YouVersion Logo
Search Icon

صفنياہ 3

3
1افسوس آهي انهي شهر تي، جو فسادي، ۽ پليت، ۽ ظالم آهي. 2هن حڪم نہ مڃيو؛ هن سيکت نہ ورتي؛ هن خداوند تي ڀروسو نہ رکيو؛ هو پنهنجي خدا جي ويجهو نہ ويو. 3سندس امير انهن جي وچ ۾ گجندڙ شينهن آهن؛ ان جا قاضي رات جي بگهڙ وانگر آهن: اُهي صبح تائين ڪي بہ ڪين ٿا ڇڏين. 4هن جا نبي هلڪا ۽ دغاباز شخص آهن؛ ان جي ڪاهنن پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ شريعت جي برخلاف هلت ڪئي اٿن. 5ان جي وچ ۾ خداوند سچو آهي؛ اُهو بي انصافي نہ ڪندو؛ هر روز صبح جو هو پنهنجي عدالت ظاهر ڪري ٿو ۽ ڪڏهن بہ گُسي نٿو، پر بي انصاف ماڻهوءَ کي شرم ڪونهي. 6مون قومن کي وڍي ڇڏيو آهي، ان جا ڪنگرا ويران پيا آهن؛ مون سندن گهٽيون اهڙيون سُڃيون ڪري ڇڏيون آهن جو اُتان ڪوبہ ڪونہ ٿو لنگهي؛ انهن جا شهر اهڙا ناس ٿي ويا آهن جو انهن ۾ ڪوبہ ماڻهو رهڻ وارو ڪونهي. 7مون چيو تہ يقيناً تون مون کان ڊڄندين، تون سيکت قبول ڪندين؛ تہ من تنهنجي رهڻ جي جڳهہ ڊاهي نہ وڃي، جيئن سندس لاءِ مون حڪم ڪيو هو: پر هو سوير ئي اُٿيا ۽ پنهنجا سڀ بڇڙا ڪم ڪيائون. 8تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي لاءِ انهيءَ ڏينهن تائين ترسو، جنهن ڏينهن آءٌ اُٿي انهن جو شڪار ڪريان: ڇالاءِ جو منهنجو ارادو آهي تہ آءٌ قومن ۽ بادشاهتن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهن تي پنهنجو غصو ۽ پنهنجو سخت قهر ڇنڊيان؛ ڇالاءِ جو سڄي زمين منهنجي غيرت جي باهہ سان چٽ ڪئي ويندي. 9انهي کان پوءِ آءٌ وري ماڻهن جي زبان پاڪ ڪندس، تہ هو سڀ خداوند کان دعا گهرن، ۽ هڪ دل ٿي هن جي عبادت ڪن. 10ڪوش جي ندين جي پريان، منهنجا سوالي، يعني منهنجي ٽڙي پکڙي ويلن جي ڌيءَ منهنجي قرباني آڻيندي. 11انهيءَ ڏينهن تون پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندي نہ ٿيندينءَ ڇا، جن سان تو منهنجو گناهہ ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو تڏهن آءٌ تنهنجي وچ مان سڀني مغرورن کي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ تون منهنجي پاڪ جبل تي وري مغروري نہ ڏيکاريندينءَ. 12پر آءٌ تنهنجي وچ ۾ هڪڙي ڏکويل ۽ غريب قوم ڇڏيندس، جا خداوند جي نالي تي ڀروسو رکندي. 13اسرائيل جا باقي رهيل ماڻهو بڇڙائي نہ ڪندا ۽ نڪي ڪوڙ ڳالهائيندا: نڪي انهن جي وات ۾ دغاباز زبان ڏني ويندي؛ ڇالاءِ جو هو کائيندا، ۽ سمهي رهندا، ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو. 14اي صيون جي ڌيءَ، ڳاءِ، اي اسرائيل، للڪار؛ اي يروشلم جي ڌيءَ، پنهنجي سڄي دل سان سرهي ٿي ۽ خوشي ڪر. 15خداوند تنهنجون سزائون کڻي ويو آهي، هن تنهنجي دشمن کي اُڇلائي ڇڏيو آهي: اسرائيل جو بادشاهہ، يعني خداوند، تنهنجي وچ ۾ آهي: هن کان پوءِ توکي خرابيءَ جو ڪوبہ ڊپ ڪونهي. 16انهي ڏينهن يروشلم کي چيو ويندو تہ تون نہ ڊڄ، ۽ صيون کي تہ تون پنهنجا هٿ ڍرا ٿيڻ نہ ڏي. 17خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، جو طاقت وارو آهي ۽ بچائيندو: اُهو خوشيءَ سان تو تي خوشي ڪندو: هو پنهنجي محبت ۾ آرام ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو. 18آءٌ انهن تنهنجن ماڻهن کي، جن عيدن لاءِ ماتم ٿي ڪيو ۽ جن بدنامي سَٺي آهي، تن کي گڏ ڪندس. 19ڏس، انهيءَ وقت آءٌ انهن کي سزا ڏيندس، جي توکي ستائين ٿا: ۽ جيڪا منڊڪائي ٿي تنهن کي بچائيندس؛ ۽ جيڪا هڪالي ڪڍي ويئي هئي، تنهن کي گڏ ڪندس؛ ۽ جن جي سڄي دنيا ۾ خواري هئي، تن کي تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس. 20انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي اندر وٺي ايندس، ۽ انهي وقت آءٌ اوهان کي گڏ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ اوهانجين اکين اڳيان اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس، تڏهن آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني قومن ۾ تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس.

Currently Selected:

صفنياہ 3: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in