YouVersion Logo
Search Icon

ذڪرياہ 8

8
1۽ لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي صيون لاءِ سخت غيرت آهي، ۽ انهيءَ غيرت ڪري آءٌ سخت ڪاوڙيل آهيان. 3خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ صيون ۾ موٽي آيو آهيان، ۽ يروشلم ۾ رهندس: ۽ يروشلم جو نالو سچائيءَ جو شهر سڏبو؛ ۽ لشڪرن جي خداوند جو جبل، پاڪ جبل سڏبو. 4لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ يروشلم جي گهٽين ۾ پير مرد ۽ زالون پنهنجي ٻڍاپي جي سبب ڪري پنهنجي لڪڻ تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ڏسڻ ۾ ايندا. 5۽ شهر جا رستا راند ڪندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀريل هوندا. 6لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اها ڳالهہ قوم جي باقي بچيلن جي نظر ۾ اُنهن ڏينهن ۾ عجيب ڏسڻ ۾ ٿي اچي، تہ بہ اها منهنجي نظر ۾ ڪا عجيب ڳالهہ آهي ڇا؟ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي. 7لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ پنهنجي قوم کي اُڀرندي ۽ اُلهندي جي ملڪن کان بچائيندس: 8۽ آءٌ انهن کي موٽائي آڻيندس، ۽ هو وري يروشلم ۾ رهندا؛ ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ سچائيءَ ۽ صداقت سان سندن خدا ٿيندس. 9لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين جي هن وقت نبين جي معرفت ڪلام ٻُڌو ٿا، جي اُنهن ڏينهن ۾ هئا، جن ڏينهن ۾ لشڪرن جي خداوند جي گهر، يعني هيڪل جو بنياد وڌو ويو هو تہ اُهو ٺاهيو وڃي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو. 10ڇالاءِ جو انهن ڏينهن کان اڳ، نہ انسان جي لاءِ مزوري هئي، ۽ نہ جانورن لاءِ ڀاڙو؛ نڪا ايندڙ ويندڙ لاءِ دشمنن جي ڪري سلامتي هئي: ڇالاءِ جو مون هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪيو هو. 11پر هاڻي آءٌ هن قوم جي باقي بچيلن سان اهڙو سلوڪ نہ ڪندس، جهڙو اڳين ڏينهن ۾ ڪيو هوم، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي. 12پر اڳتي پوک سلامتيءَ سان ٿيندي؛ ڊاک پنهنجو ڦر ڏيندي، ۽ زمين ۾ فصل ٿيندو، ۽ آسمان مان ماڪ پوندي: ۽ آءٌ قوم جي باقي بچيلن کي انهن سڀني شين جو ورثو ڏيندس. 13اي يهوداہ ۽ اسرائيل جا گهراڻا، اوهين جي ٻين قومن ۾ لعنتي هئا، تن کي آءٌ بچائيندس، ۽ اوهين برڪت جو باعث ٿيندا: ڊڄو نہ، پر پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو. 14ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جهڙي طرح اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڪاوڙايو ۽ مون اوهان تي برائي آڻڻ جو خيال ڪيو، ۽ آءٌ پنهنجي خيال تان نہ لٿس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ 15اهڙيءَ طرح مون هنن ڏينهن ۾ يروشلم ۽ يهوداہ جي گهراڻي سان ڀلائي ڪرڻ جو خيال ڪيو آهي: تنهنڪري ڊپ نہ ڪريو. 16پر ضرور آهي تہ اوهين هي ڳالهيون ڪريو؛ هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالهائي؛ ۽ پنهنجن دروازن ۾ سچائيءَ سان، صلح سلامتيءَ جي عدالت ڪريو: 17۽ ڪوبہ پنهنجي دل ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ لاءِ بڇڙو خيال نہ ڪري؛ ۽ نڪي ڪوڙي قسم کي عزيز رکي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن سڀني ڳالهين کان مون کي نفرت آهي.
18لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 19لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ چوٿين، ۽ پنجين، ۽ ستين، ۽ ڏهين مهيني جو روزو يهوداہ جي گهراڻي جي لاءِ خوشي ۽ خورميءَ جو ڏينهن ۽ شادمانيءَ جي عيد ٿيندي؛ تنهنڪري سچائيءَ ۽ صلح سان محبت رکو. 20لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ وري قومن ۽ گهڻن شهرن جا رهاڪو ايندا: 21۽ هڪڙي شهر جا رهاڪو ٻئي شهر جي ماڻهن کي وڃي چوندا تہ هلو تہ اسين جلد هلي خداوند کان مهر گهُرون، ۽ لشڪرن جي خداوند کي ڳوليون: آءٌ بہ هلان ٿو. 22هائو، گهڻيئي قومون ۽ زبردست حڪومتون لشڪرن جي خداوند کي يروشلم ۾ ڳولڻ اينديون، ۽ خداوند کان مهر گهُرنديون. 23لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.

Currently Selected:

ذڪرياہ 8: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in