي زمين جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا جي پيرن جي صندلي آهي. اوهين نہ يروشلم جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اهو وڏي بادشاهہ خدا جو شهر آهي 36۽ نہ وري پنهنجي سر جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اوهين هڪ وار بہ ڪارو يا اڇو ڪري نہ ٿا سگھو. 37پر قسم کڻڻ جي بدران رڳو ’ها‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آهي.“
بدلو وٺڻ خلاف چتاءُ
(لوقا 6‏:29‏-30)
38 # خر 21‏:24، لاو 24‏:20، شر 19‏:21 ”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘ 39پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو. 40#خر 22‏:26‏-27جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان مان ڪنهن جي قميص هٿ ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ دعويٰ ڪري تہ هو ان کي پنهنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏي. 41جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي ڪو #5‏:41 بيگر ۾ هڪ ڪلوميٽر انهيءَ دور ۾ رومي سپاهين کي اهو اختيار حاصل هو تہ هو ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تائين بيگر ۾ وزن کڻائي وڃي ٿي سگھيا (ڏسو متي 27‏:32، مرقس 15‏:21 پڻ).بيگر ۾ هڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنهن سان هو ٻہ ڪلوميٽر هليو وڃي. 42جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کان ڪو اڌارو گھري تہ هو کيس انڪار نہ ڪري، بلڪ جيڪڏهن ڪو اوهان کان ڪجھہ مفت گھري تہ بہ انهيءَ کي ڏيئي ڇڏيو.“
دشمنن سان پيار
(لوقا 6‏:27‏-28‏،32‏-36)
43 # لاو 19‏:18 ”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’پنهنجي دوستن سان پيار ڪر ۽ پنهنجي دشمنن کان نفرت ڪر.‘ 44پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو، 45تہ جيئن اوهان جو پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو. 46جيڪڏهن اوهين رڳو انهن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تہ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ #5‏:46 ٽيڪس اُڳاڙيندڙ رومي حڪومت جي طرفان يهودي قوم کان ٽيڪس اُڳاڙڻ لاءِ سندن ئي قوم مان ڪي ماڻهو مقرر ڪيل هئا، جن کي ٽيڪس اُڳاڙڻ جي ڪري پنهنجي قوم جا غدار سمجھيو ويندو هو. ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ٽيڪس اُڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا. 47وري جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن جو ڀليڪار ڪريو ٿا تہ اوهان ڪا خاص ڳالهہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇو تہ غير ايمان وارا بہ ائين ئي ڪن ٿا.
48 # لاو 19‏:2، شر 18‏:13 سو اوهين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڪامل آهي.“

Currently Selected:

متي 5: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in