11
حضرت يحيٰ جا قاصد
(لوقا 7:18-35)
1جڏهن عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي هدايتون ڏيئي چڪو تڏهن هو اتان روانو ٿيو، تہ جيئن ويجھن شهرن ۾ وڃي تعليم ڏئي ۽ تبليغ ڪري.
2هاڻي جڏهن يحيٰ جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ هن پنهنجا ڪي شاگرد عيسيٰ ڏانهن موڪليا. 3هنن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ 4تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنن تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهين ٻڌو ۽ ڏسو ٿا سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ 5#يس 35:5-6، 61:1 انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي. 6سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“
7جڏهن اهي هليا ويا تہ عيسيٰ ميڙ کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻپٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪنهن ڪاني کي؟ 8پر آخر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ڪنهن ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي بادشاهن جي محلن ۾ هوندا آهن. 9پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا هڪ نبيءَ کي؟ ها تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي. 10#ملا 3:1 بلڪ يحيٰ ئي اهو آهي جنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ
’ڏس، آءٌ پنهنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو،
تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘
11آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ ماءُ جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ آسمان جي بادشاهيءَ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يحيٰ کان بہ وڏو آهي. 12#لو 16:16 يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي تبليغ کان وٺي هن وقت تائين آسمان جي بادشاهيءَ تي ڏاڍائي پئي ٿي آهي ۽ ڏاڍا ماڻهو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. 13اها ڳالهہ توريت توڙي سڀني نبين جي لکتن ۾ يحيٰ جي وقت تائين اڳڪٿي ڪري ٻڌائي ويئي هئي. 14#ملا 4:5، مت 17:10-13، مر 9:11-13 جيڪڏهن اوهين اعتبار ڪريو تہ الياس نبي، جيڪو اچڻ وارو هو سو هي يحيٰ ئي اٿوَ. 15جنهن کي بہ ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“
16هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جي ماڻهن کي آءٌ ڪنهن سان ڀيٽيان؟ اهي تہ اهڙن ٻارن وانگر آهن جيڪي بازارن ۾ ويهي هڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ
17’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون،
پر اوهين نچيا ئي ڪين.
اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا،
پر اوهين رنا ئي ڪين.‘
18ساڳيءَ طرح جڏهن يحيٰ روزي جي ڪري اڪثر نہ کاڌو ٿي، نہ پيتو ٿي، تڏهن ماڻهن چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘ 19پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي خدا جي حڪمت سچي ثابت ٿئي ٿي.“
بياعتقاد ماڻهن تي مصيبت
(لوقا 10:13-15)
20جن شهرن ۾ عيسيٰ تمام گھڻا معجزا ڏيکاريا هئا ۽ ان جي باوجود بہ اتي جي ماڻهن پنهنجن گناهن کان توبهہ نہ ڪئي هئي، تن کي ننديندي هن چيو تہ 21#يس 23:1-18، حز 26:1–28:26، يوا 3:4-8، عا 1:9-10، زڪ 9:2-4 ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيتصيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪن ها. 22آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن اوهين صور ۽ صيدا جي ماڻهن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا. 23#يس 14:13-15، پيد 19:24-28 اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آسمان کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم شهر ۾ ڪيا وڃن ها تہ اهو بہ جيڪر اڄ ڏينهن تائين قائم هجي ها. 24#مت 10:15، لو 10:12 تہ پوءِ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن اوهين سدوم شهر وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.“
خدا جا احسان مڃڻ
(لوقا 10:21-22)
25انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. 26هائو، اي بابا! اهو سڀ تنهنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“
27 #
يو 1:18، 3:35، 10:15 شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.
مذهبي فرضن جي ادائگيءَ واري بار کان آرام
28اي اوهين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آهيو! مون وٽ اچو، آءٌ اوهان کي آرام ڏيندس. 29#ير 6:16 منهنجي ئي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان. ائين ڪرڻ سان اوهان کي آرام ملندو، 30ڇاڪاڻ تہ منهنجي پاڃاري فضل واري آهي ۽ منهنجو بار هلڪو آهي.“