YouVersion Logo
Search Icon

ذڪرياہ 3

3
1۽ هن مون کي سردار ڪاهن يشوع، خداوند جي فرشتي جي اڳيان بيٺل ڏيکاريو، ۽ شيطان اُن جي ساڄي هٿ جي پاسي ساڻس مقابلو ڪرڻ لاءِ بيٺو هو. 2۽ خداوند شيطان کي چيو، تہ اي شيطان، خداوند توتي ملامت ڪري، هائو، خداوند جنهن يروشلم کي پسند ڪيو آهي، سو تو تي ملامت ڪري. هيءَ اُها اُماڙي آهي ڇا جا باهہ مان بچائي ويئي آهي؟ 3هاڻي يشوع کي گندا ڪپڙا پيا هئا، ۽ هو فرشتي جي اڳيان بيٺو هو. 4پوءِ هن اُهي جي سندس سامهون بيٺا هئا، تن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هن جا گندا ڪپڙا هن تان لاهيو: ۽ هن کي چيائين تہ ڏس مون تنهنجي بدڪاري تو تان لاهي ڇڏي آهي، ۽ آءٌ توکي سهڻا ڪپڙا ڍڪائيندس. 5۽ مون چيو، تہ ڀلي هن جي مٿي تي چڱي پڳ آڻي ٻڌن. انهيءَ موجب هنن هڪڙي سٺي پڳ هن جي مٿي تي آڻي ٻڌي، ۽ ڪپڙا ڍڪيائونس؛ ۽ خداوند جو فرشتو پاسي ۾ بيٺو رهيو. 6۽ خداوند جي فرشتي يشوع کي تاڪيد ڪري چيو، تہ 7لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون منهنجي راهہ ۾ هلندين ۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪندين، تہ تون بہ منهنجي گهر تي حڪم هلائيندين، ۽ منهنجي ايوان جي سنڀال ڪندين، ۽ آءٌ توکي هي جيڪي بيٺا آهن، تن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڏيندس. 8هاڻي اي يشوع، سردار ڪاهن، تون ۽ جيڪي تنهنجا سنگتي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن سي ٻڌو: ڇالاءِ جو هي اُهي ماڻهو آهن جي نشاني آهن؛ ڇالاءِ جو ڏس آءٌ پنهنجي ٻانهي، يعني شاخ کي آڻيان ٿو. 9ڇالاءِ جو اهو پٿر ڏس جو مون يشوع جي اڳيان رکيو آهي؛ هڪڙي پٿر کي ست اکيون آهن: ڏس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ان تي نقش اُڪريندس ۽ آءٌ هڪڙي ڏينهن ۾ انهيءَ زمين جو سڄو گناهہ مٽائيندس. 10انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڊاک ۽ انجير جي وڻ هيٺان سڏيندو.

Currently Selected:

ذڪرياہ 3: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in