3
حضرت يحيٰ جو منادي ڪرڻ
(مرقس 1:1-8، لوقا 3:1-18، يوحنا 1:19-28)
1ڪجھہ سالن کان پوءِ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻپٽ ۾ منادي ڪندو پئي وتيو تہ 2#مت 4:17، مر 1:15 ”توبهہ ڪريو جو آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“ 3#يس 40:3 يحيٰ اهو ئي هو جنهن لاءِ يسعياہ نبيءَ جي معرفت چيو ويو هو تہ
”رڻپٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ
’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو،
هن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“
4 #
2.با 1:8
يحيٰ کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي. 5هن وٽ يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم کان توڙي اردن درياءَ جي چؤطرف وارن علائقن کان ماڻهو پئي آيا. 6انهن پنهنجا گناهہ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.
7 #
مت 12:34، 23:33 يحيٰ جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟ 8اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي. 9#يو 8:33 ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابراهيم جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا هنن پٿرن مان بہ ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو. 10#مت 7:19 هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو. 11آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان گناهن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو قدرت وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان. 12هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. هو پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڀانڊي ۾ انبار ڪندو، پر بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“
عيسيٰ مسيح جو بپتسما وٺڻ
(مرقس 1:9-11، لوقا 3:21-22)
13پوءِ عيسيٰ گليل علائقي کان اردن درياءَ تي يحيٰ وٽ آيو تہ کانئس بپتسما وٺي. 14پر يحيٰ کيس منع ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس تہ ”مون کي تہ پاڻ اوهان کان بپتسما وٺڻ گھرجي ۽ اوهين وري مون وٽ آيا آهيو؟“ 15تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”فيالحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو.
16سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاهر آيو تہ هن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح هڪ ڪبوتر وانگر هيٺ لهندي ۽ پاڻ تي ويهندي ڏٺائين. 17#پيد 22:2، زب 2:7، يس 42:1، مت 12:18، 17:5، لو 9:35 پوءِ آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“