YouVersion Logo
Search Icon

صفنياہ 2

2
1اي بي شرم قوم، اوهين پاڻ کي گڏ ڪريو، هائو گڏ ٿيو. 2حڪم نڪري تنهن کان اڳي، ۽ ڏينهن تُهن وانگي لنگهي وڃي تنهن کان اڳي، ۽ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اوهان تي اچي تنهن کان اڳي، ۽ ڪاوڙ جو ڏينهن اوهان تي اچي تنهن کان اڳي. 3زمين جا سڀ حليم، يعني اوهين گڏ ٿيو، جن خداوند جو حڪم بجا آندو آهي، ۽ هن کي ڳوليو؛ سچائي ۽ حلم کي ڳوليو: امڪان آهي تہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن اوهين لڪايا وڃو. 4ڇالاءِ جو غزہ سُڃو ٿي ويندو، ۽ اسقلون ويران ٿي ويندو: هو اشدود کي ٻپهرن جو ٻاهر هڪالي ڪڍندا، ۽ عقرون پاڙان پَٽيو ويندو. 5سمنڊ جي ڪناري جي رهاڪن، يعني ڪريتين جي قوم لاءِ ويل آهي! اي ڪنعان، فلستين جي زمين، خداوند جو ڪلام اوهان جي برخلاف آهي؛ آءٌ توکي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. 6سمنڊ جو ڪنارو چراگاهہ ٿي ويندو، بلڪ ريڍارن لاءِ جهوپڙيون، ۽ ڌڻن جا واڙا ٿيندو. 7۽ اهو ئي ڪنارو يهوداہ جي باقي رهيلن جي لاءِ ٿيندو؛ انهي تي هو پنهنجا ڌڻ چاريندا: اسقلون جي مڪانن ۾ هو شام جو اچي سمهندا؛ ڇالاءِ جو خداوند سندن خدا سندن سار لهندو، ۽ سندن قيدي موٽائي آڻيندو. 8مون موآب جي خواري ڏٺي آهي، ۽ بني عمون جا طعنا، جن سان هنن منهنجي قوم کي مهڻا ٿي ڏنا، ۽ انهن جي سرحدن ۾ پاڻ کي وڌايو اٿن. 9تنهنڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ موآب ضرور سدوم جهڙو ٿيندو ۽ بني عمون عمورہ جهڙو؛ يعني ڪنڊن جي جاءِ، ڪلر ۽ مدامي ويراني ٿيندو: منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو انهن کي ڦُريندا لُٽيندا، ۽ منهنجي اُمت جا باقي رهيل ماڻهو انهن جا وارث ٿيندا. 10اهو سندن مغروريءَ جي سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي اُمت جي برخلاف طعنا هنيا آهن ۽ پاڻ کي وڏو چوايو اٿن. 11خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا. 12اي ڪوش جا رهاڪو، اوهين بہ منهنجي ترار سان قتل ڪيا ويندا. 13۽ هو اُتر ڏانهن پنهنجو هٿ وڌائيندو ۽ اسور کي ناس ڪندو؛ ۽ نينوہ کي ويران ڪري، بيابان جهڙو خشڪ ڪندو. 14سڀني قسمن جا جانور ۽ ڌڻ انهي ۾ اچي ليٽندا: ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي پيڻ پکي ۽ سيڙهہ اچي آکيرا ٺاهيندا، ۽ سندن آواز درين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو؛ ويراني چانئٺن تي پوندي، ڇالاءِ جو هن ديودار جي ڪاٺ جو ڪم اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي. 15هي اُهو خوشي ڪندڙ شهر آهي جو بي فڪر رهندو هو، ۽ جو پنهنجي دل ۾ چوندو هو، تہ آءٌ ئي آهيان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي: ڪيئن نہ هو ويران ۽ جانورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿي پيو آهي! جيڪو انهيءَ جي پاسي کان لنگهندو سو شوڪارا ڀريندو ۽ پنهنجو هٿ لوڏيندو.

Currently Selected:

صفنياہ 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in