YouVersion Logo
Search Icon

ذڪرياہ 13

13
1انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو. 2۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بُتن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي وري ڪوبہ ياد نہ ڪندو: ۽ آءٌ انهن جي نبين، ۽ ناپاڪ روح کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس. 3۽ جڏهن ڪوبہ پيشنگوئي ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، سي چوندس تہ تون جيئرو نہ رهندين؛ ڇالاءِ جو تون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائين: ۽ جڏهن هو نبوت ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، کيس قتل ڪندا. 4۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو نبين مان نبوت ڪندو، سو پنهنجي رويا کان شرمندو ٿيندو؛ ۽ نڪي هو ٺڳڻ لاءِ، وارن جي چادر ڍڪيندا. 5پر هو چوندو تہ آءٌ نبي نہ آهيان، ڇالاءِ جو آءٌ ننڍپڻ کان غلام ٿي رهيو آهيان. 6۽ جڏهن ڪو پڇندس تہ هي زخم تنهنجن هٿن تي ڪٿان آيا؟ تہ بہ هو ورندي ڏيئي چوندو تہ هي اُهي زخم آهن، جن سان آءٌ پنهنجن دوستن جي گهر گهايو ويس.
7لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس. 8۽ هيئن ٿيندو تہ سڄي ملڪ مان ٻہ حصا قتل ٿي ويندا ۽ مرندا، ۽ باقي ٽيون حصو بچي ويندو. 9۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.

Currently Selected:

ذڪرياہ 13: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in